عبدالعزيز منڱريو
سينيئر رڪن
چوندا آهن ته هر شخص هن دنيا ۾ ڪنهن نه ڪنهن خاص مقصد لاءِ آيو آهي، پر شايد هر شخص پنهنجي انهيءَ خاص مقصد کي سمجهڻ ۾ ڪامياب ناهي ٿي سگهندو، ۽ زندگيءَ جي ريس ۾ پئسن ۽ خوشحاليءَ جي رستن تي ڊڪنڊي ڊوڙندي شايد اهو ڀلائي ويهندو آهي ته هن جو اصل مقد ڇا آهي.
پر انهيءَ جي ابتڙ ڪجهه اهڙا انسان به آهن جيڪي پنهنجي انهيءَ اصل مقصد جي حاصلات لاءِ زندگيءَ جا ڪيئي ڏهاڪا پيا ڊوڙيندا ۽ پٽوڙيندا رهندا آهن.
انهن منجهان ئي هڪ شخص جنهن پنهنجي زندگيءَ جا لڳ ڀڳ ٽي ڏهاڪا سنڌي ٻولي کي ڪمپيوٽر تي آڻڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيا.
ڇا اسان ڪڏهن اهو سوچيو آهي ته اسان جيڪا سنڌي هن وقت ڪمپيوٽر ۾ آرام سان ويهي لکي پڙهي رهيا آهيون انهيءَ جو سمورو ڪريڊٽ ڪنهن ڏانهن پيو ونڃي؟؟؟ ڪير آهي جنهن ايترو ڪجهه اسان کي ڪري ڏنو،
جي بلڪل اهو ڪردار آهي هڪ خاموش ادارو جو جنهن جو نالو آهي عبدالماجد ڀرڳڙي
23 سال پهريان جڏهن سنڌي ٻولي جو هڪ اکر به ڪمپيوٽر تي لکي يا پڙهي نه سگهبو هو، تڏهن هن پنهنجي مدد پاڻ ڪوششون ڪري سنڌي ٻوليءَ کي نئين سر جيارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ پهريون ڀيرو هڪ عدد (ميڪونٽوش) ڪمپيوٽر ۾ پروگرامنگ ڪري سنڌي لکڻ قابل ڪيائين، انهن ڏينهن ۾ اسان جي شهرن ۾ ڪمپيوٽر ڪون ها ۽ نه ئي وري سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا هئي. انهيءَ ڪري سندس جي ڪيل ڪم جو ڪو خاص فائدو اسان جا عام سنڌي ڀائر نه وٺي سگهيا. پر ان هوندي به اها سنڌي ڪمپيوٽنگ جي بنياد هئي. ۽ انهيءَ کان پوءِ ڪجهه ٻيا پروگرام مارڪيٽ ۾ ايندا رهيا، پر اهي سمورا ڪاروباري ادارن يا فردن پاران ڪجهه خاص ادارن يا مقصدن لاءِ جوڙيا ويا، جيڪي ٻولي جي خدمت جي کاتي ۾ نٿا آڻي سگهون.
جڏهن مائيڪروسافٽ جي هڪ اداري (يونيڪوڊ) پاران دنيا جي سمورين ٻولين لاءِ ڪمپيوٽر جي لينگويچ ۾ ڪوڊ سيٽ شامل ڪيو ويو ته خوش قسمتيءَ سان سنڌي ٻولي جي لاءِ به انهن هڪ عدد ڪوڊ سيٽ شامل ڪري ڇڏيو. ۽ انهيءَ طرح ونڊوز 2000 کان وٺي سنڌي ٻولي به يونيڪوڊ ۾ شامل ٿي وئي،
پر ڳالهه صرف ڪوڊ شامل ڪرڻ جي ڪان هئي. ڳالهه هئي انهيءَ ٻولي کي استعمال ڪرڻ لاءِ هڪ عدد انٽرفيس، انسٽالر گهربل هو جيڪو هڪ ترتيب سان جوڙيل هجي، جنهن جي مدد سان ٽائيپ ڪندڙ کي سنڌي ٽائيپ ڪرڻ ۾ ڪا به دشواري نه اچي. اهو پروگرام به هن شخص جوڙي سنڌي قوم تي وري هڪ احسان ڪيو ته وري ٻئي پاسي پنهنجو قرض به لاٿو.
سندس پاران سنڌي ٻوليءَ جو اهو پرگرام هيئر به توهان ٽائيپ ڪرڻ مهل استعمال ڪندا هوندا،
هيئر شايد اسان جي سنڌي دوستن کي اهو علم ناهي ته سنڌي ٻوليءَ جي لکت اوهان دنيا ۾ ڪٿي به ويهي ڪري سگهو ٿا،
سائين عبدالماجد هيئر ڪجهه ڏهاڙا پهريان سنڌي ڪميوٽنگ جا آخري ۽ نوان اپڊيٽ مهيا ڪيا آهن جن جي مطابق هيئر اسان دنيا جي ٽن مشهور آپريٽنگ سسٽمز، جهڙوڪ ونڊوز، ميڪونٽوش ۽ لنڪس ۾ سنڌي لکي پڙهي سگهون ٿا، ۽ انهيءَ کان سواءِ سنڌي نويس جي مدد سان ڪٿان به بغير ڪنهن سافٽويئر انسٽال ڪرڻ جي سنڌي لکي يا اي ميل وغيره ڪري سگهون ٿا،
سندس جو صرف اهو ئي ڪم ناهي، سندس جي هڪ ٻئي اهم ڪم ڏانهن نظر ونڃي ٿي جيڪو آهي سنڌي ۾ قرآن شريف جو ترجمعو، شاهه جو رسالو، ۽ هيئر سچل جو ڪلام، اهو به ٽيڪسٽ بيسڊ معني ته توهان انهن ٽنهي ڪتابن منجهان ڪجهه به گوگل ۾ سرچ ڪري سگهو ٿا، انهيءَ سموري ڪم ۾ سائين ماجد صاحب اڪلو نه هو سندس جا ڪجهه ٻانهن ٻيلي به هيا، جن ۾ ٻه نالا اهم آهن هڪ سائين شاهنواز سومرو جيڪو سنڌي ڪمپيوٽنگ ۽ٻولي لاءِ ايترو ڪجهه ڪيو جو اسان سوچي به ڪون ٿا سگهون سدس جي هٿن سان شاهه جو رسالو، سچل جو ڪلام به ترتيب ٿيا ته وري قرآن شريف جو سمورو ترجمعو به اسان لاءِ آن لائين ٿيو،
ثناالله منڱڻيجو جنهن 152 کان وڌيڪ سنڌي لکت جا بهترين فانٽ جوڙي اوهان جي لاءِ مهيا ڪيا ۽ ان کان علاوه ڪيترائي ٻيا اهڙا مخلص دوست جن ڪنهن به لالچ کان هٽي ڪري پنهنجي سر پاڻ محنت ڪري اسان جي سنڌي بوليءَ ۽ سنڌي قوم لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪردار ادا ڪيو، اسان ڪڏهن به انهن جا ٿورا ڪون ٿا لاهي سگهون،، پر ڳائي ضرور سگهون ٿا،،
سنڌي ڪمپيوتنگ جي انهن دوستن کي ڪنهن کان به ڪجهه ڪون گهرجي هو ڪنهن خاموشيءَ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، ۽ پنهنجي ٻولي جي خدمت ۾ مصروف آهن، بهرحال هي سمورا ڪم اهي آهن جيڪي اسان جي انهن ادارن جا هيا جيڪي لکين رپين جي گورنمينٽ جي فنڊن کي راتون رات کائي ونڃڻ ۾ ته هوشيار آهن پر پريڪٽيڪل ڪم ڪرڻ ۾ شايد ٿورڙا پوئتي.
روزاني عوامي آواز 7 مئي 2010
عزيز منڱريو