منهنجو ليپ ٽاپ گرم ڇو ٿو ٿئي..؟

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏25 سيپٽمبر 2014۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    عنوان ۾ موجود سوال مون کان باربار پڇيو ويندو آهي.. پڇندڙ اهو به ٻڌائيندا آهن ته سندن ليپٽاپ گرم ٿي بند به ٿي ويندو آهي.. جڏهن ته پهريان ائين نه هوندو هو.. پر هاڻي ته ائين بار بار ٿيندو آهي.. خاص طور جڏهن هو وڊيو گيم يا وري بهتر ڪوائلٽي واري ڪا مووي ڏسندا هجن..

    [​IMG]

    ليپٽاپ جو گرم ٿيڻ عام ڳالهه آهي.. جيئن جيئن پروسيسر طاقتور ٿيندو ويندو آهي ان ۾ غير ضروري گرمائش به وڌيندي رهندي آهي.. ليپٽاپ ۾ جيئن ته سمورا پرزا ويجهو ويجهو ۽ ننڍي سائيز ۾ لڳل هوندا آهن ان ڪري انهن کي گرم ٿيڻ ۾ دير به ناهي لڳندي.. ۽ جڏهن اهي حد کان وڌيڪ گرم ٿي ويندا آهن ته انهن کي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ لاءِ ليپٽاپ جو خودڪار نظار ليپٽاپ کي بند ڪري ڇڏيندو آهي..
    ليپٽاپ جي گرم ٿيڻ جو هڪ ٻيو سبب ان ۾ مٽي ۽ دز جو گڏ ٿي وڃڻ به آهي.. وقت سان گڏو گڏ ان ۾ اضافو ٿيندو رهي ٿو.. ۽ اها مٽي ۽ دز ليپٽاپ ۾ گرم هوا کي ٻاهر نڪرڻ ۾ رڪاوٽ بڻجندي آهي... جنهن سان ليپ ٽاپ گرم ٿيڻ شروع ٿي ويندو آهي.. خاص طور تي جيڪڏهن پروسيسر جي هيٽ سنڪ ۽ فين جي آس پاس مٽي موجود هجي ته ليپ ٽاپ وڌيڪ جلدي گرم ٿيندو آهي..
    هوئن ته بجلي گذرڻ ڪري هر پرزو گرمائش پيدا ڪندو آهي پر ليپٽاپ ۾ سڀ سڀ کان وڌيڪ گرمائش پيدا ڪرڻ جي ذميدار بيٽري ٿيندي آهي.. بيٽري صرف ان وقت گرم ٿيندي آهي جڏهن هو چارج ٿي رهي هجي.. ڊسچارج جي وقت گرمائش جي گهٽ مقدار پيدا ٿيندي آهي.. ٻئي طرف پروسيسر جيسيتائين هلندو رهندو آهي مسلسل گرمائش پيدا ڪندو رهندو آهي.. ۽ اها گرمائش ان وقت وڌي ويندي آهي جڏهن توهان CPU Intensive پروگرام هلائيندا هجو.. وڊيو گيمز ۽ ايڇ ڊي وڊيو پليئر اهڙن پروگرام جا عام مثال آهن.. جڏهن انهن کي هلايو ويندو آهي.. ته اهي پروسيسر جي طاقت جو ڀرپور انداز ۾ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته جيئن استعمال ڪندڙن کي بهتر ڪوائلٽي فراهم ڪري سگهجي.. پر ان سان پروسيسر تمام گهڻي گرمائش پيدا ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو آهي.. اهو ئي سبب آهي ته جڏهن توهان دز ۽ مٽي سان ڀريل ليپ ٽاپ تي وڊيو گيمز يا بهتر ڪوائلٽي واريون موويز هلائيندا آهيو ته اهو جلد گرم ٿي بند ٿي ويندو آهي..
    هن مسلئي جو صرف هڪ ئي مڪمل حل آهي.. ته توهان ليپ ٽاپ کي کولي ان جي صفائي ڪريو.. اهو ڪم سولو ناهي.. ۽ ان ۾ نقصان جو به خدشو رهي ٿو.. ليپ ٽاپ کولڻ ۽ پوءِ بند ڪرڻ لاءِ مهارت کپندي آهي.. ان لاءِ جيڪڏهن توهان پهريان ڪڏهن ليپ ٽاپ ناهي کوليو ته وڌيڪ بهتر رهندو ته ڪنهن ماهر کان اهو ڪم ڪرايو..
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبد الله فهيمي

    عبد الله فهيمي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    363
    ورتل پسنديدگيون:
    931
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سنڌي علماء جي ڪتابن کي جمع ڪرڻ
    ماڳ:
    ڳوٺ حاجي بگن خان ابڙو تعلقه ۽ ضلع لاڙڪاڻه
    اسان جي به اها ئي شڪايت آهي.
     
  3. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    منهنجي ڪيبورڊ ۾ مسئلو آهي، Arrow UP or DOWNN, RIGHT, LEFT وارا بٽڻ دٻائڻ سان Alt بٽڻ دٻائجڻ سان جيڪو ڪم ٿئي ٿو ائين ٿو ٿئي.. مطلب ته اهي بٽڻ هاڻ Alt ٿي پيا آهن.. توهان ڪجهه ڏينهن اڳ چيو هو ته ڪيبورڊ کولي صاف ڪريو. مون ڪيبورڊ کولڻ چاهيو پر نه کُليو.. شهر ۾ مستري وٽ کڻي ويم ته هُن چيو مون وٽ همراهه ڪونهي پاڻهي کولينس يا سڀاڻ اچجان. هاڻ انهي سڀاڻ کي اچي هفتو ٿيو آهي، مسئلو برقرار آهي..
    ليپٽاپ ڪيبورڊ بجا ڊيڪسٽاپ جو ڪيبورڊ پيو استعمال ڪريان ڏاڍو ڏکيو آهي..

    ڪو حل ٻڌايو ته انهي مسئلي کي ڪيئن سلجهائجي..
     
  4. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    مسترين وٽ تيز هوا هڻڻ وارو ڦوهارو واهه جو ڪم جو آهي. لاڳيتو هڻائيندا رهو. ليپٽاپ مٽي ۽ دز کان صاف ٿي ويندو.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏25 سيپٽمبر 2014
  5. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    اهو ڦوهارو (بلور) صرف ڪيبورڊ جي بٽڻن جي هيٺيان صفائي ٿو ڪري. ڪيبورڊ جي اندر نه.. اهو ته مون وٽ به آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عبدالسلام کهڙو

    عبدالسلام کهڙو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏3 جنوري 2015
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    ريسرچ آفيسر
    ماڳ:
    ملتان
    سُٺي برانڍ استعمال ڪريو نه گرم ٿيندو ۽ نه بند...
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو