• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بيت ( ماڻهو)

ڪجه بيت

ماڻهو

ماڻهو سڀ نه ساڳيا،ڪي ڀاڙيا ڪي ڀونگر
ڏورين سي ڏونگر جن ۾ جوت جوءِ جي...

ماڻهو سڀ نه ساڳيا ڪي ڪانير ڪي ڪامڀو
ڏنگين جيئن ڏيمڀو دشمن ديس دسڻ لئي

ماڻهو سڀ نه ساڳيا ڪي سست ڪي چست
ڪي گوندر ڪن گشت ،ڪي رلي وڃن راه ۾

ماڻهو سڀ نه ساڳيا ڪي ڪانير ڪي ڪونڌر
ڪي وطن لئي وندر ڪي بوجه بڻيا هن ڀونءِ تي
 
Back
Top