اڄوڪي ڪاوش مڊ ويڪ مئگزين ۾ منهنجو مضمون،،،،،،،،،،،،،،،، نور محمد سمون

'سنڌي ادب' فورم ۾ سائل مهراڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 سيپٽمبر 2014۔

  1. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,152
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    اڄوڪي ڪاوش مڊ ويڪ مئگزين ۾ منهنجو مضمون
    نور محمد سمون

    سونهاري سنڌ جي ٻين شهرن وانگر عمرڪوٽ ۽ ان جي آس پاس به ڪيترن ئي بزرگن جون درگاهون آهن، جن تي صدين کان ساليانه ميلا مچندا اچن ٿا، انهن ميلن ۾ ماڻهو پنهنجي مذهبن، سماجي طبقن، فرقن توڙي عقيدن کي پاسيرو رکي صرف محبت جي بنياد تي ٻارن ٻچن سوڌو اچي مِڙن ٿا. شهيد مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي رح، پير پٿورو، مورجاڳو، ميان جان محمد، گجو راڻو، بيبي مِٺان، نصرالله ولي، فقير محمد صالح مڱريو، عاشق ولي، ڪبير شاه، جمال شاه، معصوم شاه ۽ ٻين بزرگن جي هنن درگاهن تي ساليانن ميلن کان سواءِ به هر سهائي سومر توڙي روزانو سلامي ڀريندڙن جون قطارون لڳل نظر اچن ٿيون. فطرت جي رنگيني وانگر هنن مان هر هڪ بزرگ جو پنهنجو پنهنجو الڳ ۽ مٿاهون شان ۽ رنگ رهيو آهي پر انهن سڀني کان ويجهي ماضي جي هن مست اَلست، حضرت سيد عيسن شاه جو صفا الڳ مقام آهي.
    اسين جڏهن گذريل هفتي هڪ عام ڏينهن تي سندس درگاه تي وياسين ته زائرين جي اچ وڃ جاري هئي، وڏي دروازي کان اندر ايندي ئي کاٻي هٿ تي واقع ڪشادي زناني زائرين خاني ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جو وڏو انگ موجود هو، مرداني مسافرخاني ۾ گادي نشين سيد نجف علي شاه جو ننڍو ڀاءُ زائرين کي دعائون ڏئي رهيو هو ۽ گادي نشين پاڻ وري لنگر جي هڪ ئي وقت چڙهيل ڪيترين ئي ديڳين جي نگراني ڪري رهيو هو.
    رياست گجرات جي ضلعي ڪڇ ڀُڄ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ سيد محمد عالم شاه جي گهر ۾ سن 1916ع ۾ جنم وٺندڙ هن بزرگ جي خاندان سندس ٻاراڻي وهيءَ ۾ ئي اتان لڏپلاڻ ڪري اچي هاڻوڪي عمرڪوٽ ضلعي جي ڳوٺ نبي سر روڊ ويجهو ديه کرڇيلي ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتي ڪوبه اسڪول نه هئڻ ڪري پاڻ ڪڇ ڀُڄ ۾ جيڪي هندي جا 4 ڪتاب پڙهيا، اها تعليم اڳتي جاري نه رکي سگهيا ۽ ان ئي ڳوٺ ۾ جڏهن جوان ٿيا ته هڪ ڀيري مجازي عشق کان بيزاري جي عالم ۾ جلال ۾ اچي پنهنجو پاڻ کي پنهنجي ئي هٿن سان زخمي ڪري وڌائون، صحتياب ٿيڻ کان پوءِ دنيا کان منهن موڙي مختلف هنڌن تي ويهي پنهنجي خاص انداز ۾ الله الله ڪندا رهيا، نوڪوٽ، نبي سر، نگرپارڪر، ڏيپلي، عمرڪوٽ ۽ لاهوت جا ڪيترائي سفر ڪيائون، اتي سندن تڪيا اڃا تائين سندس نالي سان سڏجن ٿا، انهن تڪين تي ساڻس ڪچهريون ڪندڙ سيد غلام حيدر شاه لڪياري بچا بند وارو، الهرکيو کوسو ۽ شادي خان کوسو نگرپارڪر وارا، امتياز علي ڪلر ڏيپلي وارو، فقير مقيم ڪنڀار مٺي وارو، جاني بنگلاڻي ۽ روشن کوسو عمرڪوٽ وارا، ريوو مل ڪلال، اڪبر ملاح ڍوريناري وارا ۽ ٻيا سندن مختلف ڪرامتون ۽ سچيون ثابت ٿيل اڳ ڪٿيون بيان ڪندي نه ٿڪبا هئا. هتي اهو مشهور آهي ته پاڻ پنهنجي مخصوص انداز ۾ پيار مان هر مرد لاءِ “ڇورو” ۽ هر عورت لاءِ لفظ “ڇوريءَ” جو استعمال ڪندا هئا، 10 مئي 1987ع تي 70 سالن جي ڄمار۾ پيالو پيئڻ کان اڳ ئي ٻڌايو هئائون ته “هاڻوڪا حڪمران ويندا ۽ جلد ڇوريءَ (بينظير ڀٽو) جي حڪومت ايندي” بعد ۾ بينظير ڀٽو جڏهن اليڪشن مهم جي سلسلي ۾ عمرڪوٽ جي دوري تي آئي ته هن درگاه تي اچي قُل بخشيائين. انهن ڪرامتن ۽ اڳ ڪٿين جو اثر اهو ٿيو جو سچل سرمست جي شعر “ڪو ڪيئن چوي، ڪو ڪيئن چوي، مان جوئي آهيان، سوئي آهيان” وانگر، هتان جو، ماضي قريب جو هي يگانو صوفي، جيڪو نماز روزي جي گهڻي پابندي به نه ڪندو هو، سڄو ڏينهن توڙي رات رڳو اگر بتين ۽ سگريٽن جي دونهن ۾ ويهڻ پسند ڪندو هو، تنهن جي مٿئين تصوير سندس حياتيءَ ۾ ئي عمرڪوٽ توڙي ڀر پاسي جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ اٽڪل هر گهر، دڪان، هوٽل، ريڙهي، بس، ڪوچ توڙي رڪشي وغيره ۾ نظر اچڻ لڳي، جنهن تي هاڻ روز گلن جا تازا هار ۽ اگربتيون ٻاريون وڃن ٿيون. هن سڄي علائقي مان هر سال لاهوت جي سفر تي ويندڙ قافلا سندس اڳواڻي ۾ ئي ويندا ۽ واپس ايندا هئا، هاڻ سندس درگاه تي پهرين حاضري ڀري پوءِ پنهنجو اهو سفر شروع ڪندا آهن ۽ واپسي تي به پهرين هتي اچي پوءِ پنهنجي گهرن ڏانهن ويندا آهن. عمرڪوٽ جي تاريخي قلعي سان لڳولڳ ڏکڻ طرف جتي سندس آخري تڪيو هو ۽ هاڻ درگاه به ان ئي هنڌ آهي، جتي هر سال 12 کان 14 رمضان المبارڪ تائين وڏو ميلو لڳندو آهي. جيئن ته پاڻ شادي نه ڪيائون تنهنڪري سندس وفات کان پوءِ سندس ننڍي ڀاءُ سيد غلام نبي شاه، 6 آڪٽوبر 2011ع ۾ وفات تائين درگاه جو انتظام سنڀاليو، جنهن بعد هاڻ سندس ڀائتيو نجف علي شاه سنڀاليندو آهي.




    03 سيپٽمبر 2014
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو