نيٺ ڇا ڪجي ؟ ؟ ؟ ؟ ؟

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ چانڊوڪي طرفان آندل موضوعَ ‏13 مئي 2010۔

  1. چانڊوڪي

    چانڊوڪي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2010
    تحريرون:
    46
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جس لهڻي سائين ڀرڳڙي جنهن سنڌي ٻولي کي نيٽ تي اجاگر ڪرڻ لا۽ وڏي جدوجهد ڪئي آهي اج اسين فخرسان ڳاٽ اچو ڪري ڪمپيوٽر ۽ نيٽ تي سنڌي لکون ٿا هن وقت نيٽ تي جيڪي به سنڌي سائيٽون آهن يا انهن کي جن ترتيب ڏنو آهي اهي ڳاله ته سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ڪن ٿا، ٻولي جي ترقي جي ڪن ٿا وڏي هام هڻن ٿا پر پاڻ ۾ نٿا ٺهن انهن جو هڪ ٻئي سان تعاون ۽ رابطو ڪونهي اهي هڪ ٻئي جي ڪم مان مطمئن ڪونهي اهي هڪ ٻي جي سائيٽن مان ڪمزوريون ڳولي اجائي تنقيد ڪن ٿا مون جيتري قدر محسوس ڪيو آهي ته انهن ڪڏهن به هڪ ٻي جي اصلاح نه ڪئي آهي ڪڏهن به گڏجي هلڻ هڪ ٻئي کي آٿت ڏيڻ جي ڳاله نه آهي ڪئي ڇو؟ مون اهوبه ڏٺو آهي ته اتفاق سان اگر ڪوسنڌي پنهنجي سائيٽ بابت آگاهي يا لنڪ ٻي سنڌي سائيٽ تي ڏي ٿوته ڄڻ ڪاريهر تي پير پاتائين پوءَ سائيٽ جا قانون قائده جاڳيو پون تنبيه سان گڏ اصولن جي ڀڃڪڙي جا ليڪچر لکجو وڃن ؟ ڇو ؟ با قي ٻين غير سنڌي سائيٽ جي باري ۾ اوهان سنڌي سائيٽن تي لکو اسان جي مٿي تي جؤن به ڪون سُرندي
    سو ڳاله اها آهي ته اسان ۾
    اها ميٺ محبت ختم ٿيندي وڃي هر ڪو اهو سوچي ٿو ته بس آن ۽ ڪان هجان اها صورتحال رهي ته پو اسان اتي هي هوندا سين جتي آهيون !!!!؟ انهي لاءُ نيٺ ڇا ڪجي.
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: نيٺ ڇا ڪجي ؟ ؟ ؟ ؟ ؟

    آءُ ڀيڻ چانڊوڪيءَ جي ڳالهه سان سئو نه پر ٻه سئو دفعا سهمت ٿيندي چوندس ته اها حالت نه فقط اسانجي هن انٽرنيٽ جي دنيا ۾ آهي پر اها ساڳي عادت اسانجي ٻين ديني يا دنياوري وهنوارن ۾ پڻ آهي ۔۔۔ سنڌي اديب هجن يا سنڌي سياسي پارٽيون هجن يا سنڌي ادارا هجن يا وري سنڌي پڙهيل لکيل طبقو هجي ۽ مٿان وري دين لئه ڪم ڪندڙ هر مسجد جو مذهب پنهنجو، سڀ جا سڀ هڪٻئي کان ڌار ۽ هرڪو هڪ هٽي قائم ڪري ويٺو آهي ۽ ٻين کي غلط ثابت ڪرڻ کان علاوهه انهن کي هيٺاهين ڏيکارڻ خاطر ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار آهن ۔۔۔

    ايئن ڇو؟ آخر اها روش ڪيستائين هلندي؟ ڇا اها روش ۽ بري عادت اسانکي ڪهڙي منزل تي رسائيندي، اهو اسان ڪڏهن سوچيو آهي، يا ان طرف ڪڏهن وڌيا آهيون ۔۔۔

    مثال ته اسين هزارين ڏيندا آهيون ته هڪ مٺ ٿيڻ ۾ طاقت آهي، ٻڌي ۽ ايڪي ۾ برڪت آهي، ته پوءِ ان برڪت ۽ طاقت جي حاصلات ڪيئن ٿيندي؟

    ادي چانڊوڪي، آءُ اوهانجي ڳالهه سان سهمت ٿيندي، سڀني سنڌي ڀائرن کي عرض ڪندس ته هو اهڙن خامين جي خلاف آواز اٿارين ۽ جي هو اها عادت يا روش پاڻ ۾ به محسوس ڪن ته خدارا! ان روش يا عادت کي ترڪ ڪيو ۽ سنڌ جو مان مٿاهون ڪريو ۔۔۔

    اچو ڙي سورن واريون، ڪريون سور پچار ۔۔۔
     
  3. عبدالعزيز منڱريو

    عبدالعزيز منڱريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    80
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    Computer Programmer
    ماڳ:
    Hail, Kingdom of Saudi Arab
    جواب: نيٺ ڇا ڪجي ؟ ؟ ؟ ؟ ؟

    چانڊوڪي جون ڪيل ڳالهين جو مونکي ذاتي طور تجربو آهي، اها هڪ اهم خامي آهي اسان جي دوستن منجهه پر انهي کي توهان ڪامپٽيشن جو رنگ به ڏئي سگهو ٿا۔ پر اصل ۾ اهي دوست جيڪي اهڙا رويه رکيو ويٺا آهن انهن جي سوچ سمجهه ۽ تعليمي قابليت هڪ حد تائين هوندي آهي، ۽ انهن منجهه اهو خوف پيدا ٿيل هوندو آهي ته ڪو اچي اسان کان اڳتي نه نڪري وڃي، سو اهي اهڙيون حرڪتون ڪندا آهن جن جي ڀيڻ روشني ڳالهه پئي ڪئي، خير هن حال تي دعا ئي ڪري سگهجي پئي۔۔۔ مهرباني،،
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: نيٺ ڇا ڪجي ؟ ؟ ؟ ؟ ؟

    بلڪل ڀيڻ مان توهان سان پڻ متفق آهيان ان جو مون کان وڌيڪ ڪو اندازو ڪو نه ٿو لڳائي سگهي ڇو جو مان پاڻ ان جو متاثر رهي چڪو آهيان

    ان لا۽ صرف ۽ صرف دعا ئي ڪري سگهجي ٿئي

    سدائين گڏ
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: نيٺ ڇا ڪجي ؟ ؟ ؟ ؟ ؟

    دوست ڦلپوٽا ۽ سائين منڱريا صاحب۔ بيشڪ دعا ۾ وڏو اثر هوندو آهي ، پر جڏهن علاج موجود هجي ۽ ڳالهه وس ۾ هجي ته رب به چوي ٿو همٿ ڪريو ۔۔۔ عمل ڪريو ته جنت ۾ جاءِ مقرر ٿيندي، بغير عمل جي هر گز نه ۔۔۔ انڪري علاج ڪرڻو پوندو ۔۔۔ ۽ علاج جو نالو آهي ”ٻڌي ۔۔ ايڪو“
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: نيٺ ڇا ڪجي ؟ ؟ ؟ ؟ ؟

    ادي، اسان جا جيڪي سنڌي دوست، ڪٿي به اهڙي سوچ رکن ته فقط پنهنجو ۽ پنهنجي قوم جو نقصان ڪن ٿا۔۔۔ سائين نثار جي ڳالهه وانگر، ويبسائيٽون هجن، ادارا هجن، سياسي پارٽيون يا ذاتيون هجن۔۔۔ اسان جي سنڌ جي گهڻن دوستن ۾ اهي خاميون موجود آهن
     
  7. مراد

    مراد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 مئي 2010
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: نيٺ ڇا ڪجي ؟ ؟ ؟ ؟ ؟

    سائين توهان سڀني دوستن جا خيال پڙهياسين پنهنجي طرفان بعد ۾ راء ڏبي في الحال چپ رهڻ بهتر آهي۔
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: نيٺ ڇا ڪجي ؟ ؟ ؟ ؟ ؟

    چانڊوڪي بابا ان سلسلي ۾ اسان کي تلخ تجربو آهي، جي انهن تلخ تجربن جي ڳالهه ڇيڙبي ته سُڪن سان گڏ آلا به سڙي پوندا ۔ هتي هرڪو ائين چوندو آهي ته اسان جي مولا پُڄائي ٻيو وڃي ڌوڙپائي، هرڪو اها به ڪوشش ڪندو آهي ته بندوق هڪڙو هلائي پر ڪنڌ ٻي جو هُجي، ۽ ان بندوق جِي گولي وري ڪنهن ٽي کي لڳي ائين هُئڻ نه کپي پُر خلوص ٿي جيڪڏهن محبتون ورهائبيون ته ان محبتن عيوض محبتون ئي حاصل ڪبيون، پر اسان جي مُدي خارج سماج ۾ اهو ڏٺو ويو آهي، ته ڏينهن رات ڪي جاکوڙي انسان پوري انسانيت جي خدمت عيوض پنهنجو رت ست پنهنجو الهو تلو ڪنهن مقصد خاطر داءُ تي لڳائي ڇڏيندا آهن ايتري قدر هو پنهنجي سسي به گهور ڪري ڇڏيندا آهن، پر انهن جي محنتن تي انهن جي قربانين تي ڪُٽي کائيندڙ مجنان مُجاور ٿي وهي رهندا آهن جيئن اردو جو هڪڙو شعر ياد پيو اچيم ته دُک جهيلي بِي فاخته اور ڪوي موج اُڙائين۔ جيستائين سماج مان لالچ لوڀ خود غرضي جي پاڙن کي پٽي دور نه ڪبو تيستائين هر ڪا ڳالهه نيٺ ڇا ڪجي پنهنجي منطقي انجام تائين نه پهچندي هتي هرڪو پنهنجي ڏيڊ فُٽ جي مسيت بنايو ويٺو آهي، ڳالهه صرف پنهنجون محنتون هڪ ٻئي سان شيئر ڪرڻ جي آهي، اهي محنتون هرڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي پليٽ فارم تان سرانجام ڏئي سگهي ٿو پنهنجا خوبصورت خيال ، پنهنجون خوبصورت سوچون ونڊ ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن مان سنڌي لنڪ جو ميمبر ٿيان ٿو ته منهنجو فرض آهي ته سنڌي لنڪ کي خوبصورت بنائڻ جا جتن ڪيا وڃن، جيڪڏهن چانڊوڪي بابا سنڌ سلامت جي ميمبر ٿئي ٿي ته چانڊوڪي کي پڻ پنهنجي بهترين صلاحيتن کي سنڌ سلامت تي شيئر ڪرڻ جِي ضرور هام هڻڻ کپي. ائين به اسان پنهنجي سنڌي ٻولي جي خدمت ڪري سگهون ٿا. باقي خود غرضي کي پنهنجي پاڻ مان ڌڪي ٻاهر ڪڍڻ کپي. مهرباني ادي چانڊوڪي
     
  9. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: نيٺ ڇا ڪجي ؟ ؟ ؟ ؟ ؟

    هوئن ته جنهن موضوع طرف ادي چانڊوڪي اشارو ڏنو آهي ان کي مان سمجهان ٿو پر هتي ڪجهه نقطن تي منهنجو ساڻس اتفاق نه آهي۔۔۔
    هڪ دفعي جڏهن سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جن سان ڪچهري ٿي رهي هئي ته پاڻ ٻڌايائون ته جڏهن پاڻ شاه سائين جو رسالو ڊجيٽلائيز ڪري ڇڏيو ته اڃان هو پبلش ئي نه ڪري سگهيا ته ڪجهه ماڻهن اهو رسالو ڊجيٽل اي بوڪ جي صورت ۾ حاصل ڪري ورتو۔۔ ۽ انهن پنهنجي سنڌي ويب سائيٽ تي اهڙي طرح پبلش ڪيو جو ڪاٿي به سائين عبدالماجد ڀرڳڙي ۽ سندن ساٿين جو ذڪر نه هو۔۔۔ جنهن ڪري مجبورن سائين شاه سائين جي رسالي کي پنهنجي سائيٽ تي پاسورڊ سان لڳايو۔۔۔
    هڪ ٻيو مثال سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جن ايم بي خورشيد رليز ڪرڻ وقت اهو پڻ لکيو آهي ته فونٽ کي رليز ڪرڻ وقت فونٽ جي موجد سميت سموري معلومات کي ختم نه ڪيو وڃي۔۔۔
    اهي مثال ان لاءِ ڏنا اٿم ته دوستن کي ياد ڏيارجي ته جيڪڏهن ڪو سنڌي همت ڪري ڪو ڪم مسلسل محنت سان ڪري ٿو ته ان جو قدر ڪجي ۽ ان جي ڪريئيشن کي غلط استعمال ۾ نه آڻجي۔۔۔
    ٻيو ته جهڙي طرح عوام ووٽ ڏئي حڪمران کي اڳتي آڻيندو آهي ۽ وري حڪمرانن جو ئي ڪم حڪومت ڪرڻ هوندو آهي نه ڪي عوام جو۔۔۔ ساڳي نموني جيڪڏهن ڪو ماڻهون سائيٽ تخليق ڪري ٿو ته ان کي بهتر طريقي سان اهو خود ئي مينيج ڪري سگهي ٿو۔۔۔۔
    سنڌ سلامت فورم پنهنجي پهرين 10 مهينن تائين مسلسل بغير ڪنهن قانون لاڳو ڪرڻ جي هلندو رهيو پر پوءِ‌ ان ڳالهه کي هر رڪن محسوس ڪيو ته فورم کي بهتر سنڀالڻ لاءِ‌فورم تي قانون لاڳو ڪيا وڃن۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو رڪنن جي مسلسل اسرار تي سنڌ سلامت تي قانون لاڳو ڪيا ويا۔۔۔ هاڻي جيڪڏهن انهن قانون کي فورم جي بهتري لاءِ لڳايو ويو هجي ته اها پڻ انتظاميه جي ذميداري عائد ٿئي ٿي ته قانونن جي پاسداري رکي وڃي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    مون کي پڪ نه آهي ته ادي چانڊوڪي مٿين ڳالهه ڪهڙي سوچ تحت لکي آهي پر جيڪڏهن کيس سنڌ سلامت جي قانون کان ڪا شڪايت آهي ته کيس آگاهي ٿي ڏجي ته اهي قانون سنڌ سلامت فورم ۽ ان جي مڙني رڪنن جي فائدي خاطر لڳايا ويا آهن۔۔۔۔
    مون کي يقين آهي ته ادي چانڊوڪي جي شڪايت دور ٿي چڪي هوندي ڇو ته هوءَ پاڻ به سنڌي لنڪ کي قانونن جي دائري اندر رهي ڪري هلائي رهي آهي۔۔۔
     
  10. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: نيٺ ڇا ڪجي ؟ ؟ ؟ ؟ ؟

    قانون هر محڪمي هر اداري هر آفيس لاء‌ جوڙيل هوندا آهن اهو الڳ مسئلو آهي ته ڪاٿي انهن قانونن کي پائمال ڪيو ويندو آهي باقي قانونن جي پاسداري رکڻ منهنجي خيال ۾ بهتر عمل آهي پنهنجي فورم تي به سڀني دوستن جي متفق راء سان قانون جوڙيا ويا آهن انهن ۾‌ ڪا قباحت نه آهي وڌيڪ هر ڪنهن فرد کي پنهنجي ذاتي راء‌ رکڻ جو حق حاصل آهي۔
     
  11. چانڊوڪي

    چانڊوڪي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2010
    تحريرون:
    46
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: نيٺ ڇا ڪجي ؟ ؟ ؟ ؟ ؟

    سنڌ سلامت جا قانون قائده جڏهن ميمبر ٿيڻ وقت غور سان پڙهيا هيم ادا رشيد جي ڏنل جواب جنهن کي هو وضاحتي جواب تصور ڪندو هجي؟ کي پڙهڻ کان پوءُ وري ورائي فورم جا قانون پڙهيا اٿم پر مونکي نٿو لڳي ته مون انهن مان ڪنهن هڪ نقطي جي خلاف ورزي ڪئي هجي ٰ! مون صرف زاتي ذريعي سنڌ سلامت جي ساٿين سنڌي لنڪ بابت آگاهي ڏني هئي جنهن کي ڏوه سمجهي مونکي چتاءُ ڏنو جيڪو اج به مونوٽ محفوظ آهي جڏهن ته سنڌ سلامت ٻين سائيٽن بابت اوپن لکيو وڃي ٿو ۽ انهي جا لنڪ ڏنا وڃن ٿا اهو ڏوه نا آهي ؟ ڏوه رڳو چانڊوڪي ڪيو جو سنڌي لنڪ بابت آگاهي ڏني بحر حال مان هن موضوع کي هتي ئي ختم ڪيان ٿي ۔ مونکي سنڌ سلامت سان ته ڪابه شڪايت نه آهي جيترو حق ۽ فرض سنڌ واسين جو سنڌ سلامت تي آهي ايتروئي حق مونکي حاصل آهي سنڌي لنڪ تي اج به سنڌ سلامت جا ڳيت ڳايا وڃن ٿا انهي جي وضاحت سنڌ سلامت جا رڪن جيڪي سنڌي لنڪ جا به يوزر آهن اهي هي ڪري سگھن ٿا باقي اظهار جي آزادي جو هر ڪنهن کي حق حاصل آهي منهنجو سوال (عورت لاءِ هر وک تي لاچاري ۽ بيوسي ڇو؟ ) واري ليک ۾ آهي انهي کي به پڙهيو وڃي ؟“ ساٿ سلامت سنڌ سلامت
     
  12. عبدالعزيز منڱريو

    عبدالعزيز منڱريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    80
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    Computer Programmer
    ماڳ:
    Hail, Kingdom of Saudi Arab
    جواب: نيٺ ڇا ڪجي ؟ ؟ ؟ ؟ ؟

    پيارا دوست رشيد سمون توهان جون ڳالهيون درست آهن، پر شايد توهان انهي ڳالهه جو ذڪر ڪين ڪيو ته چانڊوڪي سمون ڇا پئي چئي؟ اني اهو چيو ته جي قانون آهي ته پو سڀني جي لا هڪ جهڙو قانون آهي نه؟؟؟؟ يا هر ڪنهن لا الڳ الڳ؟ جيئن جيڪر پنهنجي ڪا سنڌي سائيٽ يا فروم جو ذڪر هتڙي ڪجي ته ڇا توهان انهي کي اهو چئي ڪري ڊليت ڪندئو ته هي قانون کان ٻاهر آهي ۽ جي وري انهي ساڳئي جڳهه تي ڌارين جا جوڙيل فورم يا سائيتن جو روزانه ذڪر ڪجي ٿو ته اهو ڇا قانون ۾ نٿو اچي؟ مان سمجهان پيو ته هي اهو ساڳيو خوف آهي جيڪو شايد پنهنجي بقا جي لا‌اهو زور ڏياري ٿو ته هر ان ڳالهه کي هٽايو جنهن سان ڪجهه دوستن اهڙن ٻين فورمن ڏانهن هليا ونڃن۔ ڇا اهو ساڳيو خوف ناهي؟ مان چانڊوڪي جي ڳالهه سمجهي ويس پر انهي جي لا هاڻي ڪجهه ڪري به ڪون ٿو سگهجي، ڇو ته آئون به هجان ها ته شايد پنهنجي فورم تان ٻين اهڙن فورم جي تعريفي يا پبلسٽي واريون پوستون اڏائي ڇڏيان ها، اهو واقعي قانون آهي يا واري پعدا ٿيندڙ خوف، خير جيڪو به نالو ڏيوس پر جيڪو به آهي ٺيڪ ئي آهي۔
     
  13. نجم الدين ڪنڀر

    نجم الدين ڪنڀر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    86
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: نيٺ ڇا ڪجي ؟ ؟ ؟ ؟ ؟

    ڪچهريون اهڙيون هجن جنهن ۾ ڪجه معلومات به ملي علمي بحث هجن پنهنجن اوڻاين کي چٽو ڪجي خاميون ڏسجن انهن جي اصلاح به ڪجي ادي جون ٻڌايل ڪوتاهيون اسان ۾ ًگهڻيون آهن پر ڪجه وضاحت سائين رشيد ڪري ڇڏي آهي وڌيڪ عرض ته اسين (اڪثريت) نه ته پنهنجي پاڻ سان سچاآهين نه سنڌ سان اندر جو شيطان ويهڻ نٿو ڏي لاچار اهيون ادي هاڻ ڇاڪجي!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!
     
  14. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: نيٺ ڇا ڪجي ؟ ؟ ؟ ؟ ؟

    منهنجي خيال ۾ ادي رشيد جن جي محنت قابل تحسين & قابل تعريف آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو