ڪجهه ننڍا پر اهم ٽول

'سافٽويئر' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏25 سيپٽمبر 2014۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,668
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڪجهه ننڍا پر اهم ٽول

    ڪڏهن ڪڏهن اسان کي اهڙن ننڍن ننڍن ٽولز جي ضرورت پوندي آهي جن کي هلائيندي ڪو مسئلو ٺيڪ ٿيو وڃي.. جهڙوڪ ٽيمپريري فائلز جو ڊيليٽ ڪرڻ يا وري پرنٽر جي ڪم نه ڪرڻ جي صورت ۾ ان جي سروس کي ٻيهر بحال ڪرڻ وغيره..

    [​IMG]

    ان ڪري Some small tools جي نالي سان هڪ ننڍو بنڊل موجود آهي جنهن ۾ انتهائي ڪارآمد ننڍا ننڍا اٺ عدد ٽولز جمع ٿيل آهن..

    1. TempCleaner
    [​IMG]
    هي هڪ ننڍو پورٽ ايبل ٽول آهي جيڪو سسٽم مان عارضي فائيلز کي ڊيليٽ ڪندو آهي.. مختلف پروگرام ڪم ڪرڻ دوران پنهنجي عارضي فائيلز سسٽم تي ٺاهيندا رهندا آهن.. جن کي ڪجهه عرصي کان پوءِ صاف ڪرڻ گهرجي .. ان لاءِ ٽيمپ ڪلينر هلائڻ سان سسٽم ۾ ٺهندڙ عارضي فائيلز سيڪنڊن ۾ ختم ٿيو وڃن...

    2. Rexplorer
    [​IMG]
    ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آهي جو جڏهن ونڊوز اپڊيٽس انسٽال ڪجن يا وري ڪو سافٽويئر ۽ ڊرائيور انسٽال ڪجي ته جيسين سسٽم ري سٽارٽ نه ڪجي تيسين تبديليون فعال نه ٿينديون آهن.. اهڙي صورتحال ۾ ري ايڪسپلورر ٽول جو استعمال ڪري سگهجي ٿو.. جنهن کي هلائڻ سان ونڊوز ايڪسپلورر ري اسٽارٽ ٿي ويندو آهي.. هن جي خاص ڳالهه اها آهي ته هي اڳ کليل فولڊرس ۽ پروگرامز کي ياد رکندو آهي.. ۽ ونڊوز ايڪسپلورر کي ٻيهر هلائيندي اهي سمورا فولڊرس ۽ پروگرام کولي توهان کي زحمت کان بچائيندو آهي..

    3. FixPrintS
    [​IMG]
    پرنٽر کي پرنٽس موڪليندي پرنٽ نڪرڻ جو سلسلو رڪجڻ عام ڳالهه آهي.. پرنٽر سپولر ۾ وڃي انهن رڪيل پرنٽس کي ڊيليٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو ته معاملو وڌيڪ الجهي ويندو آهي.. ان مسئلي کي سولائي سان سلجهائڻ لاءِ فڪس پرنٽس کي هلايو.. هي ٽول سموريل رڪيل پرنٽس کي صاف ڪري سپولر جي سروس کي ٻيهر هلائي پرنٽر کي استعمال جي قابل بڻائيندو آهي..

    4. Rebuild Icon cache
    [​IMG]
    ڪڏهن ڪڏهن ونڊوز ايڪسپلورر پروگرامز جي آئي ڪانس کي غلط ڏيکارڻ شروع ڪندو آهي.. ان مسئلي کي سلجهائڻ لاءِ ReIconCache.exe کي هلايو..

    5. Copy IP
    [​IMG]
    جيڪڏهن سسٽم جي آئي پي معلوم ڪرڻي هجي ته هن بنڊل مان ڪاپي آئي پي کي هلايو.. جنهن سان توهان جي سسٽم جي آئي پي ڪلپ بورڊ ۾ ڪاپي ٿي ويندي جنهن کي ڪاٿي به پيسٽ ڪري حاصل ڪري سگهجي ٿو..

    6. Update Time
    [​IMG]
    ڪيترن ئي سافٽويئرس کي انسٽال يا درست ڪم ڪرڻ لاءِ سسٽم جو ٽائيم ۽ تاريخ جو درست هجڻ ضروري آهي.. ان لاءِ UpdateTime.exe کي هلايو ته اهي ٻئي شيون جهٽ پٽ درست ٿي وينديون.

    7. Shutdown
    [​IMG]
    جيڪڏهن توهان کي تڪڙ هجي ۽ سسٽم کي جلد بند ڪرڻو هجي يا وري ڪڏهن ونڊوز 8 تي ويهي ڪم ڪرڻو پوي ۽ ان کي شٽ ڊائون ڪرڻو هجي ته توهان شٽ ڊائون جو بٽڻ ڳوليندا رهندو.. جنهن جو ملڻ سولو ناهي.. اهڙي صورت ۾ هن بنڊل ۾ موجود shutdown.exe هلايو ۽ توهان جي اڳيان شٽ ڊائون مينو موجدو ملندو..

    8. Reduce memory
    [​IMG]
    پراسيسر کي تيزيءَ سان ڊيٽا فراهم ڪرڻ لاءِ ريم عارضي طور تي هارڊ ڊسڪ کان ڊيٽا اسٽور ڪري وٺندي آهي.. ته جيئن پروگرامز ۽ پراسيس تيزيءَ سان هلي سگهن.. پر حد کان وڌيڪ ريم جو استعمال سسٽم کي هينگ ڪري ڇڏيندو آهي.. ريم جو استعمال گهٽ ڪرڻ لاءِ هن بنڊل ۾ Reducememory.exe ٽول موجود آهي..

    ته پوءِ دوستو هن ڪارائتي رڳو 2.3 ميگابائيٽ جي بنڊل کي ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو..
     
    15 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,243
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    تمام بهترين سائين .
    لک قرب
     
  3. عبيد ٿهيم

    عبيد ٿهيم سپرايڊيٽر انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,704
    ورتل پسنديدگيون:
    6,938
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    ڊولپر، ثقافت کاتو، حڪومتِ سنڌ
    ماڳ:
    ٽنڊوآدم
    هميشه جيان لاجواب ونڊ
     
  4. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    388
    ورتل پسنديدگيون:
    875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    SSA Thatta USAID Pakistan Reading Project
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    واه ادا ڪم جون شييون بهترين ونڊ.
     
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
  6. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ٿورا نه ٿورا مونتي ماروئڙن جا
     
  7. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    بهترين سائين
    لک قرب
     
  8. شهباز علي زرداري

    شهباز علي زرداري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 جولائي 2014
    تحريرون:
    62
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڪو ملھ ناهي ادا توهان جي تحرير جو............................
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو