چانڊوڪي
سينيئر رڪن
جس لهڻي سائين ڀرڳڙي جنهن سنڌي ٻولي کي نيٽ تي اجاگر ڪرڻ لا۽ وڏي جدوجهد ڪئي آهي اج اسين فخرسان ڳاٽ اچو ڪري ڪمپيوٽر ۽ نيٽ تي سنڌي لکون ٿا هن وقت نيٽ تي جيڪي به سنڌي سائيٽون آهن يا انهن کي جن ترتيب ڏنو آهي اهي ڳاله ته سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ڪن ٿا، ٻولي جي ترقي جي ڪن ٿا وڏي هام هڻن ٿا پر پاڻ ۾ نٿا ٺهن انهن جو هڪ ٻئي سان تعاون ۽ رابطو ڪونهي اهي هڪ ٻئي جي ڪم مان مطمئن ڪونهي اهي هڪ ٻي جي سائيٽن مان ڪمزوريون ڳولي اجائي تنقيد ڪن ٿا مون جيتري قدر محسوس ڪيو آهي ته انهن ڪڏهن به هڪ ٻي جي اصلاح نه ڪئي آهي ڪڏهن به گڏجي هلڻ هڪ ٻئي کي آٿت ڏيڻ جي ڳاله نه آهي ڪئي ڇو؟ مون اهوبه ڏٺو آهي ته اتفاق سان اگر ڪوسنڌي پنهنجي سائيٽ بابت آگاهي يا لنڪ ٻي سنڌي سائيٽ تي ڏي ٿوته ڄڻ ڪاريهر تي پير پاتائين پوءَ سائيٽ جا قانون قائده جاڳيو پون تنبيه سان گڏ اصولن جي ڀڃڪڙي جا ليڪچر لکجو وڃن ؟ ڇو ؟ با قي ٻين غير سنڌي سائيٽ جي باري ۾ اوهان سنڌي سائيٽن تي لکو اسان جي مٿي تي جؤن به ڪون سُرندي
سو ڳاله اها آهي ته اسان ۾
اها ميٺ محبت ختم ٿيندي وڃي هر ڪو اهو سوچي ٿو ته بس آن ۽ ڪان هجان اها صورتحال رهي ته پو اسان اتي هي هوندا سين جتي آهيون !!!!؟ انهي لاءُ نيٺ ڇا ڪجي.
سو ڳاله اها آهي ته اسان ۾
اها ميٺ محبت ختم ٿيندي وڃي هر ڪو اهو سوچي ٿو ته بس آن ۽ ڪان هجان اها صورتحال رهي ته پو اسان اتي هي هوندا سين جتي آهيون !!!!؟ انهي لاءُ نيٺ ڇا ڪجي.