انٽرنيٽ تي ڏوڪڙ ڪيئن ڪمائجن؟

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏24 سيپٽمبر 2014۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    ڇا توهان قابليت هجڻ باوجود بيروزگار آهيو؟
    يا وري روزگار هجڻ باوجود پنهنجي قابليت جي آڌار تي توهان ڪجهه وڌيڪ ڏوڪڙ ڪمائڻ چاهيو ٿا..؟


    جيڪڏهن مٿي پڇيل سوالن جي جواب ۾ توهان ”ها“ چوندو ته هي موضوع توهان لاءِ آهي.. ان کان علاوه هي موضوع انهن ساٿين لاءِ به آهي جن جي ذهنن ۾ هر وقت هن موضوع جي عنوان وارو سوال گهمندو رهندو آهي.. جنهن جي جواب جي ڳولا هر هنڌان ڪندا رهندا آهن نتيجي طور ڪنهن شارٽ ڪٽ جي ڳولا ۾ پنهنجو قيمتي وقت وڃائيندا رهندا آهن..
    جڏهن اهو ساڳيو سوال مون کان به بار بار ڪيو ويو ته سوچيم ته ڇو نه ان جو جامع ۽ مفصل جواب لکجي جنهن ذريعي بغير ڪنهن شارٽ ڪٽ جي درست دڳ تي رهي ڪري محنتي ۽ ڪنهن نه ڪنهن ميدان ۾ هنر ۽ قابليت رکندڙن جي مدد ڪجي جيئن هوئن انٽرنيٽ ذريعي صاف سٿري ماحول ۾ رهي ڪري پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي ڪفالت لاءِ ڏوڪڙ ڪمائي سگهن..
    هتي مان توهان لاءِ انٽرنيٽ تي ڏوڪڙ ڪمائڻ جا 25 طريقا کڻي آيو آهيان جن مان پنهنجي قابليت کي سامهون رکندي توهان به چونڊ ڪري سگهو ٿا...
      1. جيڪڏهن توهان ويب ڊيزائننگ يا ويب سائيٽ ٺاهڻ جا ماهر آهيو ته ڪا ويب سائيٽ يا بلاگ ٺاهيو ۽ ايڊورٽائيزنگ نيٽورڪ جهڙوڪ Google AdSense ۽ BuySellAds ذريعي ڏوڪڙ ڪمايو.. ان کانسواءِ Google DFP ذريعي توهان سڌو سئون پنهنجا ٺاهيل اشتهار کپايو..
      2. جيڪڏهن توهان سوشل، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي وڌيڪ نظر رکندڙ آهيو ۽ دنيا ۾ ٿيندڙ نت نين تبديلين ۾ دلچسپي رکو ٿا ته MailChimp ذريعي هڪ اي ميل نيوز ليٽر سروس لانچ ڪريو۽ ان لاءِ اشتهار ڳوليو.. يا وري سبسڪرپشن ماڊل ٺاهي ماڻهن کان خبرون پهچائڻ جا سروس چارجز وٺو.. ان سلسلي ۾ HackerNewletter ، Now I Know ۽ Launch.co بهترين مثال آهن..
      3. پنهنجو يوٽيوب چينل بڻايو ۽ يوٽيوب جا پارٽر بڻجو.. ائين توهان Oneload استعمال ڪندي مختلف وڊيو سائيٽس تي پنهنجيون تيار ڪيل وڊيوز کپايو...
      4. ڪجهه نيون شيون ايجاد ڪريو.. جهڙوڪ هٿ ۾ کڻندڙ ننڍا ٿيلها، زيور، پينٽنگ يا ڪو پنهنجي هنر سان تيار ڪيل آئيٽم ۽ انهن کي Etsy ، ArtFire يا eBay تي کپايو..
      5. Shopify يا SquareSpace تي پنهنجو آن لائين اسٽور ٺاهيو جتي physical goods يا digital downloads کپايو.. انهن سائيٽس تي فرنيچر کان وٺي ڪپڙن ۽ کاڌي تائين هرڪا شيءَ کپائي سگهجي ٿي..
      6. ٽي شرٽ ڊيزائين ڪريو ۽ انهن کي Threadles ، Zazzle ۽ CafePress تي وڪڻيو..
      7. جيڪڏهن توهان ليکڪ آهيو ته پنهنجو بوڪ لکو ۽ ان کي Kindle store ، Google Play يا iBooks تي پبلش ڪريو.. توهان پنهنجا بوڪ Smashwoods۽ BookBaby تي پڻ کپائي سگهو ٿا..
      8. جيڪڏهن توهان ڪنهن خاص مضمون ۾ قابليت رکندڙ آهيو ته Udemy ۽ SkillShare تي انسٽرڪٽر بڻجو ۽ پنهنجي پسنديده مضمون کي ڏوڪڙ وٺي پڙهايو.. پوءِ ڀلي اهو گٽار يا يوگا سيکارڻ ئي ڇو نه هجي...
      9. جيڪڏهن توهان ڪنهن ڊجيٽل لينگويج جهڙوڪ پي ايڇ پي، جاوا يا جي ڪيوري جا ماهر آهيو ته Guru، eLance يا Rent-a-Coder جيڪا هاڻي Freelancer ٿي سڏائي ته پنهنجي گراهڪ ڳوليو..
      10. ورچوئل آفيس اسسٽنٽ بڻجي پنهنجيون انتظامي خدمتون يا ٽيڪنيڪل مدد پنهنجي ڪسٽمرز کي آفيس تان ريموٽلي پيش ڪريو.. گراهڪن جي ڳولا لاءِ eLance ، TaskRabbit ۽ oDesk بهترين سائيٽس آهن...
      11. پنهنجي مهارت کي سامهون رکندي Google Helpouts ذريعي پنهنجيون خدمتون دنيا جي ڪنهن به ماڻهون کي سڌو سئون وڊيو جي ذريعي پيش ڪريو... توهان ڪوڪنگ جا لائيو ڪلاس، ميٿا ميٽڪس سيکارڻ يا وري فٽنيس ۽ کاڌ خوراڪ جون ٽپس سمجهائي سگهو ٿا...
      12. سڪرپٽ، برائوزر ايڪسٽينشنس، پلگ ان يا اينڊروائيڊ ۽ آئي فون موبائيل ايپس کي ٺاهيو ۽ انهن جي سورس ڪوڊ کي CodeCanyon ، ،Chupa يا BinPress تي کپايو...
      13. اڪثر دوستن جي ڪوشش هوندي آهي ته ڪا ڪمپيوٽر واري نوڪري ملي پوي.. جهڙوڪ ڊيٽا اينٽري جو ڪم، ڪتابن لکڻ جو ڪم، بزنيس ڪارڊ ڊيزائين ڪرڻ يا وري ويب ريسرچ وغيره.. ته اهڙي قسم جي ڪمن جانچڻ لاءِ Mechanical Turk ۽ Amazon سائيٽس ڀليون آهن...
      14. جيڪڏهن توهان گرافڪس جا ڄاڻو آهيو ۽ لوگو ڊيزائين ڪرڻ، ويب ڊيزائين ڪرڻ، ڪمپني بروشر ٺاهڻ ۽ ان قسم جا ٻيا ڪم ٺاهڻ ۾ ماهر آهيو ته CrowdSpring، 99Designs ۽ DesignCrowd سائيٽس جو ڦيرو ڀريو.. ۽ پنهنجو ڪيل ڪم پيش ڪريو.. يا آڇيل ڪم کي ڪرڻ جي آفر ڏيو...
      15. ڇا توهان جو آواز ڀلو آهي.. توهان جي ڳائڻ کي توهان جا دوست همراهي پسند ڪندا آهن..؟ ته پوءِ Umano تي سائين اپ ٿي پنهنجو آواز موڪليو.. يا وري وائيس آرٽسٽ بڻجڻ لاءِ VoiceBunny يا Voice123 تي اچو..
      16. جيڪڏهن توهان موسيقي سان لڳائو رکندڙ آهيو ۽ پنهنجيون ڌنون ترتيب ڏيندا رهندا آهيو ته پنهنجي ڌن کي ميوزڪ اسٽورز جهڙوڪ Amazon MP3 ، iTunes ، Pandora يا Spotify تي louder.fm, Tunecore, Distrokid ۽ CDBaby جي ذريعي کپايو.. ان کان علاوه توهان پنهنجا آڊيوز سڌو سئون Pond5, AudioJungle ۽ Bandcamp تي پڻ کپائي سگهو ٿا...
      17. توهان Amazon جا ساٿاري بڻجي توهان ڪيترن ئي online stores تي واپار ڪندي پنهنجي ڪميشن حاصل ڪري سگهو ٿا.. ان سلسلي ۾ توهان CJ, ShareASale, Vigilinkx يا وري LinkShare پروگرام استعمال ڪندي وڌيڪ معلومات حاصل ڪري سگهو ٿا...
      18. معلم ۽ استاد شاگردن کي هوم ڪرائڻ ۾ ڪافي مدد ڪري سگهن ٿا.. جيڪڏهن توهان به ڪن مضمونن ۾ مهارت رکو ٿا ته پنهنجيون خدمتون سکيا ڊيمانڊ تحت پيش ڪري سگهو ٿا.. ان سلسلي ۾ Tutor.com ، InstaEdu ۽ TutorVista تي بطور ٽيوٽر اپلائي ڪريو..
      19. جيڪڏهن توهان به گورڌن ولاسائي وانگر فوٽوگرافي جو شوق رکو ٿا ته پنهنجيون ڇڪيل خوبصورت تصويرون Creative Market ،PhotoDune ، iStockPhoto يا ImgEmbed کپايو.. بعد ۾ توهان طرفان Facebook، Flickr يا Instagram تي اپلوڊ ڪيل فوٽوز کي آن لائين استعمال ڪرڻ لاءِ لائيسنس طور رکي سگهو ٿا..
      20. ڇا توهان وٽ اهڙا آئيٽم آهن جيڪي هاڻي استعمال هيٺ نه هجن مثال طور ڪتاب، ٻارن جا رانديڪا، ڊي وي ڊيز يا فرنيچر وغيره .. ته پوءِ انهن کي eBay، Craigslist يا OLX تي کپائي .. ڪجهه رقم حاصل ڪري سگهو ٿا..
      21. جيڪڏهن توهان ويب سائيٽ کي پڙهڻ دوران گهري نظر رکندا آهيون ۽ ويب سائيٽ جي خوبين ۽ خامين کي جانچڻ جا ماهر آهيو ته پاڻ کي website tester طور UserTesting تي پيش ڪريو.. ۽ ملندڙ سائيٽس جو مفصل مشاهدو موڪلي ڪجهه رقم حاصل ڪري سگهو ٿا..
      22. جيڪڏهن توهان جا دوست يا ڄاڻ سڃاڻ وارا اڪثر توهان کي ڪال ڪري پنهنجي مسئلن ۽ مونجهارن جي سلسلي ۾ ٽيڪنيڪل سپورٽ يا مدد گهرندا رهندا آهن ته پوءِ توهان ان سلسلي ۾ انٽرنيٽ تي پنهنجا سپورٽ آفر ريٽ ڇو نه ٿا رکو.. ان سلسلي ۾ اسڪائپ کي بطور ڪال ۽ گوگل ڪروم کي بطور ريموٽ ڊيسڪٽاپ (اسڪرين شيئرنگ) استعمال ڪندي توهان طور هر جاءِ تي ريموٽ ٽيڪنيڪل مدد مهيا ڪري سگهو ٿا..
      23. جيڪڏهن توهان بهتر مترجم، سرچ انجن آپٽيمائيزنگ ايڪسپرٽ ۽ گرافڪ ڊيزائنر يا وري ڪنهن به ميدان ۾ اضافي مهارت جا مالڪ آهيو ته Fiverr ۽ PeoplePerHour کاتو بڻائي پنهنجيون خدمتون رقم عيوض پيش ڪري سگهو ٿا..
      24. جيڪڏهن توهان ويب هوسٽنگ ۽ ڊومين جي خريد و فروخت ۾ سمجهه رکو ٿا ته Flippa، GoDaddy Auctions۽Sedo جهڙين مشهور مارڪيٽ پليسز تي رجسٽرڊ ڊومين جي خريد و فروخت ڪري سگهجي ٿي.. جڏهن ته LeanDomainSearch بهترين ٽول آهي جنهن ذريعي domain names ڳولڻ وڌيڪ آسان آهن..
      25. 25. ڇا توهان جي رهائيش واري جڳهه ڪشادي ۽ وڌيڪ ڪمرن تي مشتمل آهي.. ۽ ڪجهه ڪمرا ڪرائي تي ڏيڻ ٿا چاهيو يا وري ڪو پلاٽ يا جڳهه شهر ۾ آهي جيڪا ڪرائي تي رکڻ ٿا چاهيو ته Airbnb يا Couchsurfing تي پنهنجي پراپرٽي کي لسٽ ڪريو.. ۽ ڏوڪڙ بڻايو..

    توڙي جو مٿي ٻڌايل سمورا طريقا مختصر طور بيان ڪيا ويا آهن جيڪي ڪنهن ٻي ساعت تفصيلي طور بيان ڪبا پر انٽرنيٽ تي ڪمائڻ جا درست دڳ اهي ئي طريقا آهن... جتي توهان پنهنجي هنر کي آزمائي ڏوڪڙ ڪمائي سگهو ٿا.. ۽ اهي ئي اصل طريقا آهن جيڪي اسان جهڙا سست ماڻهن کان ڪيو نه ٿا وڃن.. ان ڪري هر ڪو انٽرنيٽ تان ڪمائڻ لاءِ شارٽ ڪٽ جي ڳولا ۾ هوندو آهي ۽ ٻين کي ڌوڪو ڏئي ڪمائڻ ۽ اشتهارن تي ڪلڪ ڪري ڪمائڻ جهڙن نسبتن گهٽ محنت وارو ڪم کي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.. جنهن ۾ هو وڏي آواز سان ٻڌائيندو آهي ته ”مون هيترا ڊالر ڪمايا آهن..“ جيڪو بلڪل به سچ نه هوندو آهي ان ڪري سنڌ سلامت جي ساٿين کي سڌ ڏجي ٿي ته ڪنهن جي چڪر ۾ اچي پنهنجي اخلاقيات ۽ ڪردار سان گڏ پنهنجي قيمتي وقت کي نه وڃايو ...
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏24 سيپٽمبر 2014
  2. آفتاب احمد سومرو

    آفتاب احمد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    133
    ورتل پسنديدگيون:
    420
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    343
    ڌنڌو:
    سافٽ ويئر ۽ ويب ڊويلپر
    ماڳ:
    سڪرند
    ادا تمام بهترين معلومات فراهم ڪئي اٿو.
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. گل محمد شاه راشدي

    گل محمد شاه راشدي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    179
    ورتل پسنديدگيون:
    1,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    خيرپور
    ادا طريقا ته کوڙ سارا آهن. پر سوال اهو آهي ته اهي ڏوڪڙ اسان تائين ڪيئن پهچن يا اسان وصول ڪيئن ڪيون. گوگل ايڊسين وارا به ماسٽر ڪارڊ جو نمبر ٿا گهرن ۽ پاڪستان ۾ ماسٽر ڪارڊ حاصل ڪرڻ جو سولو ۽ سستو طريقو اوهان جي ڄاڻ ۾ هجي ته ونڊ ڪريو. يا وري ڏوڪڙ وصول ڪرڻ جو ٻيو طريقو هجي ته نوازش ڪندا.
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺو ۽ بهترين ليک جوڙيو اٿو ...

    پر سچ اهو آهي ته مان اهو ڪم ڪري ڪونه سگهندس ..... باقي نوجوانن لاء يا انهن لاء جن وٽ ڪجهه قابليت آهي ۽ وقت به آهي اهي ماڻهو ضرور ڪوشش ڪن ۽ پوء پنهنجا جربا شيئر ضرور ڪن.
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    تمام بهترين ليک سائين
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تمام بهترين سائين
    لک قرب
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    بهترين ليک آهي. وڏي ڳالهه اها جو ٽئگ ڪري وري جذبو جاڳائي ڇڏيو آهي پر عارضي طور جذبي کي قابو ٿو ڪجي.....
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. bewas ali hassan

    bewas ali hassan
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 مئي 2014
    تحريرون:
    174
    ورتل پسنديدگيون:
    337
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    دڪان
    ماڳ:
    ميرپور ماٿيلو
    ڀاء مان شاعر آهيان منهنجي لاءِ ڇا صحيح آهي ڇا مان پنهنجي شاعري هن ويب سئيٽ ذريعي ڏيئي سگھان ٿو
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    بلڪل ادا

    اوهان پنهنجي شاعري موڪلي سگهو ٿا

    شاعري واري سيڪشن ۾
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. آفتاب احمد سومرو

    آفتاب احمد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    133
    ورتل پسنديدگيون:
    420
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    343
    ڌنڌو:
    سافٽ ويئر ۽ ويب ڊويلپر
    ماڳ:
    سڪرند
    ادا ڏوڪڙ حاصل ڪرڻ لا ماسٽرڪارڊ يا ويزا ڪريڊٽ ڪارڊ وٺڻو پوندو جيڪي بينڪ اشو ڪندي آهي، توهان جو اڪائونٽ ڪنهن بينڪ ۾ هجي ته مينيجر سان ملو۽ ڪريڊٽ ڪارڊ حاصل ڪيو پو ان ڪريڊٽ ڪارڊ ۾ مخصوص رقم اڪائونٽ مان رکرائي ڇڏيو ڏهه هزار يا ضرورت جي حساب سان پو ان مان خريداري به ڪيو يا پئسا حاصل ڪيو.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. رياض ملڪاڻي

    رياض ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    152
    ورتل پسنديدگيون:
    415
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    ٽيچر
    ماڳ:
    ملڪاڻي بدين
    ماشاءَ الله بھترين ونڊ ڪۂي آھي. آنلاۂن پۂسا ڪمائڻ جا فراڊ تمام گھڻا ٿين ٿا. ڪو ڀروسي جوڳو ليک يا ماڻھو به پي مليو جيڪو صحيح رھنمائي ڪري. ان ماحول م توھان جو ليک ساراھ جوڳو عمل آھي.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. رياض ملڪاڻي

    رياض ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    152
    ورتل پسنديدگيون:
    415
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    ٽيچر
    ماڳ:
    ملڪاڻي بدين
    ماشاءَ الله بھترين ونڊ ڪۂي آھي. آنلاۂن پۂسا ڪمائڻ جا فراڊ تمام گھڻا ٿين ٿا. ڪو ڀروسي جوڳو ليک يا ماڻھو نه پي مليو جيڪو صحيح رھنمائي ڪري. ان ماحول م توھان جو ليک ساراھ جوڳو عمل آھي.
     
    ذيشان رشيد هيء پسند ڪيو آهي.
  13. نوردين ڏيٿو

    نوردين ڏيٿو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مارچ 2014
    تحريرون:
    48
    ورتل پسنديدگيون:
    58
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    [QUOTE="ادا توهان واقعي گريٽ آهيو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    بلڪل صحيح جڏهن اهو سمجهجي ته اسان ڪُجهه اهڙو ڪريون ٿا پيا جيڪو ماڻهن جي فائدي، ڄاڻ يا دلچسپي وٽان آهي ۽ هو هر حال ۾ اهو ڏسڻ، پڙهڻ يا حاصل ڪرڻ چاهن ٿا ته ان تي پئسا رکڻ جو سلسلو شروع ڪري سگهون ٿا. هڪ دفعو اها شئي پئسن سان خريد ڪئي وئي ته سمجهبو اسان جي ڪم ۾ جان آهي.
    دُڪان کولڻ ته مسئلو ناهي. ڳالهه آهي ان ۾ ڪم جي وکر رکڻ ۽ اها معلومات سڀني تائين پُهچائڻ جي. اوهان دُڪان کولڻ جا ڏَس ڀلا ڏنا آهن. هاڻي جن جي وکر ۾ دم هوندو سو يقينن ايئن ڪندو. يا ايئن آهي ته اوهان ڪُجهه اهڙو ڪريو ٿا جو ماڻهن جي رش ٿيو وڃي اُتي. جيئن اڄڪلهه اسلام آباد ۾ تبديلين جا ميڙا آهن ته اهڙن موقعن جو فائدو وٺي جيئن اُتي ننڍا ريڙها ۽ دُڪان لڳي ويا آهن تيئن اوهان جي ڪيل اهري ڪم تي به رش ڏسي پاڻ ئي اشتهاري ڪمپنيون اوهان سان رابطو ڪنديون.
    ان حوالي سان هڪ ليک به لکيو هُئم ته ڪيئن هڪ فوٽوگرافر پنهنجي رولاڪ طبيعت کي روزگار ۾ بدلائي ورتو. بس ڪُجهه اهڙو ڪرڻ جي ضرورت آهي.
    ٿري ايڊيٽ جو آخري جملو ڳنڍ ٻڌي دل سان رکجي.
    قابل بنو قابل . . .ڪاميابي جهڪ مارتي پيچهي آئي گي.
     
  15. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    اڙي ادا رشيد اهڙي معلومات هجڻ جي باوجود پاڻ ڏڪڙ ڇو نه ٿو ڪمائين..;)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. محمد نويد جمالي

    محمد نويد جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    213
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    نواب شاھ
    هن ويب سائيٽ تان مفت ماسٽر ڪارڊ حاصل ڪري سگهجي ٿو. http://www.payoneer.com ماسٽر ڪارڊ ڪجھ ڏينهن ۾ توهان جي گهر جي ائڊريس تي پهچي ويندو
     
  17. محمد نويد جمالي

    محمد نويد جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    213
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    نواب شاھ
    هن ويب سائيٽ تان مفت ماسٽر ڪارڊ حاصل ڪري سگهجي ٿو. http://www.payoneer.com ماسٽر ڪارڊ ڪجھ ڏينهن ۾ توهان جي گهر جي ائڊريس تي پهچي ويندو
     
  18. گل محمد شاه راشدي

    گل محمد شاه راشدي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    179
    ورتل پسنديدگيون:
    1,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    خيرپور
    ادا اهي سڀ جڳاڙ ڪري ڏٺا آهن payoneer وارن هاڻي اها سروس ختم ڪري ڇڏي آ. هاڻي ڪارڊ لا سندن آفيس وڃڻو پوي ٿو. ائين نيٽ تي ڪم ڪو نه ٿا ڪن.
     
  19. محمد نويد جمالي

    محمد نويد جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    213
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    نواب شاھ
    20 آڪٽوبر تي منهنجي گهر جي ائڊريس تي پُهتو آهي. باقي سروس بند ٿيڻ جو علم مونکي ناهي...
     
  20. شهباز علي زرداري

    شهباز علي زرداري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 جولائي 2014
    تحريرون:
    62
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    واھ واھ ڇا ڳالھ ڪجي اڄ تائين اهڙي معلومات نه پڙهي آهي مهرباني پر جيڪي اهم موضو آهن انهن جي تفصيل هجي ته بس چوندا آهن ته لش پش.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو