مقالات الحڪمت تي مختصر نظر

'سنڌي ادب' فورم ۾ نرمل طرفان آندل موضوعَ ‏12 مئي 2010۔

  1. نرمل

    نرمل
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2010
    تحريرون:
    131
    ورتل پسنديدگيون:
    69
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ادب سان دلچسپي ۽ وڪالت
    ماڳ:
    شاهه لطيف چوڪ ڪوٽڙي
    ”نرمل“ کوهارو
    مقالات الحڪمت تي مختصر نظر
    سن 1853ع واري انگريزي دؤر ۾ سنڌي زبان لاءِ سرڪاري طور هڪ صورتخطي ٺاهي وئي ۽ ان ئي سن ۾ سنڌي ادب جي نشيلي نار جي نٿ مرزا قليچ بيگ جو جنم پڻ ٿيو، جيتوڻيڪ هن دور ۾ سنڌي ٻوليءَ کي وڏو فائدو رسيو. سنڌ ۾ ڇاپخانا نڪتا، جنهنڪري سنڌي زبان ۾ رسالا، اخبارون ۽ ڪتاب گهڻي تعداد ۾ ڇپجي ظاهر ٿيا، جن ۾ نثر توڙي نظم جي گهڻو ڪري هر صنف اچي ٿي.
    هن دؤر ۾ سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ عالمن، دنيا جي بهترين تصنيفن ۽ اعليٰ معيار وارن مصنفن کي، سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪيو، هنن انگريزيءَ، فرينچ، جرمن، روسيءَ، عربي، فارسي، ترڪيءَ، هنديءَ، بنگاليءَ، سنسڪرت، گجراتيءَ، اردو ۽ ٻين ٻولين ۾ لکيل اعليٰ پايه جا ڪتاب، سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا. انهن ۾ مهاڀارت، رامايڻ، گيتا. انجيل، زبور، توريت ۽ قرآن پاڪ جهڙن ديني، ڌرمي ۽ مقدس ڪتابن کي سنڌي زبان جو ويس وٺايو. دنيا جي مشهور مفڪرن، اديبن ۽ عالمن جهڙوڪه ٽالسٽاءِ، رومي، ڪاليداس، ٽئگور، حافظ شيرازي، خليل جبران، سعدي، خيام، شيڪسپيئر، ڊانٽي، والٽر اسڪاٽ، ڪانن ڊائيل، ڊڪنس، ڪارلائل، ايسن، بيڪن، ميڪاولي، ۽ ٻين عظيم مغربي ۽ مشرقي دانشورن، اديبن، عالمن، فاضلن جا فلسفيانه خيال ۽ ويچار، ۽ ناول نويسن ۽ ڊراما نگارن جا ناول ۽ ڊراما، افسانه نگارن جا افسانا ۽ اهڙي طرح مضمون، شعر ۽ ٻيو مواد سنڌيءَ ۾ آندو ويو. اهڙيءَ طرح پيغمبر ﷺ اسلام کان وٺي حضرت عيسيٰ عليہ السلام، حضرت موسيٰ عليہ، حضرت ابراهيم عليه السلام توڙي ٻين پيغمبرن کان سواءِ خلفاءِ راشدين، امامن، اصحابن، ولين ۽ درويشن جا احوال به سنڌي زبان ۾ ڇپايا ويا. مطلب ته سنڌي نثر ۾ شري ڪرشن، شري رامچندر، مهاتما گوتم ٻڌ، گرو ناڪ، ڪبير، ميرا ٻائي، ابن خلدون، بو علي سينا، امام غزالي، توڙي ٻين فيلسوفن، حڪيمن، عالمن ۽ سالڪن جي حياتين جا ڪارناما پڻ ڇپايا ويا آهن.
    ”هن دور ۾ سنڌ جي جديد شاعرن نه فقط سنڌي شعر کي با مقصد بنايو آهي، ليڪن زبان کي جيڪي ڏاج ۽ ڏيوڻ ڏنا اٿن، سي پڻ اچرج ۾ وجهندڙ آهن.“ سيد حسام الدين راشدي: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون ڪراچي، حيدرآباد، انجمن تاريخ سنڌ 1981ع، ص 676 ۽ 679.
    حاصل مطلب ته انگريزي دؤر ۾ دنيا جي مشهور ٻولين ۽ نامور اديبن ۽ شاعرن جون نامور تصنيفون سنڌي زبان ۽ سنڌي ادب جو حصو بڻجي ويون. آزاديءَ کان پوءِ ته سنڌي زبان ۾ هيڪاري وڌيڪ ترقي آئي. ۽ موجوده وقت جي ادب کي ڏسندي ائين چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻولي دنيا جي ڪنهن به ترقي يافته ٻوليءَ سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهي سگهي ٿي. هلندڙ دؤر ۾ شاعرن ۽ اديبن مختلف موضوعن ۽ مضمونن آهر سنڌيءَ ۾ نوان نوان لفظ گهڙيا ۽ جوڙيا آهن. مختلف شعبن ۾ ماهرن فني اطلاعن کي سنڌي ويس وٺايو آهي. زراعت، اقتصاديات، علم طبعي، علم ڪيميا، علم ارضيات، علم الانسان توڙي اهڙن ٻين مضمونن جا فني اصطلاح سنڌي ٻوليءَ جو روپ وٺي چڪا آهن.انهن سڀني خوبين ۽ خصوصيتن جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جو ماضي شاندار، حال ترقي پذير ۽ مستقبل وڌيڪ روشن نظر اچي ٿو. هن سلسلي ۾ پير علي محمد شاهه راشديءَ جي راءِ تجربي واري ۽ معلوماتي آهي. پير صاحب لکي ٿو:
    ”سنڌيءَ ۾ تصنيف ۽ تاليف جو ڪم اهڙي زور شور سان، اسان جي ڏسندي ڏسندي شروع ٿيو، ۽ جيڪي ڪجهه اڄ تائين ٿي چڪو آهي، سو حيرت ۾ وجهندڙ آهي. جيتري قدر منهنجو خيال آهي ته آزاد پاڪستان اندر جيترو علمي ۽ ادبي ڪم سنڌي ٻوليءَ ۾ ٿيو آهي، اوترو ٻيءَ ڪنهن به مقامي زبان ۾ ڪونه ٿيو آهي. زيور هر ڪا پائي پر ڪا زيور ٺمڪائي به ته ڏيکاري! ڪنهن کي اها اميد هئي ته اهي ساڳيا ماڻهو، چچ نامو، معصومي، طاهري، تحفة الڪرام، بيگلار نامو ۽ مڪلي نامو، وغيره جهڙن خشڪ ڪتابن ڏانهن مڙي پوندا، يا پنهنجن زنده جاويد املهه ماڻڪ شاعرن کي ڳولهي، انهن جي ٻولي ٻولڻ لڳندا؟ شاعرن جو ذڪر ڇڙيو آهي ته منهنجي هيءَ ڳالهه ٻڌي ڇڏيو ته مان هن زماني ۾ اهڙا شاعر به ڏسان ٿو، جن جو ڪلام ڪنهن ڏينهن سنڌيءَ جي ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪلام سان ڪلهو گسائيندي نظر ايندا.“
    سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت ۽ اهميت کي سمجهي، جيئن انگريز اديبن، انگريز حڪومت جي ابتدائي دؤر کان وٺي، ان کي پڙهڻ، ان تي تحقيق ڪرڻ ۽ تحقيق ڪرائڻ شروع ڪئي، تيئن آزاديءَ کان اڳ يا ان کان پوءِ آمريڪا، يورپ ۽ روس جي عالمن، اديبن ۽ محققن، جديد علم جي روشنيءَ ۾، ان جو مطالعو ڪرڻ شروع ڪيو.
    سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجي ڌرتيءَ جون، پنهنجن بزرگن، نيڪ مردن، سياڻن ۽ سرويچن، اديبن ۽ عالمن، اُنهن جي سوچ ۽ ساڃاهه جون، سندن آسن ۽ اُميدن، سندن اُمنگن ۽ جذبن، سندن ڪوشش ۽ ڪاوشن جون ڳالهيون بيان ٿيل آهن، سنڌي ٻوليءَ ۾، سنڌ شناسيءَ جي سلسلي ۾ سوين مضمون، مقالا ۽ نوان ڪتابڙا ۽ ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. انهن ۾ سنڌي ادب ۾ مختلف صنفن ۾ نون موضوعن ۽ مضمونن، بلند تخيل، ٻوليءَ ۾ پختگي، لفظن جي فراواني ۽ وسعت آهي.
    مرزا قليچ بيگ جو تعارف
    گرجستان جي مرزا فريدون بيگ جو پٽ ”قليج خان“ 4 محرم 1853ع مطابق 1270هه ۾ جنم ورتو. مرزا قليچ بيگ جنهن جي پيءُ ۽ ناني جو تعلق روسي تُرڪستان سان هو ۽ سندن مادري ٻولي تُرڪي هئي. پر ايران جي غلاميءَ واري دور ۾ هنن فارسي سکي ۽ پوءِ بالترتيب پندرنهن ۽ ڏهن ورهين جي ڄمار ۾ ايران جي شهنشاهه وٽان ”تحفي طور“ سنڌ جي حڪمران مير ڪرم علي خان کي 1805ع ۾ مليا. ۽ ائين سنڌ اچڻ کان پوءِ سنڌي سکيا. ان بابت مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪٿا ”سائو پن يا ڪارو پنو“ ۾ لکي ٿو ته:
    ”اسان جا وڏڙا سنڌي ٻولي هتي سکيا ۽ چڱي ڳالهائيندا هئا، اگرچه ڪي ڪي نج سنڌي حروف پوريءَ طرح نه چوندا هئا، ۽ گهڻن هنڌن تي مذڪر ۽ مونث جو غلط استعمال ڪندا هئا.“
    مرزا صاحب بهتر نثر نويس هو. هر قسم جي مضمونن جا ڪتاب انگريزي، پارسي، عربي، ۽ اردو ٻولين مان سنڌيءَ ۾ ترجما ڪيا اٿس. ڪيترائي ڪتاب خود تصنيف ڪيا اٿس. مرزا صاحب جي ڪل ڪتابن جو ڳاڻيٽو ساڍا ٽي سو کان مٿي آهي. پاڻ نثر جي سمورين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي اٿائون، جهڙوڪ، لغت، صرف ۽ نحو، علم منطق، علم طب، اقتصاديات، فلسفو، باغباني، اخلاقيات، ۽ دينيات تي ڪتاب لکيا اٿس.
    مقالات الحڪمت تي سرسري نظر:
    جيتوڻيڪ هي ڪتاب مختصر پر جامع ۽ مستند ۽ مفيد معلومات تي آڌاريل آهي، هن ڪتاب جو اصلوڪو نالو the essays آهي. جيڪو 1601ع ۾ لکيو ويو آهي هن ڪتاب جو اصل ليکڪ لارڊ بيڪن آهي. لارڊ بيڪن جنوري سن 1561ع ۾ ڄائو ۽ سندس وفات 9 اپريل 1626ع ۾ ٿي. مرزا قليچ بيگ جي چواڻي موجب ته :
    ”هن تمام گهڻا ڪتاب لکيا، ۽ اڪثر حڪمت جا. هڪڙي ڪتاب ۾ ته سڀني علمن جو بيان ڏنو اٿس. هن رڳو انگريزي ڪتاب نه لکيا، پر لاٽن ٻوليءَ ۾ به گهڻائي لکيائين، جي سڀ اڃا تائين مشهور آهن، ۽ وڏن وڏن مدرسن ۾ پيا پڙهجن“مڪالات الحڪمت مرزا قليچ بيگ ص 4)
    اڳتي وري مرزا صاحب هن ڪتاب جي مصنف جي باري ۾ ۽ هن ڪتاب ۾ پيش ڪيل ڪتاب بابت هيٺين ريت راءِ ڏئي ٿو:
    ”هن ڪتاب ۾ لارڊ بيڪن هزارين ڳالهيون ۽ هزارين خيال، جي عام جي فائدي لاءِ آهن ۽ جن جو جهانگيريءَ جي ڪمن ۾ گهڻو کپ ٿئي ٿو، سي ويڙهي سيڙهي آڻي هتي سوڙها ڪيا آهن.“
    مقالات الحڪمت جو ترجمو مرزا صاحب اُنهيءَ ڪري ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي جو هڪ ته ان وقت سنڌي ادب ۾ اهڙا ڪارگر ڪتاب نه هيا ان کي مدي نظر رکندي مرزا صاحب پنهنجي پسند ۽ پنهنجي دؤر ۽ ماحول جون ڳالهيون ڏسي ڪري هن پڙهندڙ جي ادب ۾ اضافي لاءِ اهڙا موضوع يا مضمون، ڇيڙيل ڳالهين ۽ نڪتن کي پنهنجون ڳالهيون ۽ پنهنجا نڪتا، پنهنجي دؤر جون ڳالهيون ۽ حقيقتون، پنهنجي ماحول ۽ سماج جون ڳالهيون، پنهنجن سهيوڳين ۽ همعصر ماڻهن جون ڳالهيون سمجهي، گهڻي چاهه سان انهن کي ترجمو ڪري پيش ڪري ٿو.
    تنهن وقت جي گهرجن ۽ ضرورتن کي سامهون رکندي، مرزا صاحب فقط اهو ڪتاب نه پر ان وقت جي سماجي علمن ۽ ٻين موضوعن طرف ڌيان پڻ ڏنو آهي. هن سلسلي ۾ علم اقتصاديات، علم سياسيات، علم تاريخ، علم سماجيات ۽ ٻين علمن تي اصلوڪن ڪتابن لکڻ ۽ ٻين زبانن ۾ ڇپيل معياري ڪتابن جي ترجمي جو ڪم جاري رکيائين.
    جهڙي ريت سيد حسام الدين راشدي جي چواڻي موجب ته
    ”اهائي قوم قائم رهي سگهندي جيڪا ترقي يافته قومن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏيئي، هلڻ جي ڪوشش ڪندي. هن خطرناڪ ۽ عجيب دؤر ۾ اها قوم جيئري رهندي ۽ اهوئي ماڻهو آبرومند مقام حاصل ڪري سگهندو، جيڪو زماني جي رفتار سان گڏوگڏ پنهنجي رفتار قائم رکندو ايندو.“ (سيد حسام الدين راشدي: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ص 681)
    هن ڪتاب جي گفتار 11 ”وير يا بدلو وٺڻ“ جيتوڻيڪ جيڪي تمام ڊڄڻا ۽ بزدل آهن، اهي ئي گهڻو وير رکندا آهن. جن کي ڌڪارين تن کي ڏجها ڏئي مارين؟ پر جيڪي اڏول دل وارا آهن، سي ڪڏهن به ڪون چوندا ته اسان کي ڪو ايذاءَ پهتو آهي. جي ايذاءُ وڏو آهي ۽ ڌيان ڏيڻ جهڙو آهي ته جنهن توکي اهو ايذاءُ پهچايو سو جيتوڻيڪ اصل ذليل ۽ خسيس هو ته به هاڻ پاڻ کي تنهنجي ڌيان تي آندو اٿس ۽ توسان ڄڻ ته مقابلو ٿو ڪري، اي انسان! تون وير وٺڻ لاءِ ڇو ٿو مٿا هڻين؟ ڪهڙي ارادي سان تون انهيءَ جي پٺيان پيو آهين؟ وڏڙا تڏهن ته سچ چوندا آهن ته ڪنهن کان ڪيل ڏوهه جو وير و‎ٺڻ ڏاڍو سولو آهي، پر انهيءَ جي معافي ڏيڻ ۾ وڌيڪ تعريف ۽ بزرگي آهي.
    هن ڪتاب جي گفتار 14 ”ڪاوڙ يا چڙ“ ۾ مرزا صاحب بي عقل ۽ ڪاوڙ يا چڙ واري انسان کي نصيحت ڪندي چوي ٿو ته اي بندا هوش کان ڪم وٺ. ڪاوڙ يا چڙ هڪ قسم جي نيچائي ۽ هيڻائي آهي تنهن کان بچ. تحمل ۽ عقل کان ڪم وٺ. ڇا تو ڏٺو ناهي ته جيئن واچوڙو ڇوهه ۾ وڻ ٽڻ پاڙون پٽي ڇڏي ٿو ۽ جتان لنگهي ٿو اتان سڃ ڪيو ڇڏي، يا جيئن زمين جي ڌٻڻ شهرن جا شهر غرق ڪري ڇڏيندي آهي، ائين اکيون پوري ڪاوڙ ۾ ڪاهي نه پو، ائين ڪرڻ گويا ترار پاڻ لاءِ ئي تکو ڪرڻ مثل آهي. جنهن سان تون پاڻ پنهنجي ڇاتي به ڦٽي وجهندين ۽ پنهنجي دوست جي ڇاتي به ڦٽي وجهندين. شوخي ۽ بي ادبي جهڙين ڳالهين تان رڳو بي عقل کي چڙ لڳي ٿي، پر ڏاهو ماڻهو انهن تي کلي ٿو ۽ بي پراوهي ڪري ٿو. وير ۽ ڪيني کي دل ۾ جاءِ نه ڏي نه ته تنهنجي دل کي ڏاڍا عذاب ايندا ۽ تنهنجا چڱا ڪم خيال به بگڙجي ويندا. ايذاءَ جي بدلي ڏيڻ بدران به معاف ڪرڻ جي لاءِ هميشه تيار رهه، جيڪو وير وٺڻ جي لاءِ وجهه ڳولي ٿو سو ڄڻ ته پاڻ کي ايذاءُ پهچائڻ جو وجهه ٿو ڳولهي ۽ تڪليف ۽ نقصان پنهنجي سر تي آڻي وجهي ٿو. اهڙي ريت ٻيا به ڪيترائي مضمون هن ڪتاب ۾ شامل آهن جن تي به راءِ پيش ڪرڻ چاهيندس ته اهي مضمونن ۾ پيش ٿيل نُڪتا سڀ اسان ۽ هر اشرف المخلوقات ۽ شريف النفس انسان لاءِ ڪارائتا آهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو