سنڌ امڙ جو سڏ

'سنڌي شاعري' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏26 سيپٽمبر 2014۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    هلول هلو ڪلفٽن جتي ٽي تلوار
    سڏي سنڌ امڙ ٿي ڪيو الله تهار
    دشمن ڪيون خوار جوکو جو آ جان جو

    هلو هلون ڪلفٽن جتي مڙيا جنگ جوان
    سنڌ جا سانڃه وند سڀئي پهلوان
    ڀڃو دشمن دهمان جو ديس کي دڙڪا ڏئي...

    هلو هلو ات جت جوڌن ٿئي جوڙ
    گونج گرج گاج ٿيون ڪيون اهڙو گوڙ
    آيو اهڙو موڙ پرک پوي ٿي پيار جي....

    سنڌ روئي سسڪي ڪڍيا اهڙا پار
    سڏي ٿي سڪ مان اچو اچو يار
    ملي ڪين ميار نينهن نڀايو ننگ سان...
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو