جو نه مٽي جو آ ماڻهو....

جو نه مٽي جو آماڻهو

غزل

جو نه مٽي جو آ ماڻهوسو نه منهنجي ملڪ جو

جو نه سنڌي ڳالهائي ماڻهو سو نه منهنجي ملڪ جو

ڪوڙي هن جي سوچ آ ڪوڙو هن دهمان آ

تاريخ ڪوڙي ٺاهي ماڻهو سو نه منهنجي ملڪ جو

هٿراڌو هي هربا هلائيقوم پوري ٿو کلائي

هي سڄو مصنوعي ماڻهو سو نه منهنجي ملڪ جو

هي آ ڏوهي سنڌ جو سنڌ جي هر جند جو

جو نه آ انسان ماڻهو سو نه منهنجي ملڪ جو

جن کي منزل ڪين گهرجي جن جو نه ڪوئي دين آ

جو فسادي فريبي ماڻهو سون نه منهنجي ملڪ جو

لعنتن جو مينهن هن لئه ٿو وسي هن سنڌ ۾

جو نه سمجهي ريت ماڻهو سو نه منهنجي ملڪ جو
 
Back
Top