1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

تُرڪي ۽ سنڌ جي کيت مزدور عورتن ۾ هڪجهڙايون ۽ فرق

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏1 آڪٽوبر 2014۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,763
    ورتل پسنديدگيون:
    5,819
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    تُرڪي جا فصل ۽ انهن جي لاهيارين عورتن بابت

    ========================
    جيڪڏهن ڪو چانهه جو گهڻو موالي آهي ۽ کيس ڪُجهه عرصي لاءِ تُرڪي اچڻو آهي ته کيس گهُرجي ته پنهنجي چانهه گڏ کنيو اچي ڇو ته هونئن ته هي مُلڪ دُنيا ۾ چانهه جي پئداوار ۾ دُنيا ۾ ٽاپ جي مُلڪن ۾ آهي پر سلطنتِ عُثمانيه جي ٽُٽڻ تائين هنن رُڳو ڪافي ٿي پيتي ۽ جڏهن سلطنت ٽُٽي ته هنن کي ڪافي امپورٽ ڪرڻ ۾ دشواريون ٿيون ۽ ڳرو خرچ ڪرڻو ٿي پيو. هنن جي تنهن وقت جي ڄڳ مشهور ليڊر ڪمال اتا تُرڪ قوم کي عرض ڪيو ته اوهان پنهنجي مُلڪ جي ناڻي بچائڻ جي قرباني خاطر ڪافي ترڪ ڪري چانهه پيئو جيڪا پنهنجي مُلڪ ۾ ئي ٿئي ٿي. هنن انهيءَ وقت ئي لبيڪ ڪيو ۽ چانهه کير بنا پيئڻ شروع ڪئي ۽اڄ تائين پيئدا اچن. اصل ۾ هنن جي چانهه ۾ کير نه لڳائڻ جو سبب اهو به آهي هتي جي چانهه ۾ اُن جو اصل فعال جُزو ڪيفين آسام يا سريلنڪا جي چانهه ۾ گهٽ آهي جيڪا اسان وٽ عام جام کير سان پيتي وڃي ٿي. ان جا پن سنها هلڪا ۽ نرم ٿين ٿا جن ۾ ڪيفين توڙي ٻيا پوليفينولس خوب ٿين جن کي ڇڊو ڪرڻ لاءِ کير وِڌو وڃي ٿو. هونئن ته اها گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته چانهه جو فعال جزو ڪيفين آهي جيڪو اڇي رنگ جو ٿئي ۽ گرم پاڻي ۾ آرام سان ڳري جنهن سان پاڻي جي رنگ تي ڪو فرق نه ٿو پئي. اسان وٽ ڪڙڪ چانهه جو تصور رُڳو رنگ سان آهي جيڪو هڪ اضافي جزن جي ڪري ٿئي ٿو. اڄڪلهه رنگ نکارڻ جي چڪر ۾ پروسسڊ چانهه ۾ هٿرادو رنگ به وِڌا وڃن ٿا جيڪي هاڃيڪار آهن. جيئن ته اصل شئي ڪيفين ٿڌي پاڻي ۾ ناهي ڳرندي تنهنڪري اهو به صلاحيو وڃي ٿو اوهان چانهه جي پتي ڌوئي پوءِ استعمال ڪريو ته ان سان اهي فضول شيون پاڻي ۾ نڪري وينديون جيڪي قدرتي طور به ٿين ته رنگ آڻڻ لاءِ هٿ سان به وڌيون وڃن ٿيون. ترڪي جي چانهه کي فئڪٽري ۾ بس اٺ ڪلاڪ گرم هوا سان سُڪائي ۽ پيهي وٺن ۽ پوءِ مشين وسيلي ڏانڊيون الڳ ڪن جيڪي ڀاڻ ۾ استعمال ٿين. هنن جي چانهه جي پتي پنن جي ڦوڏر هوندي آهي ۽ اسان وٽ جيڪا داڻيدار اچي ٿي ان کان ڪافي ٿُلهي ۽ وڏي جنهن ۾ کير لڳائڻ ممڪن ناهي هوندو. اسان سنڌ مان آندل چانهه کير سان ڌوڌ پتي ٺاهي هتي جي تُرڪن کي پياري پر مزو نه آين. هنن کي انهن جي پنهنجي ئي اها ٿلهي چانهه وڻي جيڪا ٻن حصن واري ڪٽلي ۾ پچي. هڪ ۾ پاڻي ۽ ٻي ۾ چانهه جي پتي. پاڻي اُڀامي ته ان جي ٻاڦ چانهه تي پُهچي ان جو گهاٽو ڳار ٺاهي. جيڪو پوءِ هر ڪنهن جي ذائقي موجب گرم پاڻي سان ملائي پيش ڪيو ويندو آهي.

    تُرڪي ۾ ڪنهن قدر ڪڻڪ، ڪپهه مڪئي جهڙا فصل به ٿين پر وڌ کان وڌ چانهه ۽ خُشڪ ميوو فندق ئي ٿئي. جتي فصل هوندو آهي اُتي چونڊائي جو ڪم به ضرور ٿئي. اڄڪلهه ته مشينن جو دؤر ۽ زور آهي سو هر ڪم مشين تي پيو ٿئي. ٻني باري جي ڪم ۾ پڻ مشينن جو وڏو عمل دخل آهي. اڳي رُڳو ٻني جي کيڙي يا سنوت لاءِ پر هاڻ ته جديد مشين سان ڪافي ڪم ٿين پيا جهڙو ڪر فصل لڳائڻ (رونبو) به مشينن سان ٿيڻ لڳو آهي. پر اڪثر فصلن جي چونڊائي اڃان به هٿن سان ٿئي ۽ گهڻي قدر اها عورتون ئي ڪن. جيئن پاڻ وٽ مرچ يا ڦُٽي جي سيزن ۾ عورتون سويري پنهنجا گهر جا ڪم ڪار لاهي ٻنپهرن جي ماني ڪپڙي ۾ ويڙهيو نڪريو وڃن ٻنين ۾ ۽ شام جو سڀ هڪ هنڌ گڏ ٿي وزن نوٽ ڪرائي هليو اچن گهر ۽ ٻي ڏينهن وري ساڳي ڪار. جڏهن زميندار اهو فصل مارڪيٽ ۾ وڪڻي پئسا حاصل ڪري ته هڪ هڪ عورت کي اهي پئسا گهر پُهچن. پوءِ ڪٿي ڪٿي مرد اهي پئسا وچان ئي کنيو وڃي کپائن اها الڳ ڳالهه آهي. پر جن وٽ پُهچن سي انهن ٿورن پئسن کي به وڏي ڪم جو سمجهن. پنهنجو ڪپڙو گندي يا ٻيون ننڍيون ضرورتون ان مان پوريون ڪري ڪمائي جي ٻين ذريعي تي بار وجهڻ کان پاڻ بچائن. پر اهو آهي جو پاڻ وٽ اڪثري فصلن جي چونڊ گرمي ۽ لُکن ۾ ٿئي جنهن ۾ صبح کان شام لڱ ساڙي بُک مري شام جو مڻ سوا گڏ ڪرڻ تي کين وڌ ۾ وڌ ٻه سؤ کان ٽي سؤ ملن. زميندار به چون ٿا پاڻي جي کوٽ، وڏي سيڙپ ۽ سُٺا ريٽ نه ملڻ ڪري اسان کي مزدوري ڏيڻ لاءِ اهو ئي ريٽ وارو کائي.

    پر تُرڪي اچي خبر پئي ته هتي سڄو جهان بدليل آهي. هتي به عورتون سڄو ڏينهن لڳائن. چانهه هُجي يا خُشڪ ميوو فندق يا ڪي ٻيا ننڍا وڏا فروٽ پر چونڊ جو ڪم هتي به اڪثر گرمين ۾ ٿئي. پنهنجي ڀيٽ ۾ کڻي گهٽ پر پوءِ ٺيڪ ٺاڪ گرمي ٿئي ٿي. هتي به تقريبن ساڳي روايت آهي ته عورتون پنهنجي ماني ٺاهي گڏ کڻي صبح کان شام تائين پورا 12 ڪلاڪ لڳائن. گرمين ۾ هتي ڏينهن وڏا ٿين سترهن کان ارڙهن ڪلاڪ جا. ان حساب سان کين ٻارنهن ڪلاڪ لازمي ڪم ڪرڻو پئي ٿو. اڪثر ڪري (چانهه ۽ فندق ۾ ته يقينن) تور جو حساب ناهي. مالڪ مٿان بيٺا هوندا آهن ۽ سختي هوندي آهي ته وڌ کان وڌ ڪم ڪريو. چانهه لاءِ ايوريج هڪ عورت کي 150 کان 200 ڪلو ۽ فندق 25 کان 30 ڪلو لازمي چونڊڻو آهي. پر جي وڌي يا گهٽيو به ته مزدوري تي فرق ناهي. جيڪا عورت گهڻو ڪم ڪندي ته اڳتي به ڪم آساني سان ملندس ۽ جيڪا سُستي ڪندي اُن کي جواب. تنهنڪري جنهن کي ڏوڪڙ ٺاهڻا آهن تنهن کي خوب هٿ هلائي وڌ کان وڌ چونڊ ڪرڻي پوندي. پر جڏهن مزدوري کي ڏسجي ٿو ته اسان پاڻ سان ڪا ڀيٽ ئي نه ٿا ڪري سگهون. چانهه لاءِ هر روز جا 100 ٽرڪش ليرا (5000 رُپيا) ۽ فندق لاءِ 60 (3000 روپيا). اُهي به ان ئي ڏينهن شام جو ڪئش پئسا. ڀلي کڻي هتي خرچ گهڻا ۽ مهانگائي آهي پر اهي ريٽ ڪافي وڏا آهن. ان وڏي فرق جي وڏي وجه جيڪا ٻُڌڻ ۾ آئي ۽ سمجهه ۾ به اچي ٿي ته هن مُلڪ درآمد کي گهٽ ڪرڻ ۽ برآمد تي وڌيڪ زور ڏنو آهي. خاص ڪري اُهي شيون جيڪي هن مُلڪ ۾ ٿين اُهي ته قطعي درآمد نه ٿا ڪن. پاڻ جيڪا شئي سڄي دُنيا ۾ وپرائي وڃي اها وڌ ۾ وڌ اُپائڻ ۾ دلچسپي وٺن ته جيئن اها شئي پاڻ به استعمال ڪن ته ٻاهر به اماڻين ته مُلڪ ۾ ناڻو اچي. جڏهن شئي برآمد ٿيندي ته فصل اُپائيندڙ کي به سُٺو اگهه ملندو ۽ خوشي سان مزدورن کي وڌ پئسا ڏيندو.

    پر هڪ ٻي دلچسپ شئي به مشاهدي ۾ آئي. جتي ايتري گهڻي مزدوري هُجي ته اُتي هر ڪو بچائڻ به چاهي ٿو. هتي جيڪي وڏا زميندار آهن سي ته مزدوري تي اهو ڪم ڪرايو وٺن پر جيڪي ڪُجهه ايڪڙن/جريبن جا مالڪ آهن سي وس ڪري پنهنجي فصل جي چونڊ پنهنجين عورتن کان ئي ڪرائين. هونئن تُرڪي جي عورتن جا پاڻ ۾ قُرب ۽ روايتي زناني ساڙ حسد گهٽ هُجڻ جي گواهي تي هن خطي تي سوين سال اڳ حڪومت ڪري ويل ٻين قومن کان به ملي ٿي جن جي ڪتابن ۾ هتي جي عورتن جي پاڻ ۾ ميٺ محبت جا قصا ملن ٿا. اهو اڄ به ڏسڻ لاءِ ملي ٿو ۽ هن ڪم لاءِ پاڻ ۾ گڏجي واري ته چونڊ ڪرائڻ ۾ همت ڪن ته جيئن وڏي مزدوري ڀرڻ کان بچجي. ظاهر آهي جن وٽ زمينون آهن اهي ڪو غريب ته آهن ڪونه ۽ اڪثر ته زال مُڙس ٻئي نؤڪري به ڪن ته سندن ڇوڪريون به اعلى تعليم حال ڪن. پر اهو ڏِسي حيرت ٿي ته هتي جن کي پنهنجون زمينون آهن ۽ ان گهر جون ڇوڪريون يونيورسٽي يا ڪاليجن ۾ پڙهن پيون ته لڳ ڀڳ سؤ سيڪڙو ئي اهو ڪم ڪن ۽ ان ۾ ڪا عار نه سمجهن. بلڪه جن وٽ زمينون ناهن ۽ اهي سندن يونيورسٽي ۾ سهيليون آهن ته اُهي به وڃي سندن دوستي ۾ مدد ڪرائن.

    اسان وٽ لئب ۾ گڏ ڪم ڪندڙ ڇوڪري زينب پڻ رزي ۾ رهي ٿي جتي سندن چانهه جا باغ آهن. انهيءَ سڄي قصي بابت احوال ورتا ته چوڻ لڳي ”منهنجي ڀيڻوئي جا ڪُجهه باغ آهن جتي اسان سڀ جيڏيون گجي چانهه چونڊڻ جو ڪم ڪنديون آهيون“

    ”پوءِ هُنن جي باغن ۾ به سندن مدد ڪريو جيڪي اوهان جي باغ ۾ اچي چونڊ ۾ هٿ ونڊائن“

    ”ها بلڪل. ڇو ته چانهه جي سيزن ٿيندي ئي مخصوص وقت ۾ آهي جڏهن چانهه جا پن وڌيڪ افاديت وارا ۽ وڏا هوندا آهن. وقت توڙي پورهيو بچائڻ لاءِ اسان اهو سڄو وقت هڪ ٻئي جي مدد ۾ گُذاريون. پوءِ جيڪي وڏن باغن جا مالڪ آهن اهي آس پاس جي ڳوٺن مان ضرورتمند پورهيت عورت توڙي مزدورن کي ڳري مذوري تي اهو ڪم وٺن. ڪي ڪي ته وري ڌارئين مُلڪن مان به مزدور گهُرائن جن جا باغ گهڻا هُجن ٿا ايڏي مٿاهين ۽ ڏُکي هنڌ تي هُجن جو هڪ عام مذدور اُتي بيهي ڪم نه ڪري سگهي.“

    ”ڀلا اهو تصور ڪونهي ته اسان يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ نازڪ نفيس ڇوڪريون وڃي ٻني ۾ ڪم ڇو ڪريون؟“. پنهنجي پاسي جي رواج کي ذهن ۾ رکي سوال ڪيم.

    ”نه! ڇا ٿي پيو جي يونيورسٽي ۾ آهيون. اسان کي پاڻ انهن ٽن مهينن ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ کپي. خاص ڪري اُهي ڇوڪريون جيڪي يونيورسٽي ۾ پڙهن ٿيون ۽ سندن مائرون ڀينرون سڄي سال ڪا محنت مزدوري ڪن ٿيون. ڇو ته هو جتي سڄي سال ڪن ٿيون اُتي اسان رُڳو موڪلن جا ٻه تي مهينا ڪم ڪيو ته ڇا ٿي پيو. اهي ٻه پئسا بچيا ته اسان جي ئي پڙهائي تي خرچ ٿيندا!“.
    [​IMG]
    ڪاوش مڊويڪ ۾ ڇپيل ان ليک جو عڪس

    [​IMG]

    کِل مُک زينب کان ان بابت احوال وٺڻ مهل هو ڪافي مذاق به ڪندي رهي!

    [​IMG]
    ترابزون کان 74 ڪلوميٽر اوڀر ۾ رزي شهر جي ٻهراڙي جتي رجب طيب اردگان جو ڳوٺ پڻ آهي. تازو اوڏانهن وڃڻ به ٿيو ۽ ٻين مزدورن سان به حال احوال ٿيا.
    [​IMG]
    جهونيون عورتون ۽ سندن نياڻيون ان ڪم ۾ رُڌل. نوجوان ڇوڪرين مان اڪثريت گرئجوئشن ڪندڙ ڇوڪرين جي آهي
    [​IMG]
    اڳوڻو صدر عبدالله گل رزي ۾ اچي رسمي طور اهو ڪم ڪندي همٿ افزائي ڪندي

    (آخري ٽي تصويرون انٽرنيٽ تان کنيل)
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. راجا راجيندر

    راجا راجيندر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جولائي 2014
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    134
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڳوٺ ملڪاڻي شريف، موجوده حيدرآباد
    ادا توھان جو ليک بھترين لڳو، اڄ صبح سوير اٿندي شرط ئي ھر اربع ۽ آچر جيئان ڪاوش اخبار وٺڻ ويس (ڇاڪاڻ جو اربع ۽ آچر تي اخبار سان گڏوگڏ مڊ ويڪ ميگزين ۽ سنڊي ميگزين ھوندا آھن). انھن ٻن ڏينھن جو انتظار جام ھوندو آھي ڇاڪاڻ ته اخبار سان گڏوگڏ ميگزين ۾ به ڪافي مواد ملي ٿو پڙھڻ خاطر.

    جڏھن اڄوڪو ميگزين پڙھڻ لاء کوليم ته ڏٺم ادا يونس ۽ توھان جو ليک ڇپيل ھو، اُھي ٻئي ليک پڙھي ٻيڻي خوشي ٿي ھڪ ته اھا جو ٻه دلچسپ آرٽيڪل پڙھڻ خاطر مليا ٻيو ته اھو جو وري ٻن ڳوڻائي، پنھنجا جن جا ليک ڇپيا.
    حقيقت پچھو ته جڏھن به پنھنجي ڳوڻائي، ھم ديس وغيره کي ڏسان ٿو ته ھو ڪجھ سٺو ڪري ٿو ته بيحد خوشي ٿئي ٿي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,760
    ورتل پسنديدگيون:
    27,182
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بهترين لکيو اٿو ...

    مونکي ياد آهي ته ڊاڪٽر شهاب خيرپور آيل هو ۽ ساڳين ڏينهن ۾ فقير سراج ۽ سندس گهروارا به عيد جي موڪلن تي ڳوٺ آيل هئا. اسان به اها عيد ڳوٺ ڪئي هئي. عيد جي ٻئي ڏينهن خيرپور وياسين ڪجهه دوستن سان عيد ملياسين ۽ اتان فقير سراج وارن سان ملڻ لاء سندن گهر وياسين. خبر پئي ته سڀ همراهه اسلام آباد وارا دوست، ڪراچي وارا ۽ خيرپور وارا سڀ ٻني ۽ باغ تي ويل آهن. باغ اتان ويجهو ئي هيو .... سڌا اتي پهتاسين. سڀ ڄڻا بشمول سراج ۽ ڊاڪٽر ڪم ۾ جنبيل هئا. پر سڀني جي حالت خراب هئي، خاص ڪري نعيم ۽ اسلام آباد وارن جي هٿن ۾ ڦلڪڻا نڪري پيا هئا .... ظآهر آ ڪراچي اسلام آباد ۾ اهو ڪم ڪونه ڪن .... ڊاڪٽر صاحب کي ڪجهه ڪونه چيم پر سراج سان ٻاهر اچي ڏاڍي ڪيم ۽ کيس چيم ته جيڪڏهن ٻه مزدور ڪرين ها ته اوهان سڀني جو ڪم اهي ڪري وٺن ها .... قلم ۽ ڪوڏر جي ڪم ۾ فرق آهي ۽ اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي.

    خير اوهان جو ليک به وقتائتو ۽ ڄاڻ وارو ....

    سدا سلامت هجو ۽ خوشيون پايو.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. فيض محمد خواجه

    فيض محمد خواجه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين تمام بهتر،
    اسان جا سنڌي ڀائر خاص ڪري سنڌ ۾ چانهه جا تمام گهڻا شوڪين آهن جيسيتائين چانهه نه ٿي ملي تيسيتائين مٿي جو سور وڃي ئي نه ٿو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,763
    ورتل پسنديدگيون:
    5,819
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    :):):):):)
    اها خبر اٿم ۽ اهڙيون خبرون ملنديون رهن ٿيو. شايد سائين شهاب الدين ميمڻ پڻ هِنن کان مُتاثر ٿي ڪندو هُجي.
    منهنجي خيال ۾ ڪم اُهو ڪجي جنهن ۾ پگهر نڪري ته پورهيو به ملي يا بچي. سال ۾ هڪ دفعو وڃي اهڙو ڪم ڪرڻ جنهن سان فائدو گهٽ پر لڱن ۾ سور وڌيڪ ٿئي جنهن سان رهندو پنهنجا ٻيا ڪم مُتاثر ٿين ته اها ”اَٺ آني جو اُٺ ٻارهين آني ۾ گهلائڻ ٿيو“.
    هتي هي ان ڪري اهو ڪم ڪن ٿيون جو هنن فصلن جا وڏا ريٽ آهن ته وڏيون مزدوريون پڻ. پاڻ ڪم ڪرڻ سان کين ڪافي پئسو بچي ٿو پئي ۽ هڪ ٻه ڏينهن جي ڳالهه ناهي. مهينو ٻه ڪم ڪرڻ سان کين ٿڪاوٽ وارو مسئلو به ڪونه ٿئي. ۽ يونيورسٽي به سيپٽمبر ۾ کُلي تيستائين هي خوب آرام به ڪريو وٺن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عبيد ٿهيم

    عبيد ٿهيم سپرايڊيٽر انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,659
    ورتل پسنديدگيون:
    6,913
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    343
    ڌنڌو:
    ڊولپر، سنڌي لئنگئج اٿارٽي، حيدرآباد.
    ماڳ:
    ٽنڊوآدم
    تمام زبردست ۽ معلوماتي ليک.
    باقي اسان جي سنڌ جوحال پورو سُورو آ، هتي ڇوڪريون ته پري پَر جيڪي نوجوان انٽر پاس ٿا اهي سمجهن ٿا ته اسان تان سخت پورهئي وارو ڪم معاف آهي، جيڪڏهن والدين انهن کي ڪم جو چون ته الٽو انهن جهونن والدين تي ڪڙڪيو پون ته ”جيڪڏهن ٻني ٻاري جو ڪم ڪرائڻو هيو ته پڙهايوَ ڇو ؟؟، جيستائين نوڪري نه ملندي تيستائين ڪوبه ڪم نه ڪندس.“ ۽ اها ته سڀني کي خبر آهي ته نوڪري صرف سفارش تي ئي ملي سگهي ٿي.
     
  7. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,763
    ورتل پسنديدگيون:
    5,819
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    مهرباني پسند ڪرڻ لاءِ.
    منهنجو مڃڻ آهي ته واندو ويهي نؤڪري جو انتظار ڪرڻ ئي نؤڪري نه ملڻ جو وڏ سبب آهي. تعليم پوري ناهي ٿيندي. اها پئي حاصل ڪجي پر جي پُڄت ناهي ته وس ڪري فيلڊ سان لاڳاپيل يا وري ڪو به ڪم ڪندو رهڻ ئي نؤڪري ملڻ جا چانس پئدا ڪندو. هڪ گرئجوئيٽ انٽرويو ۾ اهو وڃي چئي ته چارسال اڳ ڊگري وٺي واندو ويٺو آهيان ته کيس ڇو نؤڪري ملندي. پر ان جي ڀيٽ ۾ ان کي وڌيڪ آسرو ٿيندو جيڪو رُڳو چئي ته فلاڻُ ڪم ڪندو رهيس. ايستائين جو ٽيوشن پڙهائڻ پڻ.
    هاڻ ته ڪنهن قدر بهتري آهي. ڪُجهه ٻاهريان فنڊ ڏيندڙ ادار سختي پيا ڪن ڪُجهه ٻيا سبب پر ميرٽ نظر اچي ٿي. مثال طور هاڻي اين ٽي ايس پاس ڪري ماستر ٿيندڙ لڳ ڀڳ سؤ سيڪڙو ميرٽ تي آهي. (ٽيڪنيڪل بُنيادن تي يا پاليسي ۾ ڪوتاهي ڪري ڪنهن جي حق تلفي ضرور ٿي هوندي) پر پرچي ڪٿي به ناهي هلي.
    يا ڪُجهه سالن کان پبلڪ سروس ڪميشن ۾ پڻ ميرٽ جو خيال رکيو ويو آهي. هڪ وڏي کيپ ميرٽ تي آئي آهي. اهو ٿي سگهي ٿو انٽرويو وٺندڙ مان ڪنهن 19-20 جي فرق تي ڪا فيور ڏني هُجي پر جيڪو ڪم هلندو ئي يا بيماني تيرا آسرا هو اهو گهٽ ٿيو آهي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. عبيد ٿهيم

    عبيد ٿهيم سپرايڊيٽر انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,659
    ورتل پسنديدگيون:
    6,913
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    343
    ڌنڌو:
    ڊولپر، سنڌي لئنگئج اٿارٽي، حيدرآباد.
    ماڳ:
    ٽنڊوآدم
    سائين منهنجا گهٽ ڪٿي ٿيو آ ؟ انٽر ۽ بي.اي جي امتحانن ۾ ته کُلي عام نقل پئي ٿئي، پهرين کان 8 تائين ماستر سفارش تي ڇوڪرن کي پهريون ٻيون يا ٽيون گريڊ ڏين. نائين ڏهين ۾ ته ڇوڪرن جون موجون ئي موجون آهن ڪير ڪُڇڻ پُڇڻ وارو ڪونهي. باقي اڳتي وڏن ادارن جي خبر ناهي. ٻڌو آ ته اتي به پئسن تي ڪم ٿيو وڃي. پ.پ.پ (پئسا پھينک پُتر) وارا ته پارٽي جو مقصد ئي ڪيو ويٺا آهن ۽ سنڌ ۾ اڪثر وزارتن تي پ.پ.پ وارا آهن.. مون هڪ محاورو ٻڌو هو ته ”جنهن قوم کي تباه ڪرڻو هجي ان جي تعليم تباه ڪريو،معاشي طور پاڻهي تباه ٿيندو“.بس الله ساڃاھ ڏين باقي ڪم لٿل آهن.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    263
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    تمام بهترين ليک، لک قرب سائين.
    توهان جي لکڻ جو انداز تمام سٺو آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,763
    ورتل پسنديدگيون:
    5,819
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ادا مون نوڪري جي ڳالهه ڪئي. نقل ۽ پئسن تي مارڪون آهن اها حقيقت آهي.
    ايئن به ناهي ته ڪو پي پي پي گهٽ ڪيو آهي. مٿيان ٻه مثال آهن جن ۾ ميرٽ هلي آهي
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    385
    ورتل پسنديدگيون:
    874
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    SSA Thatta USAID Pakistan Reading Project
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    زبردست مضمون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو