پورهيت

'استاد بخاري' فورم ۾ راشد ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏23 سيپٽمبر 2014۔

  1. راشد ميمڻ

    راشد ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 نومبر 2012
    تحريرون:
    101
    ورتل پسنديدگيون:
    212
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    سيوهڻ شريف
    پورهيت

    پڙهندو ناهيان،

    ڪڙهندو ناهيان،

    ڪيئن ٿا چئو ؟


    ڪنهن ڪرسيءَ تي پٺ تي ليٽي ،

    ميز وڏيءَ تي اڳتي لڙڪي،

    ڪاغذ لفظ تڪيندو ناهيان.

    آهيان صبح سوير پڙهندو، چؤنڪ پراڻي وٽ مزدور.


    هر ايندڙ ڏي گهوريندڙ؛

    هيءُ ملڪ من ڪم سان لائي!


    هيءُ رازو شل ساڻ سڏائي!

    آڻ الا ڪو ٺيڪي وارو!

    ڀاڳ ڀلارو ڪر ڏاتار.

    ڄڻ ته تغاري تاج ٿا سمجهن.

    ڏول ــ ڪنواٺي ڏاج ٿا سمجهن.

    گارو ــ گِل ڄڻ خاص کٿوري.

    سيمينٽ، بجري، باغ بهاري،

    ڪاروــ ڪاڙهو مينگهه ملهاري.

    ڇوته مزوري ماني آهي.

    ماني ئي زندگاني آهي.

    ڪيڏو پورهيو سخت مليو.

    ڄڻ بخت کليو.

    بخت هي ڪنهنجو جي نه کُلي ـ

    ڏينهن ڏُلي ــ

    ۽ رات رُلي ـ


    ڪم تي پورهيت چڙهندا ناهن ــ

    سڙندا آهن.

    پيلا، نيلا،ڳاڙها ويٺا وٽبا سٽبا آهن.

    پنهنجو شرم لکائڻ ڪارڻ هڪ ٻئي کي ٽوڪيندا آهن.

    مهڻا ماري، کوٽو کوکو کلندا آهن.

    روح ۾ رئندا رڙندا آهن؛

    پاڻ ئي پاڻ پڄرندا آهن؛

    رات سنڀاري،

    سودو ساري؛

    ٻيڙيون ،چانهن، اٽو ۽ دال

    بک ۾ پاهه ٻچا ۽ زال.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو