اڄوڪي ڪاوش دنيا مئگزين ۾ منهنجو ڇپيل مضمون

'سنڌي ادب' فورم ۾ سائل مهراڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 سيپٽمبر 2014۔

  1. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,152
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    نور محمد سمون

    جڏهن 1965ع جي جنگ ۾ حُر مجاهدن ڪِشن ڳڙه قلعو فتح ڪيو

    سدائين خوشحال رهندڙ سنڌ جي ماڻهن کي عام طور ويڙهاڪ بدران هڪ امن پسند قوم تصور ڪيو وڃي ٿو، مياڻي ۽ دُٻي ۾ چارلس نيپئر پاران مڙهيل جنگين دوران ڏيکاريل جنگي ڪارڪردگي، (جيتوڻيڪ انهن ٻنهي جنگين ۾ ميرن پاران حصو وٺندڙ فوج ۾ ويڙهاڪ ٻروچ قبيلن جي اڪثريت هئي) موئن جي دڙي جي کوٽائي مان ڪوبه هٿيار نه ملڻ ۽ ڪڏهن به ٻئي ڪنهن ملڪ تي حملو نه ڪرڻ وارا تاريخي رڪارڊ ان تاثر کي اڃا به وڌيڪ مظبوط ڪن ٿا. ٿوري دير لاءِ پنهنجا سمورا سياسي، مذهبي، فرقيوارانه ۽ نسلي نظريا هڪ پاسي رکي حقيقت جي نگاه سان ڏٺو وڃي ته دنيا جي هڪ وڏي درياءَ جي ڪنارن تي، زرخيز زمينن ۽ چراگاهن جا سکيا ستابا مالڪ، جيڪي پنهنجي ماني، مکڻ ۽ مڇي يا ساڳ سان کائي، لسيءَ جا وڏا وٽا پي وڻن هيٺان لَت ڏئي سُڪون جون ننڊون سمهي پوندا هئا انهن جو صدين تائين گهر سُتي “ويڙهاڪ” بڻجڻ جو ڪوبه امڪان نه هو، اهڙن ماڻهن جي ڀيٽ ۾ جيڪي ماڻهو جنگين، ڏڪارن، وڏين ۽ ڊگهين لڏپلاڻن، ٻين اهڙين قدرتي ۽ انساني آفتن ۽ مصيبتن کي منهن ڏيڻ جي تجربن مان گذريا ٿي، اهي ئي ويڙهاڪ ثابت ٿيا آهن. سنڌ جا ڪجه علائقا ويجهي تاريخ ۾ انگريز راڄ دوران جن اهڙن تجربن مان گذريا آهن، تن ۾ نگرپارڪر ۾ 1850ع واري ڏهاڪي دوران (سڄي هندستان ۾ هليل آزادي جي پهرين جنگ 1857ع وارو ڏهاڪو) راجپوتن ۽ ڪولهين واريون مزاحمتون ۽ 19 هين صدي جي آخري ڏهاڪن کان شروع ٿيل حر تحريڪن کي هنن ماڻهن جا اهڙا تجربا ڳڻي سگهجي ٿو، جيئن ته هنن مزاحمتي تحريڪن ۾ سموري قوم بدران رڳو خاص علائقن، برادرين ۽ ڪنگري وارن پاڳارن پيرن جي مريدن ئي حصو ورتو هو، روحاني بنيادن تي جنگ ۾ حصو وٺڻ جو هنن پيرن جي اٽڪل 500 مريدن جو ان کان اڳ وارو هڪ تجربو سيد احمد شهيد بريلوي رح سان گڏ بالاڪوٽ ۾ سن 1820ع ڌاري سِکن سان جنگ وارو به آهي، جنهن ۾ ان جٿي جي اڪثريت اتي ئي شهيد ٿي وئي هئي، کين بالاڪوٽ ۾ دفنايو ويو هو، اتي اهي قبرون اڃا تائين “سنڌي شهيدن جون قبرون” طور سڃاتيون وڃن ٿيون. هن جنگ جي مهندار سيد احمد شهيد پاران پيرصاحب پاڳاري جي مريدن کي ڪربلا واري جنگ ۾ حصو وٺندڙ حضرت حُر جي امامن جي لشڪر سان وفاداري جي نسبت سان پهريون ڀيرو “حُر” جو خطاب ڏنو ويو هو، جيڪو اڃا هلندو اچي ٿو.
    چين ۽ هندستان وچ ۾ 1962ع ۾ لڳل جنگ دوران پاڪستان پاران چين جي اصولي مدد ڪرڻ بعد هندستان جي حڪومت، پاڪستان خلاف سٽون سٽڻ لڳي هئي، هندستان پاران تمام جلد رڻ ڪچ جي سرحد تي اڳرائين بعد برطانيا جي تڏهوڪي وزيراعظم وِلسن جي ڪوششن سان ٻئي قومون ان ڳاله تي متفق ٿيون هيون ته رڻ ڪچ جو 8 هزاز 461 چورس ڪلوميٽرن وارو متنازعه مسئلو گڏيل قومن جي، هڪ چيئرمين ۽ 2 ميمبرن تي ٻڌل انصاف واري عدالت نبيريندي، طريقه ڪار اهو طيءَ ٿيو هو ته هر هڪ ڌُر پنهنجو هڪ نمائندو ميمبر مقرر ڪنديون ۽ ان عدالت جو سربراه وري ٻنهي ڌُرين کي گڏجي مقرر ڪرڻو هو، پاڪستان پاران ايراني سفير، مسٽر نصرالله اينتزام کي چونڊيو ويو هو جيڪو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو صدر به رهي چڪو هو ۽ هندستان پاران يوگوسلويا جي هڪ قانوندان مسٽر اليس بيئر کي پنهنجو نمائندو مقرر ڪيو ويو هو، چيئرمين لاءِ ٻنهي ڌُرين پاران ڪنهن هڪ جي نالي تي وڏو عرصو متفق نه ٿيڻ سبب نيٺ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران سوئيڊن جي قانوندان مسٽر گنر ليگرگرين کي ان عدالت جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو هو، ان عدالت آڏو پاڪستان پاران جسٽس منظور قادر ۽ هندستان پاران مسٽر دافتري پيش ٿي پنهنجي ملڪن جو ڪيس پيش ڪيو، قصو ڪوتاه، 3 سالن کان پوءِ، فيبروري 1968ع تي عدالت فيصلو ڏنو ته “ڪچ جي رڻ جي 90 سيڪڙو ايراضي هندستان کي 10 سيڪڙو پاڪستان کي ڏجي ٿي”
    ان دوران هندستان پاران هڪ مڪمل جنگ جون تياريون جاري رهيون، وڏا حملا رڳو پنجاب ۽ ڪشمير جي سرحدن تي ٿيڻا هئا، پاڪستان جي حڪومت پاران هندستان جي مقابلي ۾ محدود وسيلن ۽ فوجي قوت کي نظر ۾ رکندي سنڌ ريجرز جي تڏهوڪي ڪمانڊر برگيڊيئر خدا داد خان کي ذميواري ڏني وئي هئي ته هو سنڌ جي مقامي محب وطن ماڻهن کي فوج ۽ رينجرز جي مدد لاءِ ڀرتي ڪري بنيادي تربيت ڏئي اڇڙي ٿر، ٿر ۽ رڻ ڪچ واري سرحد جي حفاظت يقيني بڻائي، جتي هندستان جي فوج جون 2 ڊويزنون موجود هيون.
    حر لشڪر ۾ ڀرتي ٿي 1965ع واري جنگ ۾ حصو وٺندڙ 2 غازي فقيرن، مومن ساند ۽ سگهو سمون سان ملاقاتن، جنگ ۾ حصو وٺندڙ ٻنهي ملڪن جي سينيئر فوجي آفيسرن ۽ بين الاقوامي فوجي مبصرن پاران لکيل ڪتابن تان ورتل ڄاڻ موجب برگيڊيئر خدا داد خان ان سلسلي ۾ ڪراچي ۾ پير سيد شاه مردان شاه سان ملاقات ڪري امڪاني جنگ جي تيارين جي سلسلي ۾ مدد طلب ڪئي هئي، جيڪا پير پاڳاري ڏيڻي ڪئي ۽ پنهنجي خليفن کي حڪم ڏنائين ته “ملڪ جي سرحدن جي دفاع لاءِ سندس جماعت جي هر گهر مان هڪ نوجوان حر لشڪر ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ فوج پاران سانگهڙ، کپرو، ڍورونارو، ڇور، عمرڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ قائم ڪيل مرڪزن تي پهچي وڃي” سندس حڪم تي هزارين مقامي مريد نوجوان ڀرتي ٿيا جن کي بنيادي فوجي تربيت ڏيڻ بعد فوج ۽ رينجرز سان گڏ سرحد تي موڪلڻ کان اڳ، 6 سيپٽمبر تي جيئن ئي هندستاني فوجن پاران سيالڪوٽ ۽ لاهور تي حملن لاءِ سرحد پار ڪئي ته جنگ شروع ٿي وئي، پير صاحب پاڳاري پاران ساڳئي ڏينهن ريڊيو پاڪستان تان نشر ٿيل پنهنجي هڪ تقرير ۾ پڻ حرن کي عمرڪوٽ ۾ گڏ ٿيڻ جو حڪم ڏنو ۽ پاڻ به ساڳئي ڏينهن عمرڪوٽ پهتو، شهر لڳ ڳوٺ روحل واءِ جي ڀِٽ تي انهن سمورن حرن کي خطاب ڪيائين ته “پنهنجي ملڪ تي اڄ حملو ٿيو آهي، باري تعاليٰ هن سرحد تي ان دفاع جي ذميواري توهان کي ڏياري آهي سو اچو ته گڏجي پنهنجي ڌرتيءَ جي حفاظت لاءِ رت جي آخري ڦُڙي تائين وڙهئون”
    پير صاحب پاران ٻين فوجي آفيسرن سان مشاورت بعد سنڌ جي ڊگهي سرحد کي 2 حصن ۾ ورهايو ويو، پنهنجي ننڍي ڀاءُ پير نادر علي شاه کي اتر ٿر، اڇڙي ٿر ۽ رحيم يار خان تائين چولستان واري علائقي جو ڪمانڊر مقرر ڪيائين ۽ پنهنجي خليفي فقير امين مڱريو شهيد کي ڏکڻ ٿر ۽ رڻ ڪچ واري سرحد جو ڪمانڊر مقرر ڪيائين، پاڻ حرن جا حوصلا وڌائڻ لاءِ مختلف محاذن جا دورا ڪندو رهيو ۽ جنگ واري سموري عرصي دوران عمرڪوٽ جي تاريخي قلعي اندر ڪيمپ قائم ڪري رهيو. پنهنجي جماعت جي ڪجه ٻين خليفن فقير عبدالله مڱريو، فقير نصير راڄڙ، لعل محمد مڱريو، سانگهڙ ضلعي جي خليفو عاقل هڱورو، فقير ارٻيلو ڪٽپر، پيراڻو فقير، امير علي نظاماڻي، اسماعيل چانگ، ڪمال فقير مڱريو، عثمان ڀاڻوجو، سکيو خاصخيلي، احمد فقير چانگ، مينهَن ڏاهري ۽ ٻين کي ڪمپني ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو هو.
    موناٻائو ۽ گڊڙو روڊ واريون راجستان آرمڊ ڪانسٽيبلري جون ڇانوڻيون ۽ ڪيتريون ئي چوڪيون حرن پهرئين ڏينهن فتح ڪري ورتيون هيون، انهن تان حرن جو قبضو ڇڏائڻ لاءِ هندستان جي فوج جي مختلف رجمينٽن لڳاتار 4 ڏينهن تائين ان ميدان تي جاري رهندڙ جنگ ۾ وڏيون ڪوششون ڪيون، 3 جٽ رجمينٽ جي ڪرنل دسمند جي اڳواڻي ۾ ٿيل ان وڏي فوجي ڪاروائي، جنهن ۾ هندستان جي 954 هيوي مارٽر بيٽري به حصو ورتو هو، مقامي حرن پاران انهن کي وڏو جاني نقصان رسايو ويو ۽ اهي ناڪام ٿي پوئتي هٽي ويا، بعد ۾ انهن جي مدد لاءِ 10 سيپٽمبر تي تازه دم فوجين جي هڪ ريل گاڏي ٻاڙمير ڇانوڻي کان، هٿيارن، بارود ۽ ٻئي جنگي ساز و سامان سميت موڪلي وئي جنهن کي حرن هوائي فوج جي مدد سان گڊڙو روڊ ريلوي اسٽيشن (جنهن کي مقامي ماڻهو ٽانڪي اسٽيشن چوندا آهن) تي پهچڻ کان اڳ ئي رستي ۾ روڪي تباه ڪري، مٿس قبضو ڪري ورتو هو، هنن پنهنجي علائقن ۾ هندستان جا 4 جنگي جهاز به ڪيرايا هئا، اتان کان اتر ۾ مغل دور جي راجپوت راجائن پاران تعمير ڪرايل مشهور تاريخي قلعن ڪشن ڳڙه، شاه ڳڙه، گهوٽاڙو کي فتح ڪري انهن تي پاڪستاني جهنڊو ڦڙڪايو ۽ انهن جي آس پاس وارين اهم چوڪين سميت اٽڪل 1800 چورس ڪلوميٽر علائقو فتح ڪيو هو.
    فقير مومن ساند ۽ سگهي سمي ٻڌايو ته اسين هندستان جو هڪ وڏو علائقو فتح ڪرڻ بعد ٻاڙمير ۽ جيسلمير ڏانهن اڳتي وڌي رهيا هئاسين ته 23 سيپٽمبر تي جنگ بندي جو اعلان ٿيو۽ اسان جي ڪمانڊرن اسان کي اڳتي وڌڻ کان روڪي ورتو. جنهن سان اسان کي ڏاڍي مايوسي ٿي. هنن ٻڌايو ته ڀرتي جي موقعي تي ڪيترائي حر اچي گڏ ٿيا هئا، مختلف علائقن مان آيل ڪيترن ئي ماڻهن کي اهو چئي واپس موٽايو ويو هو ته “هاڻ وڌيڪ ماڻهن جي ضرورت ناهي” اهي ڏاڍا مايوس ٿيا هئا، اسين خوشنصيب هئاسين جو اسان کي ان جنگ ۾ حصو وٺڻ جو موقعو مليو هو. هنن جو چوڻ هوته “اسان جي فوجي تربيت صرف ڪجه هفتا هئي پر قومي ۽ روحاني جذبو تمام گهڻو هو، پير صاحب پاڳارو ۽ سندس ڀاءُ پير نادر علي شاه به مختلف محاذن تي اسان جي رهنمائي ڪري رهيا هئا، تنهنڪري اسين پنهنجي جان جي پرواه ڪرڻ کان سواءِ جنگ ۾ حصو وٺي رهيا هئاسين.
    حرن پاران پير صاحب پاڳاري جي اڳواڻي ۾ هتي ڏنل بيمثال خدمتن عيوض تڏهوڪي صدر ايوب خان پاران پير شاه مردان شاه پاڳاري کي “تمغه رسالت” ۽ فقير امين مڱريو کي “سِتاره جُرئت” جي فوجي اعزازن سان نوازيو ويو هو،. فقير امين مڱريو جي پوٽي ۽ قانون واري کاتي جي آفيسر ڪريم بخش ٻڌايو ته جنگ دوران کين مليل فوجي هيلي ڪاپٽرن ۾ سفر دوران پير نادر علي شاه، فقير امين ۽ ٻين حر ڪمانڊرن کي ڀوڳن ۾ چوندو هو ته “مان هڪ پير پاڳاري جو پُٽ ۽ ٻئي جو ڀاءُ آهيان، اڳ ۾ به جهازن ۾ سفر ڪيا اٿم پر توهان پنهنجا ڀاڳ ڏسو، گهر ۾ دِلي ۾ اَن داڻا رکڻ وارا توهان غريب ماڻهو به جهازن ۾ ٿا سواري ڪريو”
    22 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل هڪ ٺهراءُ پاس ڪري ٻنهي ملڪن کان فوري طور غيرمشروط جنگبندي جو مظالبو ڪيو، 23 تاريخ تي ان تي عمل ٿيڻ شروع ٿيو. اهڙي ريت 17 ڏينهن واري هيءَ جنگ پڄاڻي تي پهتي. جنوري 1966ع ۾ سوويت يونين جي وزيراعظم اليڪسي ڪوسيجن جي ميزباني هيٺ، هاڻ ازبڪستان جي شهر تاشقند ۾ پاڪستان جي صدر ايوب خان ۽ هندستان جي وزير اعظم لال بهادر شاستري ۾ اهو مشهور تاريخي تاشقند معاهدو ٿيو هو، جنهن موجب 25 فيبروري 1966ع کان اڳ ٻنهي ملڪن جون فوجون فتح ڪيل علائقا خالي ڪري آگسٽ 1965ع وارين پنهنجين پوزيشنن تي واپس موٽي آيون. هن معاهدي بعد هندستاني وزيراعظم دل جو دورو پوڻ ڪري تاشقند ۾ ئي لاڏاڻو ڪري ويو.



    7 سيپٽمبر 2014
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو