منصور سرور
سينيئر رڪن
شڪارپور جون 1203 جايون تاريخي ورثو قرار ڏنل آهن، جنهن جو ترتيبوار تفصيل هن طرح سان آهي ته: شهر ۾ پهرئين يونين ڪائونسل ۾ 122، ٻئي يوسي ۾ 461، ٽي يوسي ۾ 120، چوٿين يوسي 82 پنجين يوسي ۾ 11، ڇهين يوسي ۾ 38، ستين يوسي ۾ 337 ۽ اٺين يوسي ۾ 32 هنڌ اچي وڃن ٿا.
شڪارپور ۾، تاريخي ماڳن جي حوالي سان جن ماڻهن محنتون ڪيون آهن، تن ۾؛ ڊاڪٽر انيلا نعيم، نسيم مغل، مومن بِلو، ياسمين لاري، الطاف جهلڻ، خليل مورياڻي، نقش ”ناياب“ منگي، ڪليم لاشاري، حاڪم بخاري ۽ ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو سميت ڪيترائي اهم نالا ڳڻي ۽ ڳڻائي سگهجن ٿا. جن ادارن، شڪارپور جي تاريخي ورثن بابت ڪجهه ڪري ڏيکاريو آهي يا ڪري سگهن ٿا تن ۾، ثقافت ۽ سياحت جي صوبائي ۽ وفاقي کاتن سميت ورلڊ مانيومينٽ فورم (World Monument Forum) ۽ (UNESCO) يونيسڪو کي ڳڻي سگهجي ٿو.
هن وقت شڪارپور جي تاريخي اکين جي اسپتال، سرڪار جي سمورن قانونن قاعدن جي ابتڙ ڊهي نه رڳو هڪ خالي پلاٽ جي صورت ۾ سامهون آئي آهي پر ان تي، ڪاروباري مقصدن لاءِ دڪان وڪرو ڪرڻ لاءِ به تعمير ٿي چڪا آهن. هنن سِٽن لکڻ تائين، انهن دڪانن جي ڇتين جو ڪم هلندڙ آهي ۽ اهو عمل، شڪارپور سول ڪورٽ جي فرسٽ سينئر سول جج شڪيل شاهه جي ان حڪم جي سنگين ڀڃڪڙي آهي، جيڪو اسپتال بابت، ادبي سنگت جي ميمبرن، ممتاز منگيءَ جي درخواست تي اسٽي جي صورت ۾ هن جاري ڪيو هو. اهو معاملو توهين عدالت آهي ۽ جنهن خلاف ڪورٽ جو در کڙڪائيندڙ، ممتاز منگي توهين عدالت واري پس منظر ۾، پڻ درخواست داخل ڪرائي آهي. حيرت ۽ تعجب واري ڳالهه اِها آهي ته ضلعي انتظاميه، باخبر هئڻ باوجود، پنهنجي حصي جو عملي ڪردار ادا ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي ۽ جيڪڏهن ڪا ڪارروائي ٿي به رهي آهي ته اُها جهٽ گهڙي جي ڏيکاءُ واري آهي. هن اسپتال ۾، پهريون ڀيرو، پنج ڊسمبر 1909ع تي اکين جي مفت ڪئمپ لڳي هئي، جيڪا هيرانند هڻائي هئي. ان کان اڳ هي مُخير ماڻهو، مسڪين ۽ لاچار ماڻهن جي نور ٺهرائڻ لاءِ کين ڀاڙا خرچ ڏئي ڪوئيٽا اماڻيندو هو، پوءِ هن جي دل ۾ اهو ويچار ويٺو ته ڇو نه عوام کي اُها سهولت سندن علائقي ۾ ميسر ٿي. هن ڊاڪٽر، سر هينري هالينڊ سان رابطو ڪيو ۽ اسرار ڪيو ته عوام جا اهنج دور ڪرڻ لاءِ علاج واسطي، شڪارپور اچي. هن ان ڏس ۾ 1910ع ۾ اها اسپتال جوڙائي، جيڪا 1941ع واري بارش ۾ زبون حالي جو شڪار بڻي، تڏهوڪي گورنر، سر هيوڊو پنهنجي گهرواري سان گڏجي، جڏهن هن اسپتال جو جائزو ورتو ته هتان جون حالتون ڏسي کيس ڏاڍو افسوس ٿيو ۽ اُن کان به وڌيڪ هن جي گهرواري ڏکاري ٿي. هنن ٻنهي پنهنجا سمورا حيلا، وسيلا ڪتب آڻي اُها اسپتال 1946ع ۾ هڪ دفعو ٻيهر جوڙائي. اُن اسپتال جا سٽي سروي نمبر 12 ۽ 13 اسان کي اهو اطلاع ڏين ٿا ته اها پراپرٽي ڪوئيٽا مشينري اسپتال وارن حوالي آهي، جنهن جي ايراضي هڪ لک، چاليهه هزار، چار سئو ايڪياسي فٽ آهي جنهن جي هرئين سروي جي ايراضي ٽيٽيهه سو اٺاسي، ٻه فٽ آهي جڏهن ته وارڊ نمبر 46 جي 13 نمبر سٽي سروي ۾ 12221 وال شامل آهن.
1935ع ۾ اُها واڻڪي ملڪيت هئي، جيڪا بعد ۾ هيرانند اسپتال جي نالي سان آڏو آئي ۽ سٽي سرويئر عبدالشڪور ميمڻ جو چوڻ آهي ته اُن ڏينهن کان اڄ ڏينهن تائين اهو کاتو تبديل نه ٿيو آهي.
جن ڏينهن ۾ ڊي سي شڪارپور عبدالعزيز برلاس هو، هلندڙ سال جي شروعات وارن انهن ڏينهن ۾ حيدرآباد مشينري چرچ سان تعلق رکندڙ، پادري جي اڳواڻي ۾ ڄاڻايل اسپتال جي امڪاني وڪري خلاف پريس ڪلب شڪارپور آڏو احتجاج ٿيو هو جنهن جي ردعمل ۾، ڊي سي عبدالعزيز برلاس، اُن معاملي جو نوٽيس ورتو هو ۽ اسپتال جي مُک دروازي ڀرسان ڀت تي، اُها پراپرٽي وڪرو ۽ خريد نه ڪري سگهڻ واري هدايت لکرائي هئي ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ هن واضح لفظن ۾ اهو چيو هو ته ڪنهن به صورت ۾ اسپتال کي وڪرو ٿيڻ نه ڏبو. هن اهو به اعتراف ڪيو هو ته اُن جي وڪري جون ٻه چار ڀيرا ڪوششون ٿي چڪيون آهن.
اسپتال کي ڊاهي پٽ ڪندڙ افغاني پٺاڻ گل منير انهن ڏينهن ۾ اهو اقرار ڪيو هو ته چرچ انتظاميه 42 دڪان ٺهرائي اُهي وڪڻي، انهن پئسن مان اسپتال ٺهرائڻ جو ارادو رکي ٿي، جنهن کيس نه فقط دڪانن پر ڪوارٽرن، اسپتال ۽ چرچ ٺاهڻ جو به ٺيڪو ڏنو آهي، جيڪو هڪ سال ۾ مڪمل ٿيڻو آهي ۽ ابتدائي طور تي ان سڄي تعمير جي حوالي سان جيڪي چرچ انتظاميه پئسا ڏيڻا ڪيا آهن سي ساڍا سورنهن ڪروڙ آهن. افغاني پٺاڻ، عيسائي مشينري ۾ اختلافن ۽ اسپتال بابت مختلف دعويدارن ۽ انهن پاران مختلف ماڻهن کان ڪروڙين روپيا وٺڻ جي به تصديق ڪئي هئي ۽ ان حوالي سان هڪ پراپرٽي ڊيلر مشتاق شيخ جو نالو به ذڪر ۽ بحث هيٺ آيو هو جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته سندس ڏيڍ ڪروڙ روپيا اسپتال جي پلاٽ حاصل ڪرڻ واري لالچ لوڙهي ڇڏيو آهي انهن ڏينهن ۾، اسپتال خريدڻ جي حوالي سان شيخ برادري ڏانهن کڄيل آڱرين واري پس منظر ۾ جڏهن اڳوڻي صوبائي وزير مقبول شيخ آڏو اهو سوال اٿاريو ويو هو ته هُن ان معاملي کان لاتعلقي ڏيکاريندي ان عمل جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي هئي ۽ چيو هو ته ٽرسٽي پراپرٽي ڪنهن کي ليز تي 99 سالن لاءِ ليز ڪري ئي نٿي سگهجي. هن شهر جي ماڻهن کي اکين جي علاج واري اها سهولت ٻيهر ڏيڻ واري مطالبي تي زور ڏنو هو ۽ پنهنجي طرفان اهڙي اداري جوڙڻ جي حوالي سان هر طرح ۽ هر قسم جي سهڪار جي پڪ پڻ ڏياري هئي. جڏهن ته مالي سهائتا جو پڻ اعلان ڪيو هو. مقبول شيخ نه رڳو تڏهوڪن ڏينهن ۾ اها ڳالهه ڪئي هئي پر جڏهن 20 جولاءِ 2014ع تي سنڌي ادبي سنگت، اسپتال کي وڪري کان بچائڻ لاءِ رستم روڊ کان لکيدر تائين احتجاجي ريلي ڪڍي هئي ته اُن کانپوءِ پريس ڪلب پهچي بنا ڪنهن سوال جي پنهنجي طرفان اُها وضاحت به ڪئي هئي ته ان معاملي کي ڪي ماڻهو يا ڌريون اسان سان ڳنڍي رهيون آهن پر سچ اهو آهي ته ڊي سي کي چئي اهو ڪم روڪرايو ئي مون هو.
سنڌي ادبي سنگت شاخ شڪارپور پاران سر هينز هالينڊ، اکين جي اسپتال جي تحفظ لاءِ ورتل تحرڪ جي نتيجي ۾ 17 سيپٽمبر تي پريس ڪلب ۾ اي پي سي ٿي چڪي آهي ۽ 21 سيپٽمبر تي اسپتال ٻاهران ڌرڻو به لڳي چڪو آهي. سنگت پاران ايس ايس پي شڪارپور سان به هڪ وفد ملي چڪو آهي، جنهن قانون تي عملداري جي پوري پوري پڪ ڏياري آهي اها ئي خاطري، ڊي سي شڪارپور هادي بخش زدراري پڻ، ادبي سنگت جي وفد کي ڏياري چڪو آهي. ادبي سنگت پاران ثقافت کاتي سان پڻ لکپڙهه ڪئي وئي آهي ۽ ان معاملي کي وفاق تائين کڻڻ جو پڻ پروگرام طئه ٿيو آهي. ڏسڻو اهو آهي ته شڪارپور شهر جي تاريخي ورثي کي بچائڻ لاءِ متحرڪ ٿيل اديب، هن احتجاج جو ڪهڙو ٿا نتيجو حاصل ڪن؟
حقيقت اها آهي ته جهالت، لاعلمي ۽ بي حسي واري دور ۾، گهڻن ماڻهن کي اها خبر ئي نه آهي ته تاريخ يا تاريخي ورثو ڇا ٿيندو آهي. اهڙي عالم ۾، اديبن جي احتجاج عام ماڻهو کي گهٽ ۾ گهٽ اها آگاهي ۽ ساڃاهه ضرور ڏني آهي ته ڪي ماڳ اهڙا به ٿيندا آهن جن بابت بدنيتي ۽ انهن ۾ اکيون وجهڻ هڪ وڏو ڏوهه آهي. ادبي سنگت جو اهو احتجاج گهٽ ۾ گهٽ ان حد تائين ڪارائتو ضرور ثابت ٿيو آهي ته شڪارپور جي انچ انچ ۾ اکيون وجهندڙن جون نيتون ۽ ارادا پوري ريت پڌري پٽ پيا آهن ۽ امڪاني طور تي جن ٻين وڪرو نه ڪري سگهجندڙ ادارن مٿان خطري جون گهنٽيون وڄي رهيون هيون، گهٽ ۾ گهٽ، بدليل صورتحال ۾ انهن ۾ هٿ وجهڻ کان هاڻ هرڪو لنوائيندو. ڇو ته! هاڻ بدنامي هنن جي نيڪ نامي تي ڀاري پئجي سگهي ٿي. اسپتال وڪرو ڪندڙ عيسائي مشينري خود پاڻ حيران ۽ پريشان آهي ڇو ته هنن اهڙيون ٽرسٽي ملڪيتون ڪراچي ۽ ڪوئيٽا سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ کپايون آهن ۽ انهن جي ڪا به کين اُتي مزاحمت نه ڏسڻي پئي آهي. شڪارپور ۾ شروع ٿيل تحريڪ، هنن لاءِ هتي ته ڏچو بڻي ئي آهي آهي پر کين ٻين شهرن ۾ به امڪاني خطرن جا گهنڊ سڻائي رهي آهي ۽ نه رڳو عيسائي مشينري پر جيڪي جيڪي ماڻهو به سماج کي فائدي ڏيڻ لاءِ جوڙيل ادارن کي ڀڳڙن مٺ تي وڪرو ڪرڻ جو سوچي رهيا آهن تن جا به دڳ بند ٿي ويا آهن ۽ ائين ٿيڻ به گهرجي.
شڪارپور ۾ اديبن، شاعرن ۽ ڪالم نگارن جو تاريخي ورثن جي بچاءُ لاءِ ورتل تحرڪ پنهنجي گهرائي ۾، ڪيترائي سوال جنمي ٿو جن ۾ هڪڙو سوال اُهو به آهي ته آخر قلم قبيلي جي ماڻهن کي متحرڪ ٿيڻ جي ضرورت ئي ڇو پيش آئي؟ سول سوسائٽي، سياسي پارٽيون ۽ هن شهر جا صحافي ڇو هٿ تي هٿ پئي رکندا آيا؟ اها ڪهڙي مصلحت هئي جنهن کين مسلسل ماٺ ۾ رکيو؟