• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ تي ڪاه ڪندڙ آراين،منگولن،ارغونن،ترغانن مغلن وانگر سنڌ ۾ مرج ٿي وڃو۽سنڌ جي مُفاد لاءِ سنڌي سڏائيو

Sindhi Media

سينيئر رڪن
پناهگيرن کي به هاڻ گهرجي ته سنڌ ڪاه ڪندڙ آراين،منگولن،ارغونن، ترغانن مغلن وانگر سنڌ ۾ مرج ٿي وڃن۽سنڌ جي مُفاد لاءِ سنڌي سڏائين.
10712849_10204636159204723_8221510819487544007_n.jpg

 
سنڌ (گرامر موجب ، س + هنڌ = بهترين رهڻ جو هنڌ) . بلڪل صحيح ناهي! پر اُڙدو ڳالهائڻ وارن (اُهي جيڪي مهاجر بينر هيٺ هلن پيا) پنهنجن مُحسن سنڌي قوم سان اسٽيبلشمينٽ سان ملي مُسلسل زيادتي ڪندي اچي. هُئڻ ته ائين کپي ها ته پاڪستان جي نالي تي هندُستان کان مائگريٽ ڪري اچڻ وارن کي پاڪستان جي پنجن ئي صوبن ۾ برابريءَ جي بُنياد تي ترسايو وڃي ها پر ائين نه ٿيو ۽ سوا سنڌ جي ڪنهن به انهن جي مهمان نوازي نه ڪئي. سنڌين کين پنهنجون گهڻي ڀاڱي شهر توڙي ڳوٺن جون زمينون، گهر، آفيسون، فيڪٽريون تقسيم ڪري ڏنيون ۽ پاڻ اڄ به بي گهر آهن. حالانڪه هندستانين جي مائگريشن جائز ڪانه هُئي ۽ نه ئي پاڪستان ٺاهڻ جو اهو پلان هو. پلان اهو هو ته گڏيل هندُستان جا اڪثريتي مُسلمان علائقا پاڪستان ۾ شامل ٿيندا ۽ هر علائقي جو ماڻهون پنهنجي علائقي ۾ ئي رهندو. تواريخ ٻُڌائي ٿي ته گڏيل هندُستان جي مُسلم علائق وارن پاڪستان ۾ ضم ٿيڻ کان انڪار ڪيو ۽ پوءِ پنجاب جو گهڻو حصو (سکن تي مشتمل) جيڪو هندستان سان جڙڻو هو سو پاڪستان سان جوڙيو ويو. ۽ لڏ پلاڻ صرف ۽ صرف سکن جي ۽ مسلم پنجابيءَ جي ٿيڻي هُئي. جيئن ته پنجاب جي تقسيم برابريءَ واري بُنياد تي ڊزائين ٿي هُئي پر سکن جي اڪثريت ڪري پنجاب جو گهڻو حصو هندستان سان گڏجڻو هو، تنهنڪري پاور بيلنس ڪرڻ لاِ سنڌ جو صدين کان جُڙيل سرائڪي پٽيءَ (اڄ جو جنوبي پنجاب) کي سنڌ مان ڪڍي پنجاب سان به ان ڪري ئي جوڙيو ويو ته پنجاب به بيلنس ٿئي ۽ سڀ صوبا انتظامي لحاظ کان برابر رهن. جنهنڪري فقط هندستان جي پنجابين جي مائگريشن ۽ صرف واگها وسيلي قانوني قرار ڏني وئي ۽ هندستان مان سنڌ بارڊر طرف ايندڙ سڀ رستا بند ڪري واحد واگها جو بارڊر کوليو ويو هو ته متان هندستان جي ٻئي ڪنهن مُسلمان علائقي مان (جن پاڪستان ۾ ضم ٿيڻ کان انڪار ڪيو هو) جيڪي پاڪستان ۾ شامل نٿا ٿيڻ چاهين (سوا پنجابيءَ جي) اُهي هنن صوبن ۾ اچي نه سگهن. ان هوندي به اها هندستان جي مُسلم علائقن وارا زوريءَ زبردستي پاڪستان ۾ داخل ٿي ويا ۽ واگها ۾ داخل ٿي ويا جتي لوٽ مار شروع ٿي ۽ پنجابي ۽ هندستاني هڪ ٻئي کي مارڻ لڳا پوءِ اها لوڌ واگها وسيلي سنڌ ڏاسنهن ڌڪيلي وئي هُئي. ته (تيرا پاڪستان اگي هي)بجاءِ جو پوري مُلڪ جي وسائل ۽ نوڪرين ۾ انهن غير قانوني هندستاني هجرت ڪندڙن کي ڀائيوار ڪجي، کين رُڳو سنڌ جي ڪنڌ ۾ وڌو ويو. ڇو جو آزاديءَ جو نعرو سنڌ جي ليڊر قائد اعظم هنيو هو ۽ پاڪستان جو بل به سنڌ اسيمبليءَ پاس ڪيو هو. سنڌ جي پهرئين ليڊر قائد اعظم جي وفات کان پوءِ ان هندستاني لوڌ اسٽيبلشمنٽ سان ملي (اڄ به اُهي سنڌ جا نه پر اسٽيبلشمينٽ جا ڀائيوار آهن) انهن هندستانين جي وُجود کي، نوڪرين ۾ سنڌ ۾ مُڪمل قابض ڪرڻ لاءِ 7 سيپٽمبر 1948ع تي پهريون ڪوٽا سسٽم جاري ڪيو ۽ پوءِ سنڌ جي ٻئي ڪنهن ليڊر کي اپنائڻ بجاءِ لياقت علي خان کي وزير مقرر ڪيو جنهن 7 سيپٽمبر واري ڪوٽا سسٽم کي 1949ع ۾ وڌيڪ 15 سالن لاءِ نافذ ڪري ڇڏيو. ۽ بدنام شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو کي ڪيو ويو ته هُن ڪوٽا سسٽم مقرر ڪري پناهگيرن سان زيادتي ڪئي آهي. 1973ع واري قانون ۾ ڪوٽا سسٽم ان ڪري تازو ٿيو هو جو ايسٽ پاڪستان جُدا ٿي چُڪو هو جنهن جو 42 سيڪڙو حصو رکيل هو ۽ جيئن ته سنڌ ۽ بلوچستان ۽ ڪشمير ۽ ٻين علائقن لاءِ محض ڪُل 17 سيڪڙو هو ته اهو ترتيب ڏنو ويو ۽ ڪُل ٻهراڙي توڙي شهر لاءِ 11 سيڪڙو ڪوٽا (9 رورل ۽ 2 سيڪڙو شهر) لاءَ رکيو ويو. هندستاني آڄ به شهرن ۽ ٻهراڙيءَ ۾ رهي ٻئي ڪوٽا سسٽم حاصل ڪن ٿا ۽ پنجابي اسٽيبلشمينٽ ۽ بيوروڪريسي به ڀائيوار آهي. هن ڪوٽا سسٽم ۾ 42 سيڪڙو ايسٽ پاڪستان لاءِ ۽ صرف 17 سيڪڙو سنڌ، ڪشمير، بلوچستان ۽ ٻين ننڌن علائقن لاِ رکيو ويو جنهن کي به رورل ۽ اربن ڪوٽا آڌار تي مُڪمل هٿيايو ويو هو. باقي بچيل 41 سيڪڙو اڳئي پنجاب ۽ پنجابي اسٽيبلشمينٽ ۽ پنجابي بيوروڪريسيءَ جي حوالي هو. ته زيادتيون ته هميشه ۽ اڄ تائين به اهي هندستاني پنجابي اسٽيبلشمينٽ ۽ پنجابي بيوروڪريسيءَ سان ملي پنهنجي مُحسن قوم سنڌين خلاف ڪري رهيا آهن. انهن هميشه هر حڪومت ۾ چاهي زرداري مصالحتي پاليسي قانون هُجي سنڌ جا حق هڙپ ڪيا آهن ۽ هر دئور ۾ سندن سڀئي آڱريون گيهه ۾ رهيون اهن ۽ مشرف گورنمينٽ ته سمورو سنڌ سندن حوالي ڪيو آهي. سنڌي ته اڄ به بظاهر مالڪ سنڌ هوندي به بي گهر، مُفلس، علم کان دربدر، ڪا سڻڀي نوڪري هٿ نه ۾ آهن، اڄ به جهوپڙين ۽ ڪچن گهرن ۾ رهن ٿا جڏنهن ته هندستان کان آيل، فيڪٽرين جا مالڪ، بنگلن ۽ فليٽ ۾ رهندڙ، هر سڻڀي نوڪري ۽ اداري تي قابض هوندي به اجايا واويلا ٿا ڪن. ائين جيئن ڪو ظالم ٻئي کي ماري، چماٽون هڻي وري پاڻ دانهون ڪرڻ لکي ٿو ته کيس ڪو ماري پيو. هر شيءِ تواريخي رڪارڊتي آهي ۽ دُنيا بلڪُل انڌي ڪانهين. اُٺ پکي وانگر مُنهن واريءَ ۾ لڪائي سمجهجي ته ڪير ڏسي نه پيو ته اها پنهنجي بيوقوفي ٿيندي. سنڌ ۾ اڄ به جيڪي قومون رهن ٿيون (سواءِ واڻين، ميمڻن شيخن جي) سڀ سنڌ تي (ٻيون ماءُ ٻوليون ڳالهائڻ) ۽ ڪاه ڪندڙ ارغونن، ترخانن، ترڪن، ايرانين، آرايان سان گڏ سنڌ ۾ آيون ۽ سنڌ ۾ ئي ضم ٿي سنڌي سڏايين ٿيون. ۽ پنهنجون ماءُ ٻوليون ئي ڳالهائين ٿيون ۽ سنڌي سڏجن ٿيون ته پناهگيرن کي به گهرجي ته انهن وانگر پاڻ به سنڌ ۾ مل ضم ٿي وڃن ۽ سنڌ جي مُفاد تحت ڪم ڪن.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
7000 BC Indus Valley had been named (indose, Indus(in greek), Hindus (in Sinskrat) Sindh, Mehran (in recent sindhi script). Various Invaders (Aryan, Tar khan, Mangole Arab, Mughal etc), had changed the map of sindh for their domination & administration purpose but history of sindh remains there. Civilized Indus Valley with its Rich Land, History, Culture, tradition, hospitality, herritage still being read & viewed accordingly. Including Arab, including above said groups had been ruling a parting Indus Valley and naming it different but the Culture of all has similarity. So whatever Part of Sindh (Civilized Indus Valley) you quoted pertains to sindh. A part of Sindh after Division still prevails in today's India (Mumbai, Rin kuch, Thar) similarly it exists in Pakistan & merged in various Part of Provinces. Shahid I could not change your pre-set prejidice mind set, but refereeing history, I let you know that, It was sindhi Leader Quaid Azam & it was sindh assembly who Passed Pakistan Bill. It was Sindh only facilitate Indian Migrates in Sindh, The rest merged community & individual you are disclosing had been part b& parcel of English rulers settled in Pakistan, rather in India when united Hindustan was divided in two part on 17th & 18th August respectively. These had been the facilitators & beneficiaries of Pakistan & were with English Rulers not the People of SINDH who invent Pakistan, and still Backing. Quad Azam Muhammad ali Jinnah (The Pioneer) Z.A Bhutto (after him) & BB shaheed after him & the people of Sindh are only sacrifices for Pakistan & Quid's mind sets of Democracy, rather of Anti democratic Mindsets ruled forcibly on Pakistan under act of Marshal Law & dictator ship. Pakistan was Built with Ideas that Majority Muslim territories will be merged in Pakistan but United Hindustan Most Muslim Majority did not merged in Pakistan. Administratively, there was no migration plan for Pakistan but with Majority Muslims living in own areas (Muslim territories) . Unfortunately Since Punjab Majority Belongs to SIKH COMMUNITY so More part of Punjab was linked with India & smaller to Pakistan. To balance all Provinces a part of Siraikee Belt (To day known as Junoobi Punjab) was detached from SINDH & Merged in Punjab) You could match the tradition, culture, of Siraikee belt it is similar to SINDH. So no debate on it. Indian Since Muslim Territories refused to merge in Pakistan than, Indian Part of Punjab was get adjusted in Pakistan & only this migration of SIKH & Muslim Punjabi was legal, it was reason all doors from Inda to SINDH were Blocked and fences (Borders) of Sindh were also blocked & one Border (WAGHA) was Opened so only Indian Punjabi Shall Migrate Could Migrate from india to Pakistan & vice versa. & administratively Punjab become Huge Province & dis-balanced the Pakistan. To balance Province, It would have been in such a way that Sindh's Detached Part (SIRAIKEE BELT) would have been declared other province Srikistan, It kept in Punjab and as misbalanced administration of Pakistan East Pakistan remain Bangla Desh & due these un-justified administration 67 years are passed we are at same place we were before 1947 & no developments carried out for PAKISTAN due Domination of PUNJABI Bureaucracy, Punjabi establishment & India Migrates merged in sindh & Yet Like East Pakistan , Pakistan other Province People (sindhi speaking & Balochi) are deprived from fundamental rights & needs. Unless equal & parrallel JOB Facilities of Education, health, Sport share for Sindhi & Balochi in All Organizations, institutions are not ensured, we foresee these quarrel since Pakistan Resources are not balanced. Urdu Speaking Sindhi's despite holds all resources in Hand, (Sindhi Deprived), dominates in Sindh fully had continuous VOW! is beyond understanding. They had been fully facilitators, dominators during dictators Marshal Law (Most Musharaf) and during PPP/PML-Q/PMLN as well than Sindhi's & Balochies.
 
Back
Top