رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
ڪجه بيت سنڌ دشمن لئه
گوڙ نه ڪر گودڙياتنهنجو وڙ وير
تون جو کنيو پير تنهن کي تڪي توريان
گوڙ نه ڪر گودڙيا تون سيلاني آن سپ
مارين ويٺين مپ اندر تنهنجو انت ۾
گوڙ نه ڪر گودڙياتون گداگر فقير
در در تون پنڻ هلين هئين اڪير
سنڌ کي ڏين ٿو سير سر تنهنجو سٽجي
دشمن منهنجي ديس جا جهيڙو توسان جنگ
هي ڌرتي دلوارن جي ڀاڙيا ڀانءِ م دنگ
اٿي پيا اڙٻنگ دوله منهنجي ديس جا
تون ته نسورو نکٽ ٿو پور پوين پيار ۾
سڪ نه توکي سنڌ جي اڃا آهين آر ۾
ڦاٿو آهين ڄار ۾ڄرڪو ٿيندين ڄڀ سان
تنهنجو ناهين ديس تون رلندڙ رولو راه جو
تنهنجي پرکي چاه جو اسان سفر سٿيو ساه جو
وڙهي وڙهبو واه جو ساري سنڌ اڀارٿي
تون نه منهنجي مٽيءَ جو تون گندو آهين گاه
تو ۾ ڪين ويساه اسان پرکيو پاڻ کي
تون نه مٽي مان ڏين نه ٻولي ٻولين ٻڪر
تو سان ڪبو چڪر اورچائي انگ سان
رسول بخش دائودپوٽه
گوڙ نه ڪر گودڙياتنهنجو وڙ وير
تون جو کنيو پير تنهن کي تڪي توريان
گوڙ نه ڪر گودڙيا تون سيلاني آن سپ
مارين ويٺين مپ اندر تنهنجو انت ۾
گوڙ نه ڪر گودڙياتون گداگر فقير
در در تون پنڻ هلين هئين اڪير
سنڌ کي ڏين ٿو سير سر تنهنجو سٽجي
دشمن منهنجي ديس جا جهيڙو توسان جنگ
هي ڌرتي دلوارن جي ڀاڙيا ڀانءِ م دنگ
اٿي پيا اڙٻنگ دوله منهنجي ديس جا
تون ته نسورو نکٽ ٿو پور پوين پيار ۾
سڪ نه توکي سنڌ جي اڃا آهين آر ۾
ڦاٿو آهين ڄار ۾ڄرڪو ٿيندين ڄڀ سان
تنهنجو ناهين ديس تون رلندڙ رولو راه جو
تنهنجي پرکي چاه جو اسان سفر سٿيو ساه جو
وڙهي وڙهبو واه جو ساري سنڌ اڀارٿي
تون نه منهنجي مٽيءَ جو تون گندو آهين گاه
تو ۾ ڪين ويساه اسان پرکيو پاڻ کي
تون نه مٽي مان ڏين نه ٻولي ٻولين ٻڪر
تو سان ڪبو چڪر اورچائي انگ سان
رسول بخش دائودپوٽه