ڪجهه ننڍا پر اهم ٽول ڪڏهن ڪڏهن اسان کي اهڙن ننڍن ننڍن ٽولز جي ضرورت پوندي آهي جن کي هلائيندي ڪو مسئلو ٺيڪ ٿيو وڃي.. جهڙوڪ ٽيمپريري فائلز جو ڊيليٽ ڪرڻ يا وري پرنٽر جي ڪم نه ڪرڻ جي صورت ۾ ان جي سروس کي ٻيهر بحال ڪرڻ وغيره.. ان ڪري Some small tools جي نالي سان هڪ ننڍو بنڊل موجود آهي جنهن ۾ انتهائي ڪارآمد ننڍا ننڍا اٺ عدد ٽولز جمع ٿيل آهن.. 1. TempCleaner هي هڪ ننڍو پورٽ ايبل ٽول آهي جيڪو سسٽم مان عارضي فائيلز کي ڊيليٽ ڪندو آهي.. مختلف پروگرام ڪم ڪرڻ دوران پنهنجي عارضي فائيلز سسٽم تي ٺاهيندا رهندا آهن.. جن کي ڪجهه عرصي کان پوءِ صاف ڪرڻ گهرجي .. ان لاءِ ٽيمپ ڪلينر هلائڻ سان سسٽم ۾ ٺهندڙ عارضي فائيلز سيڪنڊن ۾ ختم ٿيو وڃن... 2. Rexplorer ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آهي جو جڏهن ونڊوز اپڊيٽس انسٽال ڪجن يا وري ڪو سافٽويئر ۽ ڊرائيور انسٽال ڪجي ته جيسين سسٽم ري سٽارٽ نه ڪجي تيسين تبديليون فعال نه ٿينديون آهن.. اهڙي صورتحال ۾ ري ايڪسپلورر ٽول جو استعمال ڪري سگهجي ٿو.. جنهن کي هلائڻ سان ونڊوز ايڪسپلورر ري اسٽارٽ ٿي ويندو آهي.. هن جي خاص ڳالهه اها آهي ته هي اڳ کليل فولڊرس ۽ پروگرامز کي ياد رکندو آهي.. ۽ ونڊوز ايڪسپلورر کي ٻيهر هلائيندي اهي سمورا فولڊرس ۽ پروگرام کولي توهان کي زحمت کان بچائيندو آهي.. 3. FixPrintS پرنٽر کي پرنٽس موڪليندي پرنٽ نڪرڻ جو سلسلو رڪجڻ عام ڳالهه آهي.. پرنٽر سپولر ۾ وڃي انهن رڪيل پرنٽس کي ڊيليٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو ته معاملو وڌيڪ الجهي ويندو آهي.. ان مسئلي کي سولائي سان سلجهائڻ لاءِ فڪس پرنٽس کي هلايو.. هي ٽول سموريل رڪيل پرنٽس کي صاف ڪري سپولر جي سروس کي ٻيهر هلائي پرنٽر کي استعمال جي قابل بڻائيندو آهي.. 4. Rebuild Icon cache ڪڏهن ڪڏهن ونڊوز ايڪسپلورر پروگرامز جي آئي ڪانس کي غلط ڏيکارڻ شروع ڪندو آهي.. ان مسئلي کي سلجهائڻ لاءِ ReIconCache.exe کي هلايو.. 5. Copy IP جيڪڏهن سسٽم جي آئي پي معلوم ڪرڻي هجي ته هن بنڊل مان ڪاپي آئي پي کي هلايو.. جنهن سان توهان جي سسٽم جي آئي پي ڪلپ بورڊ ۾ ڪاپي ٿي ويندي جنهن کي ڪاٿي به پيسٽ ڪري حاصل ڪري سگهجي ٿو.. 6. Update Time ڪيترن ئي سافٽويئرس کي انسٽال يا درست ڪم ڪرڻ لاءِ سسٽم جو ٽائيم ۽ تاريخ جو درست هجڻ ضروري آهي.. ان لاءِ UpdateTime.exe کي هلايو ته اهي ٻئي شيون جهٽ پٽ درست ٿي وينديون. 7. Shutdown جيڪڏهن توهان کي تڪڙ هجي ۽ سسٽم کي جلد بند ڪرڻو هجي يا وري ڪڏهن ونڊوز 8 تي ويهي ڪم ڪرڻو پوي ۽ ان کي شٽ ڊائون ڪرڻو هجي ته توهان شٽ ڊائون جو بٽڻ ڳوليندا رهندو.. جنهن جو ملڻ سولو ناهي.. اهڙي صورت ۾ هن بنڊل ۾ موجود shutdown.exe هلايو ۽ توهان جي اڳيان شٽ ڊائون مينو موجدو ملندو.. 8. Reduce memory پراسيسر کي تيزيءَ سان ڊيٽا فراهم ڪرڻ لاءِ ريم عارضي طور تي هارڊ ڊسڪ کان ڊيٽا اسٽور ڪري وٺندي آهي.. ته جيئن پروگرامز ۽ پراسيس تيزيءَ سان هلي سگهن.. پر حد کان وڌيڪ ريم جو استعمال سسٽم کي هينگ ڪري ڇڏيندو آهي.. ريم جو استعمال گهٽ ڪرڻ لاءِ هن بنڊل ۾ Reducememory.exe ٽول موجود آهي.. ته پوءِ دوستو هن ڪارائتي رڳو 2.3 ميگابائيٽ جي بنڊل کي ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو..