• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نه ٿا غير گهرجن! ... درد هوش محمد

محمد اسلم عباسي

سينيئر رڪن
نه ٿا غير گهرجن!
درد هوش محمد

هي بارود ڪاٿي هئا سنڌ منهنجي
هئا ڪاٿي غيرن جي پيرا هتي هي
ڪٿي هو امن جو ڊنل ساهه پهريان
ڪٿي ها اکين ۾ اهي لڙڪ ڪوسا
ڪٿي هي ها امڙين جا سڏڪا او سنڌڙي
اڳي اهڙا ويران ويڙها ڪٿي ها
جڏهن کان اسان جا اباڻا لڏي ويا
تڏهن کان مصائب ۽ ماتم ڇڏي ويا
ڪيون رات روئندي پڇاريون اهي ئي
اندر جون هي آهون ۽ سارون اهي ئي
اسان کي وري ٿا سنڌي پير گهرجن
چيو سين اسان کي نه ٿا غير گهرجن
اسان ٿا اهو قرب ايمان چاهيون
اسان ٿا اڃان ڀي ته انسان چاهيون
ڀٽائي، مدن جهڙو ٿا ميل چاهيون
اسان ڪونه ڪوئي پيا ويل چاهيون
او اندرا ادي! پنهنجو رشتو آ
اسان کي سدا سنڌ تاتيو نپايو
دنيا تي فخر سان سنڌي آ سڏايو
پيو جيءُ پنهنجو مٺي ٻولي ٻولي
پيو ساهُ ساڳي ڪلاچي کي ڳولهي.​

ديدي اندرا ۽ سنڌ کان وڇوڙيل هر سنڌي ساهه جي نانءُ.

 
Back
Top