سنڌي شاعريءَ صنف وائي

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ نرمل
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

نرمل

سينيئر رڪن
”نرمل“ کوهارو
سنڌي شاعريءَ جي صنف وائي
”وائي“
سوال: وائي ڇا آهي؟
جواب: سنڌي شاعريءَ جي اهم صنف آهي، جنهن ۾ عشق محبت ۽ وحدت جو ذڪر ڪيل هوندو آهي، وائي جي پهرين بند کي ٿلهه چئبو آهي، جيڪو اڪثر ڪري ٻه اڌ ٿئي ٿو ۽ ٿلهه کان سواءِ باقي مصرعون (سٽون) الڳ الڳ ٿين ٿيون جن جو قافيو آخر ۾ اچي ٿو، بناوت جي لحاظ کان وائي هيڪوڻي، ڏيڍوڻي ۽ ٻيڻي پڻ ٿيندي آهي، جنهن جو وزن ڇندوديا تي رکيل هوندو آهي.

سوال: ”وائي“ جي معنيٰ ڇا آهي؟
جواب: ”ڳالهه ٻولهه“.
سوال: وائيءَ کي چوٽ تي ڪنهن رسايو؟
جواب: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي.
سوال: مثال طور لطيف سائينءَ جي ڪا به وائي ٻڌايو؟
جواب: سڄڻ ٻاروچي ذات، دلبر ٻاروچي ذات
جاني جت وٺي ويا، روهه ۾ پيين رات
ڪهي ڪميڻي هليا، اديون آڌي رات
ملان محبوبن کي، وهاڻي پرڀات
اڌيون عبداللطيف چئي، ڏاتر ڏيندم ڏات.
سوال: وائي جي شڪل ڪهڙي صنف سان ملندڙ جلندڙ آهي؟
جواب: ”گنان“ سان.
 
جواب: سنڌي شاعريءَ صنف وائي

يار نرمل سچ ٻڌاٌءِ ته سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪري رهيو آهين يا ڪري چڪو آهين ۽ هاڻ ڪٿي پڙهائڻ شروع ڪيو اٿئي ۔۔۔ سچي ڪر ۔۔۔ ڇاڪاڻ ! ايئن ٿو لڳي مون ٻيهر سنڌي ڊپارٽمنٽ ۾ داخلا ورتي آهي ۔۔۔ مهرباني، پراڻيون يادوگيريون موٽائڻ تي ۔۔۔
 
Back
Top