سنڌ جي هارين ۽ پورهيتن جا مسئلا سدائين حل ٿيڻ جي اوسيئڙي ۾!!

'سنڌي ادب' فورم ۾ سائل مهراڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 سيپٽمبر 2014۔

  1. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,152
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    سنڌ جي هارين ۽ پورهيتن جا مسئلا سدائين حل ٿيڻ جي اوسيئڙي ۾!!

    نور محمد سمون


    هونئن ته سڄي ملڪ جي سمورن پورهيتن جا حال هميشه هِيڻا رهندا آيا آهن پر سنڌ جي زرعي پورهيتن جي حالت انهن سمورن کان بدتر رهي آهي، گذريل مهيني ڪاوش مئگزين ۾ هڪ کاهوڙي ڪردار، ڪامريڊ تاج مريءَ پاران هڪ مضمون ۾ انهن حالتن تي روشني وڌي وئي آهي، تاريخي پسمنظر ڏٺو وڃي ته زرخيز زمينن باوجود هن خطي جي پورهيت طبقي جي حالت هميشه خراب رهندي پئي اچي، 16 هين صدي کان 19 صدي دوران انگريز ليکڪن مسٽر ايڇ ٽي سورلي، ليفٽيننٽ ايس. اين رئڪس، مسٽر لينپول، مسٽر ونسينت سمٿ، مسٽر وٿنگٽن پاران لکيل ڪتابن ۾ احوالن توڙي “آئين اڪبري” ۾ به هتان جي هاري طبقي جي حالت ان دور جي هندستان جي ٻين علائقن جي نسبت وڌيڪ رحم جوڳي ڄاڻائي وئي آهي، جنهن جو هڪ وڏو سبب هتي ڪمزور حڪومتون ۽ امن امان جو مسئلو رهيو هو، ان کان سواءِ اڪثر پورهيت، وياج خورن وٽ ڦاٿل رهندا هئا، حڪومتن، انهن حڪومتن جي مقامي عملدارن پاران اٿل واهن، هُرلن يا برسات تي ٿيندڙ باراني زراعت ۽ چوپائي مال تي ڍل ۽ پن چري جي نالي ۾ ڌار ڌار ڳرا ٽئڪس به شامل رهيا آهن، پر گڏوگڏ اهو به ڄاڻايل آهي ته ان دور ۾ به ان پورهيت طبقي جي ماڻهن لاءِ ترقي جا موقعا ميسر هئا، تڏهن ان ئي پورهيت طبقي مان سنڌي ڪوري، جيڪي ڪپڙو اُڻندا هئا اهي سنڌ ۽ بهاولپور رياست جا والي ٻنجي ويا هئا ۽ ٽالپر بروچ قبيلو، جيڪي جَت ۽ ڌراڙ هئا، اهي ترقي ڪري سنڌ جا امير بنجي ويا هئا پر مجموعي طور صديون گذرڻ سان گڏ هي طبقو ساڳئي حالت ۾ رهندو پيو اچي. انهن صدين جي سمورن يورپي ليکڪن مان هر هڪ هي هڪ ڳاله ورجائي آهي ته “مشرق ۾ هيٺئين طبقي جي حالت ڪڏهن به بدلجي نه ٿي اها صدين کان جمود جو شڪار رهندي پئي اچي”.
    پنجاب ۽ هندستان جي ٻين علائقن ۾ اڳ ئي لاڳو ٽيننسي ايڪٽ کي ڪامريڊ حيدربخش جتوئي پاران ملڪ جي آزادي بعد سنڌ ۾ لاڳو ڪرائڻ هڪ وڏو ڪارنامو هو پر افسوس جو ان ايڪٽ تي سنڌ ۾ ڪٿي به عمل نه ٿيو، صدر ايوب خان ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جا زرعي سڌارا به گهڻو ڪارآمد نه بڻجي سگهيا. 1992ع وارو بانڊيڊ ليبر ايڪٽ نافذ ٿيڻ بعد گذريل 2 ڏهاڪن دوران هارين لاءِ ڪم ڪرڻ جي نالي ۾ ڪيتريون ئي سماجي تنظيون ۽ شخصيتون سامهون آيون پر انهن مان مرحوم شڪيل پٺاڻ ۽ ڪنهن حد تائين چوڌري آفتاب ئي اهڙيون شخصيتون ٿي اڀريون، جن کي زرعي، صنعتي ۽ بٺا مزدورن جي وستين ۾ به ڄاتو سڃاتو ويندو هو، سندن ڪوششن سان هزارين هاري ۽ پورهيت آزاد ٿيا، شروع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي مختلف سرڪٽ بئنچن ۾ ۽ بعد ۾ هر ضلعي جي سيشن ڪورٽن ۾ اهڙا ڪيس ٻُڌجڻ لڳا ۽ اڃا تائين جاري آهن، عدالتن ذريعي ملندڙ آزادي انهن لاءِ صرف ٿوري دير لاءِ خوشي ثابت ٿئي ٿي ڇاڪاڻ ته حڪومت پاران آزاد ٿيندڙ هاري خاندانن جي روزگار ۽ آبادڪاري جو ڪوبه بندوبست نه هئڻ سبب اهي هاري ٻيهر ڪنهن نه ڪنهن زميندار وٽ قيد ٿيڻ لاءِ رضاڪارانه طور تيار ڏٺا ويندا آهن. ان وچ ۾ اڳوڻي سنڌ اسيمبلي ٽيننسي ايڪٽ ۾ ڪجه هاري دشمن ترميمون ڪري ڇڏيون، هارين جي منظم نه هجڻ سبب انهن ترميمن خلاف موثر آواز به نه اٿاريو ويو. سوويت يونين جي ٽُٽڻ کان پوءِ کاٻي ڌُر واري سياست ڪندڙ دوستن جي سياسي ميدان مان گُم ٿي وڃڻ سبب پورهيت طبقو اڃا وڌيڪ يتيم ٿيو آهي.
    ڪجه هفتا اڳ ڏکڻ_اوڀر سنڌ جي هڪ ضلعي هيڊڪوارٽر واري شهر ۾ هڪ سرگرم سماجي تنظيم پاران “هاري ۽ زميندار ڪانفرنس” ڪوٺائي وئي هئي، ٻنهي ڌُرين جي اڳواڻن کي سڏايو ويو هو، حيدرآباد جا ڪجه سينئر صحافي به ان ۾ خاص طور شريڪ ٿيا هئا. ميزبان تنظيم جي دعويٰ هئي ته ٻنهي ڌُرين کي برابري جي بنياد تي طلب ڪري، انهن وچ ۾ پيدا ٿيل غلط فهميون دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي پر پنڊال ۽ اسٽيج تي ان تنظيم جي اڳواڻن کي زميندارن تان قربان ٿيندي ڏسي غيرجانبدار ماڻهو حيران ٿيندا رهيا، وڌيڪ حيرت تڏهن ٿي جڏهن هڪ زميندار، سوين ماڻهن جي موجودگي ۾ تقرير ڪندي چيو ته “ آئون هڪ هاري خاندان کي کپرو مان 3 لک روپين ۾ خريد ڪري آيس، انهن 2 مهينن کان پوءِ مون تي نجي جيل هلائڻ جو الزام هڻي ڪورٽ ۾ ڪيس ڪيو ۽ پوليس انهن کي آزاد ڪرائي وئي، مون پاڻ سان ٿيل ظلم خلاف پريس ڪلب ۽ چونڊيل نمائندن وٽ به دانهيو پر انصاف نه ٿيو” ان ڪانفرنس جي منتظمينن آخر ۾ زميندارن جي موقف جي حمايت ڪندي هارين کي ڪجه لقبن سان به نوازيو هو جنهن سبب هارين جي دل آزاري به ٿي هئي.
    ٻهراڙي جي ڳوٺن، ننڍن شهرن ۽ انهن جي آس پاس، هاري، بٺن ۽ کڏين جا مزدور، ڌراڙ ۽ سيٺن جي دڪانن وغيره تي ڪم ڪندڙ مزدور اهڙا ماڻهو آهن جن کي سندن محنت جي بدلي ۾ ملندڙ معاوضي ۾ هيراڦيري ۽ اڳواٽ قرض ڏئي پوءِ گروي مزدوري وٺڻ جون شڪايتون هتي عام آهن. جبري پورهئي خلاف ڪم ڪندڙ هڪ اداري جي پورهيت اڳوڻ ميوارام ميگهواڙ جو چوڻ هو ته “جهڙي نموني پوليس ۽ ٻيا ادارا ڏوهارين ۽ ٻين غيرقانوني ڪاروبار ڪندڙ ماڻهن سان مليل هوندا آهن ايئن ئي هتي هارين ۽ پورهيتن جي حقن جي ڳاله ڪندڙ، هارين ۽ پورهيتن جو استحصال ڪندڙن سان ملي ويا آهن، تنهنڪري اسان جي ڏهاڪن جي جدوجهد جو هتي ڪو خاص اثر نظر نه ٿو اچي، زرعي پورهيتن کي ته شروع کان يونين سازي جو قانوني حق مليو ئي ناهي، بٺا مزدور اهو حق هوندي به هتي استعمال ڪري نٿا سگهن، پنجاب صوبي جي بهاولپور، ملتان ۽ ڊيره غازي خان ڊويزنن ۾ بٺن تي 9 بائي 4 انچ واريون هڪ هزار ڪچيون سِرون ٺاهڻ عيوض ساڍا 7 سئو روپيا ملن ٿا، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ۾ به 600 روپيا اگه آهي پر افسوس جو جتي اسين ڪم ڪيون پيا (عمرڪوٽ ۽ ٿر ضلعي جي ڪلوئي واري علائقي ۾) اتي صرف 500 روپيا ملن ٿا، هتي بيماري يا شادي جي مجبوري ۾ جيڪي پورهيت بٺي مالڪن کان ڪجه رقم ايڊوانس کڻي چڪا هوندا آهن، انهن کي وري مٿئين آزاد پورهتن واري اگه بدران ان اگه جو 75 کان 80 سيڪڙو گهٽ معاوضو ڏنو وڃي ٿو، يعنيٰ هزار سِرن جا 400 روپيا. 12 بائي 6 انچ وارا چوڪا ٺاهڻ جو هتي اگه 1000 روپيا آهي، گروي مزدوري ۾ ساڍا 7 سئو روپيا ڏنا وڃن ٿا، سرن توڙي چئوڪن هي هڪ هزار تي 20 داڻا غير قانوني ڪٽوتي به ڪئي وڃي ٿي. سپريم ڪورٽ جي حڪم تي وفاقي سرڪار طرفان سال 2013ع ۾ سرن جو اگه 750 روپيا ۽ چوڪن جو 1200 روپيا مقرر ڪيو ويو هو، لاڳاپيل ادارن وٽ ان اگه تي عمل ڪرائڻ لاءِ بار بار دانهيندا رهون ٿا پر سرڪار به ان تي عمل نٿي ڪرائي سگهي، پنهنجي قانوني حقن لاءِ دانهيندڙ پورهيتن کي بٺا مالڪ نه رڳو بيدخل ڪري ڇڏيندا آهن پر مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي جيل موڪلي عبرت جو مثال بڻائي ڇڏيندا آهن، پورهتين جي رهائش، پيئڻ جي پاڻي، حاجت جي جاءِ، علاج يا ٻارڙن جي تعليم جهڙي ڪابه سهوليت ناهي ”
    اڳوڻي قومپرست ڪارڪن ۽ هاڻ پ پ سنڌ ڪائونسل جي زرعي پورهيت ميمبر تاجُو ڀيل جو چوڻ آهي ته “زرعي توڙي ٻين مزدورن ۾ هتي اسان اقليت جي هيٺئين طبقي جي اڪثريت آهي تنهنڪري اسان جي مسئلن ڏانهن ڪنهن جو ڌيان ئي نه ٿو وڃي، مسلمان زميندار پنهنجي جاءِ تي پر جيڪي اسان جا پنهنجا هندو سيٺ ۽ زميندار آهن اهي به اسان جي طبقي سان وهنوار ۾ گهٽ ناهن ڪندا، وڏن زميندارن ۽ سيٺن سان ڪا ننڍڙي زيادتي ٿيندي آهي ته اهي اسان هارين ۽ پورهيتن کي اڳ ۾ ڪندا آهن ته پاڻ سان ظلم پيو ٿئي پر افسوس جو اسان سان ٿيندڙ زيادتيون روڪڻ لاءِ اسان جي بااثر هندو ڪميونٽي، جن جو سنڌ جي سمورن شهرن جي هندو پئنچائتن تي قبضو آهي، هندن جي آبادي ۾ 85 سيڪڙو اسين ڀيل، ڪولهي، ميگهواڙ، اوڏ، بجير، جوڳي وغيره آهيون، اوچي ذات وارا صرف 15 سيڪڙو آهن، اهي سمورن هندن جا خودساخته نمائندا بڻيل آهن، اهي پئنچاتون اقليتي سيٺن ۽ زميندارن جون پئنچائتون آهن، هندو پئنچائتون هجن ها ته اسان جي به انهن ۾ نمائندگي هجي ها ۽ اسان پورهيتن جي استحصال خلاف اتان آواز اٿاريو وڃي ها ته ان ۾ وڏو وزن هجي ها”
    گذريل چوٿائي صدي کان پورهيت طبقي جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ سروڻ ڀيل جو چوڻ هو ته “ملڪ ۾ هارين ۽ پورهتن لاءِ ٺهيل قانونن تي ڪوبه عمل نٿو ٿئي، سمورين سياسي پارٽين اندر مرڪز کان وٺي تعلقي ۽ يونين ڪائونسل سطح تائين هارين ۽ مزدورن جون ڌار ڌار باڊيون ٺهيل آهن پر اهي عملي طور ڪوبه ڪم نه پيون ڪن، ساڳئي طرح پورهيتن جي نالي تي پرڏيه کان وڏا فنڊ وٺندڙ اين جي اوز به رڳو ڪاغذي ڪاروايون ڪن ٿيون، هاري خاندان سڄو سال زميندارن وچ ۾ ڍورن ڍڳن وانگر خريد و فروخت ٿيندا رهن ٿا، هر سال ڊسمبر ۽ جنوري جي مهينن ۾ انهن جو وڪرو عروج تي هوندو آهي، زميندار انهن جو ڪوبه حساب ڪتاب ناهن رکندا، هارپو ڇڏڻ تي پنهنجي مرضي سان هڪ هڪ خاندان کي مٿن لکين روپيا قرض هجڻ جو ٻڌائيندا آهن، ڪيترائي زميندار هارين کي رڳو ڪَتيءَ جي فصل جي ونڊي ڏيندا آهن پر چيٽ جي فصل جي کيڙي جو خرچ ۽ 6 مهينن جي سنڀال باوجود ونڊي ناهن ڏيندا، رات جو هڪ هڪ هاريءَ جي، اسڪول جي شاگردن وانگر نالا کڻي حاضري ورتي ويندي آهي، ڪنهن سبب جي ڪري صرف هڪ ڏينهن غير حاضر ٿيڻ واري تي سوين روپيا ڏنڊ وڌو ويندو آهي، ڪنهن هاريءَ کي ڳئون يا مينهن پالڻ جي به اجازت ناهي هوندي، هو چانه جي کير لاءِ وڌ ۾ وڌ هڪ ٻڪري پالي سگهن ٿا، ميرپورخاص ۽ حيدرآباد ڊويزنن ۾ پاليو ويندڙ چوپايو مال، جنهن جو تعداد ڪروڙن ۾ آهي، اهو سمورو زميندارن پاران هارين يا انهن جي اسڪول وڃڻ واري عمر جي ٻارڙن کان بنا ڪنهن معاوضي جي، ونگار ۾ چارايو ويندو آهي، جيڪڏهن ڪي زميندار پنهنجي مال جي ڌراڙ کي پگهار به ڏيندا آهن ته 50 ڳئون، مينهون يا ٻڪريون چارڻ واري ڌراڙ جي هن مهانگائي جي دور ۾ به اها پگهار صرف 15 سئو کان 2 هزار روپيا ۽ هڪ مڻ ڪڻڪ جا داڻا وِرو في مهينو هوندو آهي. زميندارن پاران هارين کي وِري ۾ ملندڙ ڪڻڪ يا اٽو ۽ ٻيو راشن مارڪيٽ جي اگه کان گهڻو مهانگو مڙهيو ويندو آهي، ڪنهن به زميندار جي زمين سُڪي يا ٻُڏي وڃي پر جيڪڏهن هن وٽ ڪجه هاري خاندان آهن ته هو انهن سان وهنوار ۾ هيراڦيري ذريعي به هر سال لکين روپيا ڪمائي وٺندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو هارين جي هڏين تان گوشت لهندو ويندو آهي ۽ زميندارن جي آنڊن تي وڌيڪ چرٻي چڙهندي رهي ٿي”.


    24 سيپٽمبر 2014
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو