لنڊن پلان جو رُخ هاڻ سنڌ طرف،سنڌ صوبي جي ورهاست لاءِ ته عمران ۽ قادري جوائن ڪرڻ لاءِ سوچجو ضرور

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏24 سيپٽمبر 2014۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    لنڊن پلان جو رُخ هاڻ سنڌ طرف،سنڌ صوبي جي ورهاست لاءِ ته عمران ۽ قادري جوائن ڪرڻ لاءِ سوچجو ضرور(مُشتري هُشيار باش)پوءِ روئجو نه
    [​IMG]
    معصوم، مهمان نواز ۽ غيرت مند سنڌيو! هاڻ ايڊمنسٽريشن يونٽس جي نالي تي،(جناح خلاف سازش ڪري کيس ماري)1948ع رٿيل منصوبابنديءَ تحت آهستي آهستي واري رفتار( جيڪا جناح پور لاءِ 1949ع ) کان سوچيل هُئي سوچيل سازش تيزيءَ طرف پنهنجي ٽارگٽ طرف ڪن سنڌ متعصب رٽائرڊ جنرلن جي تعاون سان وڌي رهي آهي جنهن ۾ ٻيون به سڀ متعصب ۽ نان ڊيموڪريٽڪ قوتون به گڏ ۽ جُڙيل آهن. ان ڪري توهان جي ٿنڪ ٽينڪ ٽيم توهانکي حساب ڪتاب، ريسرچ، اڀياس، آگاهي ڏي ٿي ته هوشيار باش (متان عمران خان ۽ طاهر القادري) جو مشن سچو سمجهي ان جو حصو بڻجي، انهن قوتن هٿان باقي بچيل سنڌ به نه لُٽائي ويهو. ۽ پو گهوڙا گهوڙا ڪندا رهو!

    ۽ متان اڳ وانگر، هڪ دفعو ٻيهر سنڌي ماڻهون جن 711ع ۾ سنڌ کي (باب الاسلام) ٻڻايو ۽ پوري دُنيا ۾ مُحمد عربي صلي الله عليه وسلم جو اسلام ڦهلايو، باب الاسلام ٺاهڻ جي پاداشت ۾ ئي مشرڪن جي اشتراڪيت سان بين الاقوامي سازشن ۽ تحت ڪن لالچي سنڌي ڀوتارن جي مدد سان ٻاهريون ناڻو حاصل ڪري، ڪمزور، بي علم، جاهل، ڪم چور، ڪاهل ڪرڻ لاءِ ڄاڻي ٻُجهي سنڌي ڀوتارن جي معرفت موالي ڪلچر ۾ وڪوڙيا ويا ۽ اوتارا اسڪول ۽ پيرن، بُزرگن، درويشن، جي مزارن تي قائم اوتارا يونيورسٽين ۽ اسڪولن، ڪاليجن ۾ ٽرينڊ ڪيا وڃن ٿا ۽ متان مُشرف جي بادشاهيءَ دوران 12 مئي ۽ 18 آڪٽوبر وساري ٻيو رُخ ڪن.

    هيٺيان سوال وڌيڪ اڀياس ته گهُرن ٿا ته آخر پاڪسان 67 سال زندگي پائي، پوءِ به اُتي جو اُتي آهي ته ڇو. هندُستان جيڪو ٻئي ڏينهن تي آزاد ٿيو اڄ دُنيا جي بهترين جهموريت، آئين جي پاسداري، قانون جي حڪمراني ۽ انصاف جو بول بالو ڪندڙ مُلڪ اهي ته پاڪستان ۾ ائين ڇو نه ٿي سگهيو ۽ اُهي ٻيا ڪمزور پوءِ آزاد ٿيندڙ مُلڪ جن پوءِ آزادي ماڻي اڄ اسان کان به شاهو ڪار ڇو آهن. اچو ته تاريخ مان سکي سمجهون ته آخر ڇو؟ پاڻ ۾ جُڙيل غير جهموري قوتن جو اهو ڪنٽرول ڪيستائن اسان مٿان.

    دوستو! توهان کي پاڪستان جي بُنياد کي سمجهڻ گهُرجي ته ڇا سبب هُئا جو جناح ڪانگريس مان نڪري مسلم ليگ ۾ سامل ٿيو هو (قوم پرستن کي سمجهڻ گهُرجي ته سائين جي. ايم سيد جن به ان جو حصو هُئا) ۽ پوءِ سندس (جناح ) جي وفات کان پوءِ مُسلم ليگ تي غير جهموري قوتون قابض ٿي سندس منشور وساري ويٺي ۽ مُسلم ليگ علائقي سوچ ۽ گروپن ۾ ورهائجي وئي ۽ پوءِ ان نئين جُڙيل مُسلم ليگ جو منشو ۽ سوچ ٻين صوبن جي سوچ کان مختلف ٿي.

    سنڌ جي ليڊر قائد اعظم محمد علي جناح جنهنجو فلسفو جهموريت مبني هو ۽ 1943 ۾ جنهن لاءِ سنڌ اسيمبليءَ به بل پاس ڪيو هو، ۽ سندس فلسفو سيپٽمبر واري تقرير ۾ مڪمل آهي ۽ اهوئي پاڪستان اسلامڪ (سيڪيولر پاڪستان) جو فلسفو هو. سندس وفات کان پوءِ پاڪستان تي غير جهموري قوتون (بشمول جناح پور جا متواشِي) قبضو ڪري حاوي ٿي ويون هُيون جن پاڪستان ۾ جهمور جي آواز خاص طرح سان اٻوجهه سنڌي ۽ بلوچن جي جهمور جي آواز کي اڄ تائين دٻائي رکيو آهي ۽ اهڙن ئي غير جهموري قوتن سنڌ جي وڏيرا شاهيءَ کي به پاڻ سان ملائي، اسانکي غلام رکيو آهي. ياد رهي ته پاڪستان ڪا فزيڪل يا طبعي وُجود رکندڙ اسٽيت ڪونهين پر اهو هڪ (لاجيڪل) فيڊرل منطقي مُلڪ آهي ، جنهنجون فزيڪل ۽ وُجود رکندڙ سرحدون به هُيون ۽ آهن جهڙوڪ ايسٽ پاڪستان ۽ اُن جا حصا ۽ ويسٽ پاڪستان ۽ اُن جاحصا (اُن جا صوبا سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ پختونخواه هُئا) اينٽي ڊيموڪريٽڪ سوچ جي قابض رهڻ جي سوچ ڪري هڪ حصو ايسٽ پاڪستان اسان کان هميشه لاءِ جُدا ٿي ويو يا ڄاڻي ٻُجهي ڪرايو ويو ۽ ٻين صوبن ۾ به بوءِ هاڻ اها محسو پئي ٿئي پر اينٽي ڊيموڪريٽڪ سمجهڻ نه پيون چاهين ۽ قابض رهڻ لاءِ هر شيءِ قربان ڪرڻ لاءِ تيار اهن.

    پاڪستان جي پلان ۽ ڊزائين ۾ لڏ پلاڻ ڪانه هُئي ۽ جيڪي ماڻهو جتي اُهي اُتي رهن جي سوچ هُئي ۽ فلاسافيءَ تحت ۽ مُسلم اڪثريتي آبادي پاڪستان ۾ شامل ٿئي ها پر هندستان جي اڪثريتي علائقي وارن مُسلمانن پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ نه چاهيو ۽ اُتي رهجي ويا جيڪي مرج ٿيڻا هُئا ۽ پوءِ پنجاب جو گهڻو حصو اڪثريتي سکن جي ڪري هندستان ۾ ئي رهڻو هو سو پاڪستان سان ڳنڍيو ويو. اهڙيءَ طرح اڳ جي جي دزائين تحت پاڪستان ۾ شامل سڀئي علائقا (صوبا) برابريءَ وارن اختيارن تحت هُئا پر پوءِ هندستان کان ٻيا مسلم اڪثريتي صوبا حاصل ڪرڻ بجاءِ پنجاب جو گهڻو حصو ڳڍڻ جي ڪري پنجاب ڊومينٽ ڪيو. ياد رهي ته مسلم پنجاب هڪ ننڍي ايريا هُئي جنهنکي وڏو ۽ برابر ڪرڻ لاءِ سنڌ جو حصو (جنهنکي سرائڪي بيلٽ) چئجي ٿو پنجاب سان ڳنڍيو ويو هو. ته جيئن صوبا بيلنس ٿين ۽ ايڊمنسٽريشن ۾ ڪنفلڪٽ پئدا نه ٿئي. پر بدقسمتي، ننڍي پنجاب ۾ هندستاني پنجاب جي واڌ ۽ سنڌ جو سرائڪي بيلٽ ڳڍجڻ ڪري پاڪستان ڊسبيلنس ٿي ويو ۽ ويسٽ پاڪستان جا ٻيا ٽئي صوبا به ڊسبيلنس ٿي ويا جو پنجاب جو ملي به بيلنس هٽائي نٿا سگهن ۽ پنجاب جي سولو پاور ڪري ايسٽ پاڪستان به اسانکان جُدا ٿي ويو.

    هن وقت پاڪستان صرف تڏنهن ڊيولپ ٿي ترقي ڪري سگهي ٿو جڏنهن پنجاب کان سنڌ جو بيلٽ (سرائڪي بيلٽ) ڀلي سنڌ کي واپس نه ملي پر هٽائي جُدا صوبو بڻاي سگهجي ٿو ته پوءِ اهي پنج ئي صوبا برابر ٿي سڀ وسيلا برابر شيئر ڪري سگهندا ۽ پاڪستان به هندستان وانگر ترقي ڪندو. پر غير جهموري قابض قوتون ڪونه ڪرڻ ڏينديون ۽ مشڪل مرحلو اهي ۽ بجاِ جو هو اها حقيقت تسليم ڪن هو سنڌ کي اڃان ٽڪڙن ۾ ڪرڻ پيا چاهين. پاڪستان جي صوبن ۾ وڌيڪ صوبا نٿا بڻائي سگهجن جو هر صوبي جي صدين کان پنهنجي ذاتي زمين، تاريخي سوچ، تهذيب، تمدن، رسم و رواج آهي ۽ ڻئون صوبو به اهو ٿي سگهي ٿو جنهن جي ملڪيت ۾ اهي سيون هُجن. سو جناح پور يا ٻئي ڪنهن صوبي ٺهڻ جو جواز ئي ڪونهين.

    اينٽي ڊيموڪريٽڪ سوچ يا جناح پور سوچ وارن طرفان اها پروپئگنڊا ڪئي ٿي وڃي ته پاڪستان جو صوبا لساني بُنياد تي ٺهيل آهن. سندن اها چاڻي به غلط آهي ڇو جو هر صوبڳ بذات خود هل لينڊ يا زمين آهي ۽ ان لينڊ يا زمين جي ڪري اُتي جي رهڻ وارن کي قوميت مليل اهي نه ڪه زبان ڪري، هر صوبي ۾ گهڻيون ئي زاتيون اهن ۽ هر زات جي پنهنجي ماءُ ٻولي آهي. ان ڪري هر ماءُ ٻولي واري لاءِ صوبو نٿو ٺاهي سگهجي ۽ صوبا ٻولي آڌار تي نه پر لينڊ آڌار تي اهن ۽ بوليون ۽ قومون به لينڊ اڌار تي هڪ تاريخي پس منظر تحت ئي اهن.

    جناح پور، مهاجرن جو صوبو، سنڌ ون ۽ سنڌ ٽُو، سنڌ جا ٻيا ايڊمنسٽريٽو يونٽ ۽ ايسٽ سنڌ، ويسٽ سنڌ، ناٿ سنڌ ۽ سائوث سنڌ جا نعرا سڀ سنڌ تقسيم جا نالي ڦريل نعرا ئي آهن. رهي انتظامي يونٽن جي ڳالهه ته سنڌ ئي پاڪستان جو واحد صوبو اهي جنهن ۾ اڳئي 24 انتظامي يونٽ آهن. جهڙوڪ سنڌ جون 6 ڊويزنون ۽ پوءِ هر دويزن ۾ ڊوميسائل اڌار تي (رورل سنڌ، عربين سنڌ ۽ ٻين صوبن وارن لاءِ سنڌ ۾ وسڻ لاءِ ڪنٽونمينٽ. بيوروڪريسي) جناح پور ۽ ڪنتونمينٽ ۽ بيروڪريسي وارا ته اڳئي سنڌ جا رورل ۽ عربين ڊوميسائل ٺهرائي سنڌي وسيلن، نوڪرين، داخلائن، ادارن تي قابض آهن حالانه گڏوگڏ پنهنجي صوبن جو ڊوميسائل به رکن ٿا. پر ويچارا سنڌي اڄ به بي گهر، غربت ۾ جڪڙيل، مُفلس، لاچار، بي آسرا، جهُڳين ۽ ڪچن گهرن ۾ رهندڙ، ٻونيادي طبي سهولت ۽ علم کان لا حاصل آهن ها ڪي سنڌي ڀوتار ۽ اُن جو اولاد ضرور ٿورڙو فيضياب ٿيو آهي پر اُهي ڀوتار به ته ايڻتي ڊيموڪريٽسد قوتن جا ساٿاري آهن ۽ اُنهن سان ئي گڏ سمجهبا.

    هلندڙ (انگريزيءَ ۾ لکيل نوٽ جو سنڌي ترجمون))
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏25 سيپٽمبر 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ

هن صفحي کي مشهور ڪريو