غيرضروري بحث ۽ تحرير

'مقالا' فورم ۾ سائل مهراڻ طرفان آندل موضوعَ ‏29 سيپٽمبر 2014۔

  1. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,153
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    غيرضروري بحث ۽ تحرير
    اُستاد نظاماڻي

    هتي مُنهنجي لکڻ جو مقصد نه ڪنهن جي وڪالت ڪرڻ آهي نه ئي ڪنهن کي سچو يا ڪوڙو ثابت ڪرڻ آهي مُنهنجي لکڻ جو مقصد اهڙي بنا مقصد تحرير جي مخالفت آهي جڏهن به ڪو ليکڪ قلم کڻي ٿو گهٽ ۾ گهٽ هن جي ذهن ۾ اهو ضرور هُجي جو هن جي تحرير جو ڪو تاريخي يا سماجي ڪارج نظر اچي ان ۾ ڏنل ڄاڻ پڙهندڙن کي نئين معلومات ڏي ڪي مُونجهارا ته پيدا نه ڪري، هروڀرون قلم کڻي ڪنهن کي رد به نه ڪجي.
    جناب ولي محمد خاصخيلي جو مضمون حُر لقب احمد شهيد جو ڏنل ناهي. جي عنوان سان ڪاوش دنيا ميگزين ۾ 21 سيپٽمبر 2014ع تي ڇپيو، جنهن ۾ هن نور محمد سمي صاحب جي مضمون ۾ ڏنل صرف چارسٽن وار حوالي ۾ آيل سيد احمد شهيد جي حوالي کي پنهنجي خيال مطابق رد ڪيو آهي، ان ڳالهه تي اچڻ کان اڳ اسان ان ڳالهه تي به سوچيون، آيا ليکڪ نور محمد صاحب واقعي غلطي ڪئي آهي يا پنهنجي جاءِ تي درست آهي، يا جنهن ليکڪ جواب ۾ پنهنجو موقف پيش ڪيو آهي ان جا دليل ڪيتريقدر مضبوط آهن. ڇا سمي صاحب کي جواب ڏيڻ جي ضرورت هُئي؟ پڙهندڙن کي ڪهڙي ڳالهه نئين پڙهڻ لاءِ ملي آهي يا ڪيتري ان ڳالهه جي اهميت آهي. حُر لقب واري راءِ سان مان ولي محمد سان متفق آهيان پر ڳالهه کي پاڻ بهتر نموني پيش ڪري نه سگهيو آهي ۽ نه ئي نورمحمد سمو ڪو غلط آهي، ڇاڪاڻ ٻنهي پاسي ڪتابن ۾ حوالا موجود آهن. پر اهو موضوع تمام گهڻو بار بار دهرايل آهي. ان تي وري قلم کڻڻ مونکي وقت جو ضيان ٿو لڳي.
    سيد احمد شهيد جو سنڌ ۾ اچڻ، حُر لقب ڪنهن ڏنو انهي عنوان تي سنڌ جي مڃيل محققن ايترو ته گهڻو لکيو آهي جو ان ڳالهه کي وري دهرائڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي. ٻنهي طرفن کان دليل ڏنل آهن، ظاهر آهي جيڪو نئون ليکڪ ڪنهن موضوع تي قلم کڻندو آهي ته ان جي ذهن ۾ به محققن جا ڪتاب هوندا آهن يا ان ڪٿي اهي ڳالهيون پڙهيون هونديون جيڪي لکڻ مهل ذهن ۾ اچن ٿيون، نورمحمد سمي جو ڏنل حوالو ڪو هوائي ڳالهين تي ڏنل ڪونهي اها ڳالهه ڪيترن محققن بار بار لکي آهي، ان مواد سنڌي اردو انگريزي ۾ مواد ڀريو پيو آهي جن تي اڳي به بحث ٿي چڪا آهن.
    مولانه غلام رسول مهر جيڪو هڪ ئي وقت محقق صحافي، انشا پرداز، نقاد به 13 اپريل 1893ع ۾ جالنڌر ۾ ڄائو ۽ 1971ع ۾ وفات ڪيائين، لاهور ۾ دفن ٿيو. ان محقق ڪيترائي ڪتاب لکيا، ڪيترن ڪتابن ۾ سندس حوالا ملن ٿا، سندس علمي ادبي ڪمن کان پورو برصغير متاثر آهي، ان پهريان اهو حوالو ڏنو، جنهن جي رد ۾ ٻه اکر لکيا ويا آهن، جنهن کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به رد ڪون ڪيو، 1957ع ۾ نڪرندڙ ٽه ماهي مهراڻ جي سوانح نمبر جي مقالي ”پيرپاڳارو سيد صبغت الله شاه شهيد ۾ “ لکيو ته پيرپاڳاري جي خاندان ۾ آزادي لاءِ جدوجهد جو بنياد حضرت صبغت الله شاه اول وڌو، جڏهن سنڌ مان هو سيد احمد شهيد جو ٻانهن ٻيلي ٿي پيو، کيس رسد توڙي مجاهدن جا دستا مدد طور ڏنا، انهن مجاهدن کي ئي پهريان حُر يعني آزاد سڏيو ويو. “ بعد ۾ اهو ساڳيو مقالو سانگهڙ جي سرهاڻ ۾ 1992ع ۾ به بنا ڪنهن حاشئي يا ترديد سان جيئن جو تيئن ڇپيو، جنهن جو مرتب جناب الهورايو بهڻ هو. بعد ۾ اهو مقالو ڪيترائي دفعا مختلف رسالن اخبارن ۾ وري وري ڇپندو رهيو آهي.
    ان کانپوءِ خانبهادر خدا داد خان جو ڪتاب ڇپيو لُب تاريخ سنڌ، جنهن جي تصحيح ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪئي آهي، جنهن جو ٻيو ڇاپو 1992ع ۾ ڇپيو، انهي ڪتاب جي صفحي نمبر 296 جي حاشئي تي ڊاڪٽر صاحب سيد احمد شهيد واري ڳالهه ڪئي آهي ان ڳالهه کي وزن ڏيندي عثمان سنڌي جو به ذڪر ڪيو اٿس ته اهو غازي ڪهڙي نموني جهاد ۾ شامل ٿيو. وڌيڪ تصيل ڪتاب جي انهي صفحي تي موجود آهي.ان کانپوءِ خود سڪندريه پبليڪيشن جامعيه راشديه درگاه شريف مان شايع ٿيندڙ ڪتاب خزانته المعرفته ملفوظات شريف حضرت پيرسائين سيد صبغت الله شاه (اول) جنهن جي ملفوضات کي سندس فرزند ارجمند ان وقت جي پيرصاحب پاڳاري سنڌي ڪافي جي مشهور شاعر علي گوهر شاه اصغر سائين سهيڙيو آهي،
    حضرت صبغت الله شاه اول ( جنهن جي دور ۾ سيد احمد شهيد سنڌ آيو هو) جي ملفوضات شريف جي مقدمي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صفحي نمبر 24 تي لکي ٿو ته جڏهن احمد غازي، سکن خلاف جهاد جي ارادي سان سنڌ ۾ آيو ته جناب حضرت پيرصاحب جن ئي سيد صاحب کي پاڻ وٽ مهمان ڪيو، جهاد جي تياري ۾ سندن پوري پُٺڀرائي ڪئي، سنڌ کان ٻاهر جي تاريخي ڪتابن ۾ اهڙا حوالا موجود آهن. پاڻ انهي سلسلي ۾ گهڻن کي خط لکيائون، ته جهاد لاءِ غازين جي فوج ۾ شامل ٿيو، پنهنجي جماعت جي فقيرن مان جلد ئي غازين جا خاص دستا تيار ڪيائون. انهي صفحي تي جهاد ۾ شامل ٿيندڙ پنهو فقير ماڇي، محمد عثمان جو نالو اچي ٿو،
    ساڳي انهي ملفوضات شريف ۾ وڌيڪ دليل اهو آهي ته محمد حسن ساڪن ٽنڊو باگو کان روايت آهي ته لاهور جي سک حاڪم جي سڏ تي چڙهائي وقت حضرت پيرصاحب جن جهاد جو پڪو فيصلو ڪيو، ۽ ڪڇ ۽ لاڙ جي مريدن ڏانهن جهاد جا دعوت ناما موڪليا، انهي موجب مان ۽ پنهون فقير ماڇي سوار ٿي، درگاه تي حاضر ٿياسون حاضري وقت چيلهه سعادت ۾ هٿيار ٻڌل هو اهڙي طرح اسان کي تيار ڏسي حضرت جن (پيرسائين پاڳارو) ڏاڍا خوش ٿيا، آفرين آفرين فرمائيندا رهيا، پنهون فقير عرض ڪيو، حضرتا اسان کي ثواب اجر سان ڪهڙو ڪم اسان جا هي سر حضرت جن جي قدمن جي مٽي تان قربان. (ڏسو ڪتاب جو صفحو نمبر 25)
    ساڳي صفحي تي حاشئي ۾ بلوچ صاحب لکيو آهي))
    ان کان اڳ ڊاڪٽر صاحب پاڻ لکي ٿو ته مون 1957ع ۾ لکيو ته حُرتحريڪ جو بنياد پيو پوءِ درگاه شريف جي مولوي محمد صالح مهر جي ڌيان ڇڪائڻ تي لکيم ته هاڻ جهاد جو سلسلو شروع ٿيو. (انهي ڳالهه جي وڌيڪ ڊاڪٽر صاحب وضاحت نه ڪئي آهي. نه ئي پنهنجي مقالي ۾ ڇپيل حُر واري خطاب جي ترديد ڪئي، اهو ته ٿيو ملفوضات شريف جو احوال.اعجاز الحق قدوسي جي لکيل سنڌ جي تاريخ ۾ به مٿيون سيد احمد شهيد جو احوال پيرصاحب جي خطن وارن حوالن سميت تفصيل سان موجود آهي. ان کان علاوه کوڙ سارن مقالن مضمونن ۾ به اهو حوالو ايندو رهيو آهي، هتي انهن مقالن مضمونن جي ببليو گرافي ڏبي تن مضمون ۾ طوالت ٿي ويندي، ليکڪ اديب مختلف تقريرن ۾ اها ڳالهه دهرائيندا رهيا آهن.
    ظاهر آهي نور محمد سمي صاحب نه ئي پنهنجي طرفان حوالو ڏنو آهي نه ئي غلطي ڪئي اٿس ڇاڪاڻ ته اها حُر لقب واري ڳالهه انٽرنيشنل اسڪالرن جي ڪتابن ۾ موجود آهي. جيڪڏهن انهن دليلن کي رد ڪيو ويو آهي ته ولي محمد کي اُهي حوالا ڏيڻ گهرجن ها ، جيڪي ڪجهه تاريخ ڪتابن ۾ موجود آهن
    هاڻ پاڻ وري پنهنجي طرفان چئي فيصلو ڏئي ٿو ته “سچي ڳالهه اها آهي هڪ مسلڪ وارن ٻي مسلڪ تي احسان ڪرڻ خاطر پنهنجي مسلڪ کي حُرن ۽ پاڳارا خاندان جي حُريت واري تاريخي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ خاطر پنهنجي پاڻ کي زوري ٿافي تاريخ سان ويساه گهاتي ڪئي آهي.“ ان ڳالهه کي واضع ڪري لکڻ کپندو هو،
    خبرناهي ڪهڙي مسلڪ ڪنهن تي احسان ڪيو آهي يا جبر يا ويساه گهاتي ڇا مطلب آهي؟ ان ۾ عام پڙهندڙ ضرور غلط فهمي ۾ ويندو. ٻيو ته حُرجماعت جا ماڻهو ڊاڪٽر بلوچ صاحب سنڌي لغت جي صفحي نمبر 624 تي ، مسلڪ جي معنيٰ لکي آهي رستو، طريقو، رسم رواج. هاڻ پڙهندڙ جيڪڏهن ان معنيٰ ۾ سمجهي سگهن ته مطلب پاڻ ڳولين مان وضاحت ڪري ڪون ٿو سگهان.
    باقي حُر جماعت جو سلسله قادريه آهي جيڪو تصوف تي ٻڌل آهي اهو قادري سلسلو ديوبند بريلوي وارو بحث کان گهڻو اڳ جو آهي، ان سلسلي ۾ جناب ڊاڪٽر نذر حسين شر صاحب مبين وساڻ جي ڪتاب بچو بادشاه جي مهاڳ ۾ سُهڻي نموني لکيو آهي، جنهن ۾ ساڳيون سٽون آهن جيڪي ولي محمد ڏنيون آهن، پر حوالو ڪونهي ان کان علاوه مولانه مفتي عبد الرحيم سڪندري صاحب به پنهنجي علم مطابق هن تي لکي چڪا آهن. اوهان وري هتي فرق جماعت جي ڳالهه پيا دهرايو ته هڪ الله هڪ نبي هڪ مرشد، اهي ڳالهيون وقت جي حساب سان هُيون هاڻ وري هتي دهرائڻ ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي، پيرصاحب جا مريد سڀ حُرجماعت جي ايڪي ۾ هڪ آهن.
    انهي ساڳئي مضمون ۾ ليکڪ حُر هسٽاريڪل جي صدر ميرمحمد نظاماڻي جي حوالي سان ڳالهه لکي ته احمد شهيد کي سکن نه ماريو هو، هو هليا ويا پويان هن کي يارمحمد پٺاڻ جي سرڪردگي ۾ لشڪر حملو ڪري شهيد ڪيو.
    سکن جي مارڻ واري ڳالهه نورمحمد ته ڪون ڪئي، لکندڙ کي يا ميرمحمد صاحب کي ڪتاب يا ڪنهن اسڪالر جو حوالو ڏيئي ها ته بهتر ۽ ڪوشش ڪري ها ته شايد ڪٿي حوالو ملي به وڃي ها. اسان وٽ لکندڙن جو الميو اهو آهي ته ڪنهن به ماضي جي واقعي لکڻ مهل ان جي ڇنڊ ڇاڻ ڪون ٿا ڪن، تڙ تڪڙ ۾ لکيل لکت جو نتيجو اهو نڪرندو آهي ته غلطي مٿان مٿان غلطي دهرائبي رهبي آهي.
    اردو اسلامي انسائيڪلو پيڊيا يونيورسٽي پنجاب جي نگراني ۾ ڇپيل آهي ان جي جلد ٻئي ۾ سيد احمد جي زندگي تي تي تفصيلي نوٽ آهي جنهن ۾ سيد احمد جي شهادت متعلق لکيل آهي ته
    “ان زماني ۾ رنجيت سنگهه جو پُٽ شير سنگهه ڏه هزار فوجين سان مانسهره، مظفر آباد جي درميان چڪر لڳائي رهيو هو، هو ڊگهو پنڌ ڪري مٽي ڪوٽ جي دڙي تي پُهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جيڪو ڳوٺ بالاڪوٽ جي بلڪل سامهون هو، 6 مئي 1831ع ۾ جمعي جي ڏينهن ان جاءِ تي ٻه ڪلاڪ شديد لڙائي ٿي، جنهن ۾ ڪيترائي سک مارجي ويا، ۽ سو غازي شهيد ٿيا، جنهن ۾ سيد احمد شهيد، اسماعليل شهيد ٿيا. سکن سيد صاحب جي لاش تلاش ڪرائي لاش قبر مان ڪڍي دريا ۾ لوڙهي ڇڏي جنهن جي سر جي قبر ڳڙهي حبيب الله ۾ آهي (ڏسو صفحو نمبر 141)
    ساڳئي صفحن م لکيل آهي ته 1827ع ۾ سکن سان معرڪي ۾ اڪوڙي جي ڪاميابي بعد بيعت ورتي پشاور جي دراني سردارن يارمحمد دراني، سلطان محمد وغيره به بيعت ڪئي ، هي اهو يارمحمد دراني به هو، ان جي زهر ڏيڻ واري ڳالهه جو به ذڪر آهي پر هن ڪنهن لشڪر جي سپهه سالاري ڪري حملو نه ڪيو هو، زهر ضرور ڏنو هو پر ان سيد احمد شهيد مئو ڪون هو. وڌيڪ وضاحت لاءِ ڪتاب کي ڏسو.
    هان وڌيڪ ثبوت لاءِ اوهان ڪمپيوٽر تي ويهي گوگل ۾ سرچ ڪندو ته سيد احمد شهيد جي زندگي تي جيڪي به ڪتاب لکيا ويا آهن يا مقالا آهن انهن ۾ شهادت جو ذڪر ائين ٿيل آهي جيئن مون ٻڌايو آهي. ٿي سگهي ٿو دوستن وٽ ڪي حوالا هُجن، پر هتي پيش نه ڪيا ويا آهن.
    محمد الياس رضوي جي ڪتاب تاريخ جا اصول ۾ آهي ته
    “مورخ جو اولين فرض آهي ته پهريائين جدا جدا تاريخي اصل واقعن ۽ حقيقتن کان واقفيت پيدا ڪري جيئن اهي واقعا ڳالهيون مُنڍ ۾ هُئا، تنهن کانپوءِ هن جو ٻيو ڪم هي آهي ته انهن کي صحيح حقيقتن کان معنيٰ جو جامو پهرائي، يعني ربط تسلسل ۽ ترتيب ڏيڻ کانپوءِ انهن مان نتيجا ڪڍي. ڪنهن به فرد ۽ واقعي يا حادثي کي ساراهڻ يا مذمت ڪرڻ مورخ جو فرض نه آهي. ٿورن لفظن ۾ تاريخ جو علم هن ڌرتي تي انساني ارتقا جي مطالعي جو نالو آهي.”
    ڳالهه جو مطلب ته بي وزني تحرير ۽ بار بار دهرايل ڳالهين کي وري دهرائي نوان مونجهارا پيدا ڪرڻ کان بهتر آهي ڪا نئين تحقيق يا نئين موضوع تي لکيو وڃي.
     
  2. سدیر احمد مهر

    سدیر احمد مهر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 ڊسمبر 2014
    تحريرون:
    56
    ورتل پسنديدگيون:
    57
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Tiens International
    ماڳ:
    Nagar parkar
    ادا واقعی صحیح تها چئو پر توهان ء ادا ولی محمد بئی اسانجی جماعت جو سرمایو آهیو جی توهان بئی پاٹ م پیا بعص کندا تہ اسان ء جماعت جو مستقبل چا تپپهیندو توهان کی عیر ضروری بعص مناسب نتهو لگی
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو