عبدالڪريم چانڊيو
سينيئر رڪن
ملڪ جي رائج قانونن ۾ صاف ۽ چٽو لکيل آهي ته ، ڪنهن به هڪڙي ڏوهاري جي بدران ڪنهن ٻئي بي گناه کي سزا نه ٿي ڏيئي سگهجي . اها ڳاله اسان جا رکوالا ۽ قانون جا محافظ چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا . مٿال طور ڏوهاري الف ته سزا ملي ب کي . ٻيو ته قانون جي رکوالن کي پنهنجي قانوني حدن ۾ رهي ڪري ڪم ڪرڻوآهي .پر سنڌ ۾ سڀ ڪجه ان جي ابتڙ ٿي رهيو آهي ، نه صرف لڪي چوري پر وڏن آفيسرن جي منشا ،مرضي ۽ نگراني هيٺ.
اچو ته ڏسون ته اسان جي پوليس ڇا ٿي ڪري ، روزانو اخبارن ۾ تصويرن سميت خبرون ڇپجن ٿيون ته ، سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن ڳوٺ تي يا علائقي تي هلاڪو خان جيئان پوليس حملا ڪري ، روڪ رقم ،سونا زيور ، اناج ،ڍور ڍڳا ، ٻڪريون ڪاهيو ۽ ڪڪڙيون بغلن ۾ هنيون ،آخر ۾ وسندڙ گهرن کي ڊايو يا ساڙيون نينهن جا نعرى هڻندي واپس ٿاڻن ڏانهن وري ٿي ، ڪڏهين ڪڏهين ته ڏوهارين جا رشتيدار ، ٻار ٻچا ۽ عورتون کڻي اچي ٿاڻن تي واڙين ٿا ، اهڙي طرح قانون جي رکوالي ڪندي پاڻ ڌاڙيل ۽ ڏوهارن جو روپ ڌارين . سوال اٿي ته ڇا اهڙين ڪارواين سان سنڌ ۾ ڏوهاري سرگرمين کي ٻنجو ايندو ؟ هرگز نه اهڙيءَ طره ته پوليس وڌيڪ ڏوهاري پيدا ڪري رهي آهي . اميد ته سنڌ پوليس ظالماڻو رستو ڇڏي انصاف ڏيارڻ واري رستي تي هلي ڪو سنڌي سماج جي خدمت ڪندي . نه ته هي سمورو اڏوهي کاڌل سنڌي سماج هڪ ئي لهر ۾ (ظالمن ۽ مظلومن سميت) لڙهي ويندو .