• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٿر جو ڏڪر ۽ حڪومت جي مجرماڻي غفلت!

منصور سرور

سينيئر رڪن
لطف پيرزادو
People-of-Thar.jpg

جيڪا حڪومت عوام جي ووٽن سان چونڊجي اقتدار ۾ ايندي آهي، اها عوامي سڏبي آهي، ڇو ته ان کي عوام جي اڪثريت ووٽ ڏئي اعليٰ ايوانن تائين پهچائيندي آهي. ان ڪري اها حڪومت عوام آڏو جوابدار هوندي آهي. عوام ئي ان جو احتساب ڪندو آهي، ان کان مسئلن تي جواب طلبيءَ جو حق محفوظ رکندو آهي. پر اسان وٽ الٽي گنگا وهندي آهي، اسان جا وڏيرا ۽ سردار، حڪمران جيئن پنهنجن ڳوٺن ۾ عام خلق کي ” ڪت خلق“ سڏيندا آهن ايوانن ۾ به انهن جا اهڙائي رويا هوندا آهن. نتيجي ۾ ماڻهو روڊن تي نڪري ايندا آهن، احتجاج ڪندا آهن، پنهنجو پاڻ کي ساڙيندا آهن، پر مجال جو هنن جي ڪن تي ڪا جونءَ به چري. ان وقت هي گونگا ٻوڙا ۽ انڌا ٿي ويندا آهن، ٽي وي ريڊيو ۽ اخباري نمائندن اڳيان وري نڪ جي پڪائيءَ سان پنهنجين ناڪام پاليسين ۽ بيڪار حڪمرانيءَ کي مثالي ۽ انقلابي سڏڻ ۾ ٽڪي جو شرم به محسوس ناهن ڪندا. جڏهن ته زميني حقيقتون ان جي ابتڙ هونديون آهن. ٻئي ڪنهن سڌريل، جمهوري ملڪ ۾ جيڪڏهن ايترا ٻار، بک ۽ بيماريءَ وگهي مرن ها، جيترا ٿر ۾ مئا آهن، ته اتان جي حڪومت پنهنجي غلطي تسليم ڪندي، خود بخود مستفي ٿي وڃي ها. هي آهن جو اسٽيج ۽ ٽي وي اسڪرين تي جهمريون پائي رهيا آهن، ته اسان هينئن ڪيو، اسان هونءَ ڪيو، اسان هيترا ڦاڙها ماريا آهن. سرڪاري آفيسرن جون رپورٽون ۽ سمريون وزير اعليٰ هائوس ۾ پئي، گم ٿي ٿيو وڃن، انهن جو ڪو اتو پتو نٿو پئي ته اهي ڪهڙي گندجي ٽوڪريءَ جو کاڄ بنيون آهن.

ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ ايل بي او ڊيءَ مان سم جو پاڻي کڻڻ لاءِ ڪئنال ۽ شاخون تعمير ٿي رهيون آهن، پر اهو پاڻي جيڪڏهن سنڌو نديءَ جي ڪنهن واهه مان کنيون وڃي ها ته اهو ماڻهن جي زندگي بچائڻ جي ڪتب اچي سگهي ها. ان تي پوکي راهي به ٿئي ها. اڳوڻي رليف ڪمشنر علم الدين بلو ڪهڙي نه ٺوس ۽ وقتائتي ڳالهه ڪئي هئي ته ” ٿر جي مسئلي جو حل مٺو پاڻي آهي، اهو اوهان اتي پهچايو ته سڄو ٿر نخلستان ٿي پوندو“ آسمان ڏانهن ڏسڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو. ٿر جي بک ۽ بدحاليءَ خيرات ۾ ملندڙ ڪڻڪ ۽ دوائون مسئلي جو حل ناهي، مسئلي جو حل اهو آهي ته، اتي اوهان اهڙو بندوبست ڪريو جيئن پيئڻ ۽ پوکڻ لاءِ مٺو پاڻي پهچي، پوءِ اهو سنڌو نديءَ مان کڻو، يا ٿرجي جيالا جيڪل سروي ڪرائي، زير زمين پاڻيءَ جي ذخيرن جي تلاش ڪري، ان کي بجليءَ وسيلي استعمال لائق بنايو، ٿر مان ڪوئلي لڀڻ کان پوءِ ڏڪر کان وڌيڪ خطرو، ٻاهرين آبادڪاريءَ جو پيدا ٿيڻو آهي، جيڪو ٿرين کي خانه بدوش زندگي بسر ڪرڻ تي مجبور ڪندو، ڪراچيءَ جيئان ڌاريءَ آباديءَ لاءِ ٿر ۽ سئي گئس، بجلي، روڊ ۽ ٻيون سڀ بنيادي سهوليتون پهچايون وينديون، ڇو ته اتي آسماني مخلوق جو اچي وارد ٿيندي. باقي ويچارن ٿرين لاءِ ڪا به سهوليت ڪانهي. هن ملڪ ۾ سنڌي ۽ بلوچ ٻئي درجي جا شهري ليکيا ويندا آهن. ڏورانهن ۽ خاص ڪري باراني علائقن کي ته هن ملڪ ۾ ايندڙ هر حڪومت ايتري قدر نظر انداز ڪندي آهي، ڄڻ اُهي هن ملڪ جو حصو ئي نه هجن. اسان جي صوبي ۾ سنڌ ايرڊ زون اٿارٽيءَ کي قائم ٿئي ويهارو کن سال ٿيا هوندا، پر هن ڪو ٻوٽو ناهي ٻاريو، ٿر، ڪوهستان، ڪاڇي ۽ اڇڙي ٿر ۾ ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ انهن جي مٿان خرچين تي ڪروڙين روپين جو بجيٽ خرچ ڪري رهي آهي.

ڪاڇي پيئي ڪوڪ، سچ ڪ سگهارن لڏيو،

مادر! اوءِ ملوڪ، اٺي ويڙا اڪري.

ڪاڇي ۽ بلوچستان جي علائقن مان جڏهن لاهوتين جو گذر ٿيندو آهي ته هر سال خراب پاڻي واپرائڻ سبب ڪيترائي لاهوتي مري ويندا آهن. اتي رهندڙ ماڻهن جي ڪهڙي حالت ٿيندي هوندي، پيٽ جون بيماريون ۽ ٻين وچڙندڙ بيمارن جو انهن ۾ هجڻ فطري ڳالهه آهي. سکر شهر ۾ هڪ صحت تي سيمينار ۾ ڊاڪٽرن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته، خراب ۽ ڪوڙي پاڻيءَ واپرائڻ سان چمڙيءَ ۽ پيٽ جون بيماريون وڌن ٿيون. ڇيڻن ۽ آلين ڪاٺين تي رڌ پچاءُ ڪندڙ عورتن ۾، ساهه، دمي، ۽ ڦڦڙن جون بيماريون ٿين ٿيون. پر تشدد حالتن ۽ وڌندڙن مهانگائيءَ سبب ذهني بيماريون وڌن ٿيون. اسان جي حڪومت اهو سڀ ڪجهه في سبيل الله عوام لاءِ ڪري رهي آهي، اهو به هڪ برٿ ڪنٽرول ۽ آباديءَ جي واڌ کي گهٽائڻ جو ڪارائتو نسخو آهي. جنهن تي حڪومت عمل پيئرا آهي، روزانو اخبارڻ ۾ خودڪشين، ٻارن وڪڻڻ ۽ پاڻ ساڙڻ واريون خبرون پڙهي، هر باضمير شهريءَ جي ننڊ، سڪون ۽ ماني حرام ٿيو وڃي. ٿر لاءِ وري چون ته اهو دشمن ملڪ جي ڀرسان آهي تنهن ڪري اتي ڪا ترقي ڪرڻ يعني دشمن کي دعوت ڏيڻ جي برابر آهي. ٿر جي هڪ مخصوص علائقي کي دشمن ايراضي يعنيٰ ” اينيمي زون“ سڏيو ويندو آهي. ڪوئلي ملڻ کان پوءِ، ٿر لاءِ موٽر وي، هوائي اڏو، سئي گيس، بجلي ۽ پاڻي جو بندوبست ڪيو پيو وڃي، ڌارين آباديءَ کي اتي آباد ڪرڻ لاءِ وري هنن جو دليل آهي ته اهي ماهر ۽ ڄاڻو آهن. هاڻي کان ئي قبضا گير ٽولا، ٿر جي زمين سستي اگهه تي خريد ڪري رهيا آهن، يا وري سرڪاري زمين ۽ چراگاهن تي قبضا ڪري اتي ڪالونيون آباد ڪري رهيا آهن. بکن ۾ پاهه ٿيندڙ جانور سستي اگهه تي خريد ڪري رهيا آهن. شايد اهڙن ئي عوام دشمن حڪمرانن لاءِ ڀٽائي صاحب لکيو آهي ته:

جت سي لوڙائو ٿيا، جنين سندي ڏير،

ماروئڙا! فقير، ڪنهن درد ڏيندا دانهڙي.

ملڪ جا حڪمران جيڪي پنهنجي عوام جا رکوال ۽ سنڀاليندڙ هوندا آهن، اهي جي ڌاڙيل ۽ ڦورو بنجي پون، ماڻهن جي حقن، قدرتي وسيلن ۽ انهن جي زمينن کي ڦرين ۽ لٽين ته اهي مارو ماڻهو، جيڪي اڳ ئي فقيرن جهڙي زندگي بسر ڪري رهيا آهن، ته پوءِ هو پنهنجي مٿان ٿيندڙ ظلم ۽ ناانصافيءَ جي دانهن ڪنهن کي ڏيندا؟ تڏهن ته سنڌيءَ ۾ چوڻيون جڙيون ته ”زور آڏو زاري“ ۽ ” مِٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ“ ٽٺل ۽ وسوڙيل ماڻهو جي ماٺ نه ڪندو ته ويتر مصيبت ۾ پوندو. ٻيو چوندا آهن ته ” ادا! لوڙهو ٿو پوک کي کائي“ پنهنجي فصل کي بچائڻ لاءِ جيئن لوڙهو هڻبو آهي، اهڙي طرح عوام ووٽ ذريعي پنهنجن حقن، وسيلن ۽ مسئلن جي حل لاءِ پنهنجا نمائندا چونڊي اسيمبلين ۾ موڪليندو آهي. اهي ئي نمائندا انهن جا ويري ۽ دشمن بنجي، پنهنجون تجوڙيون ڀريندا آهن، پرڏيهه ۾ ملڪيت محفوظ ڪندا آهن ۽ پنهنجن ٻارن کي يورپ جهڙي ملڪن ۾ تعليم ڏياريندا آهن پر پنهنجي تڪ ۾ اسڪول ناهن کوليندا. هنن کي نه پنهنجا ووٽ ياد رهندا آهن. نه انهن جا مسئلا، اسان جي سڄي ملڪ خاص ڪري سنڌ صوبي سان اها ويڌن آهي. ته پوءِ ٿر جهڙي ڏورانهين علائقي کي ڪير پڇندو؟ سر مارئي ۽ ڀٽائي صاحب مارئيءَ واتان ٿر جي ماڻهن جي وڪالت ڪندي انهن جي ڳڻن، خودداري، پر امن رهڻ واري عادت ۽ حڪمرانن کان ڊڄڻ واري عادت جون ڳالهيون پنهنجي ڏات وسيلي، اهڙي ته انداز ۽ ٻوليءَ ۾ ڪيون آهن جو حڪمرانن سان نفرت ۽ انهن مارو ماڻهن سان پيار ۽ همدردي پيدا ٿيو پوي.

عمر! اوءِ نه عاق، ڏکيا جم ڏکوئين،

هتي عاق لفظ عربي ٻوليءَ جو لفظ استعمال ڪيو اٿس. جيڪو اسان جي عدالتي زبان ۾ پڻ استعمال ٿيندو آهي. ڪو ماڻهو پنهنجي ٻار کي پنهنجي ملڪيت مان بيدخل ڪندو آهي ۽ ان سان بيزاريءَ جو اعلان ڪندو آهي ته ان کي چوندا آهيون، ڦلاڻي ڦلاڻي کي عاق ڪري ڇڏيو آهي. ڏکيا جم ڏکوئين، لکي هُن کي احساس ٿو ڏياري ته اهو اڳ ئي ڏکويل آهن، انهن کي ويتر ڏک ڇو ٿو ڏين؟

سڀئي تنهنجو سومرا، ويٺا ڳنهن نانءُ،

سنڪي سندي سومري! هڏن چاڙهيم ساهه

سرتيون دعا ڪجاهه، ته ڀرم ڀارو ڙي رهي.

جي ڀيل نه ڀيلين، سي ڪوهه رنجائين سومرا!ٰ

اي! وقت جا حاڪم، مارو ماڻهو ته هر وقت تنهنجو ئي نالو پيا کڻن، تنهنجي خوف، ڊڄ ۽ ڏهڪاءُ کان هو لڱن تي ماس ئي نٿا چاڙهين، هو ايترا ته پر امن ۽ بي ضرر آهن، جو ڪنهن جو فصل به نٿا ڀيلين، اهڙن ماٺيڻن ۽ اٻوجهن کي تون اجايو ڇو پيو رنجائين؟ مارئيءَ کي جڏهن عمر يعني حڪمران تي ڪاوڙ ٿي اچي ته پنهنجن جذبن جو اظهار لطيف جي لفظن ۾ هن طرح ٿي ڪري:

عمر! ڪريو آک، پهريو ٿي پٽ چران.
 
Back
Top