غريبن جو گذران

'سنڌي شاعري' فورم ۾ سعيد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏1 آڪٽوبر 2014۔

  1. سعيد سنڌي

    سعيد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 جولائي 2013
    تحريرون:
    379
    ورتل پسنديدگيون:
    436
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدر آباد سنڌ
    سنگُ سنگُ جي توڙيان ٿي ته گهر منهنجو هلي ٿو
    هزارين خواهشون پُوريان ٿي ته گهر منهنجو هلي ٿو

    شاهستي آ پنجَ مهينن جي ٿي پويان پلوءَ سان ٻڌي
    مينهن طوفان ۾ لوڙيان ٿي ته گهر منهنجو هلي ٿو

    بَدنظر آهن بدمعاش گهڻا بيٺا ٿا روز تَڪِن مون کي
    لَڄ لڪائي ڪمَ ڪيان ٿي ته گهر منهنجو هلي ٿو

    پوکيءَ ۾ اُها مزدوري ڪٿي جو ساهه پٽيان سُڪون جو
    ڪڙاهي بَرٿ رِليون سوٽيان ٿي ته گهر منهنجو هلي ٿو

    ڪنهن ڳالهه تان خَفا ٿي هَئين مُڪان ڌڪ مون کي
    سوين سُورن سان مُنهن ڏيان ٿي ته گهر منهنجو هلي ٿو

    نصيبن کي ڪهڙا ڏوهه ڏيان وَر مليو مون کي نَشائي
    بيٺل لُڙڪ اکين ۾ ڍڪيان ٿي ته گهر منهنجو هلي ٿو

    مون تي خُدا جي آ مهرباني رکيئن جذبو مون قائم دائيم
    بُک تي رهي پاڻ پَتوڙيان ٿي ته گهر منهنجو هلي ٿو

    قاضي منير احمد
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو