نيويارڪ (ع آ نيوز) جانورن جو شڪار ڪرڻ وارن لاءِ هڪ خوشخبري آهي ته هاڻي انهن کي پنهنجو ڪم سولائيءَ سان ڪرڻ لاءِ هڪ اوزار کان مدد وٺڻي پوندي، جيڪي ماڻهو جهنگلي جانورن جو شڪار ڪندا آهن هاڻي انهن کي شڪار ڪرڻ ۾ وڌيڪ ڪشالا نه ڪڍڻا پوندا ڇو جو هنن لاءِ اهڙو اوزار ايجاد ڪيو ويو جنهن سان نشانو وٺي جانورن کي شڪار ڪري سگهبو. نئون ايجاد ڪيل اوزار تير ۽ بال بيرنگ وسيلي وڏن وڏن جانورن کي شڪار ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو سندس ايجاد ڪندڙ هڪ آمريڪي آهي. اوزار پاڻي ۽ اونداهي ۾ به شڪار ڪرڻ لاءِ سازگار آهي ڇو جو هن ۾ واٽر پروف پرزا ۽ خاص قسم جي لائٽ به موجود آهي، هاڻي شڪار ڪندڙن کي ڳڻتي نه ڪرڻي پوندي.