سڀ کان ڊگهو ٻار، عمر ننڍي قد وڏن ماڻهن جيترو..!

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
ڪرن سنگھه جي عمر هن اڃا ته صرف پنج سال آهي ۽ ننڍڙي عمر ۾ ئي سندس قد 5 فٽ 7 انچ تائين پهتو آهي جيڪا انتهائي حيران ڪندڙ ڳالهه آهي. ڳالهه اتي ختم نٿي ٿئي بلڪه ان ٻار جو نالو 2008 ۾ هڪ ڊگھي ۽ وزني ٻار طور گنيز بُڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ داخل ڪيو ويو هو.
51678_02.gif

ڀارتي رياست اترپرديش جي شهر ميرٺ جي رهواسي 2008 ۾ هن ٻار جو وزن 7 ڪلو ۽ قد ٻن فُٽن کان وڌيڪ هو ۽ سندس قد ۾ لاڳيتو اضافو ٿئي پيو.

51678_04.gif


ڪرن جي پيءُ جو قد به 6 فوٽ 6 انچ آهي ۽ سندس ماءُ ، پڻس کان به قدآور آهي سندس قد 7 فوٽ 2 انچ آهي . ڪَرن جي ماءُ 2012 ۾ انڊيا جي سڀ کان ڊگھي عورت جو اعزاز پڻ رکي ٿي.
ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ڪرن هڪ صحتمند ٻار آهي کيس ڪوبه طبي مسئلو ناهي.

51678_06.gif
ڪرن جو خواب آهي ته هُو هڪ پروفيشنل باسڪيٽ پليئر (رانديگر) ٿئي.
 
Back
Top