سنڌي ٻولي، ڪمپيوٽنگ، سچائي ۽ محبت

'سنڌي ڪمپيوٽنگ' فورم ۾ عبدالعزيز منڱريو طرفان آندل موضوعَ ‏13 مئي 2010۔

  1. عبدالعزيز منڱريو

    عبدالعزيز منڱريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    80
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    Computer Programmer
    ماڳ:
    Hail, Kingdom of Saudi Arab
    چوندا آهن ته هر شخص هن دنيا ۾ ڪنهن نه ڪنهن خاص مقصد لاءِ آيو آهي، پر شايد هر شخص پنهنجي انهيءَ خاص مقصد کي سمجهڻ ۾ ڪامياب ناهي ٿي سگهندو، ۽ زندگيءَ جي ريس ۾ پئسن ۽ خوشحاليءَ جي رستن تي ڊڪنڊي ڊوڙندي شايد اهو ڀلائي ويهندو آهي ته هن جو اصل مقد ڇا آهي.
    پر انهيءَ جي ابتڙ ڪجهه اهڙا انسان به آهن جيڪي پنهنجي انهيءَ اصل مقصد جي حاصلات لاءِ زندگيءَ جا ڪيئي ڏهاڪا پيا ڊوڙيندا ۽ پٽوڙيندا رهندا آهن.
    انهن منجهان ئي هڪ شخص جنهن پنهنجي زندگيءَ جا لڳ ڀڳ ٽي ڏهاڪا سنڌي ٻولي کي ڪمپيوٽر تي آڻڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيا.
    ڇا اسان ڪڏهن اهو سوچيو آهي ته اسان جيڪا سنڌي هن وقت ڪمپيوٽر ۾ آرام سان ويهي لکي پڙهي رهيا آهيون انهيءَ جو سمورو ڪريڊٽ ڪنهن ڏانهن پيو ونڃي؟؟؟ ڪير آهي جنهن ايترو ڪجهه اسان کي ڪري ڏنو،
    جي بلڪل اهو ڪردار آهي هڪ خاموش ادارو جو جنهن جو نالو آهي عبدالماجد ڀرڳڙي
    23 سال پهريان جڏهن سنڌي ٻولي جو هڪ اکر به ڪمپيوٽر تي لکي يا پڙهي نه سگهبو هو، تڏهن هن پنهنجي مدد پاڻ ڪوششون ڪري سنڌي ٻوليءَ کي نئين سر جيارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ پهريون ڀيرو هڪ عدد (ميڪونٽوش) ڪمپيوٽر ۾ پروگرامنگ ڪري سنڌي لکڻ قابل ڪيائين، انهن ڏينهن ۾ اسان جي شهرن ۾ ڪمپيوٽر ڪون ها ۽ نه ئي وري سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا هئي. انهيءَ ڪري سندس جي ڪيل ڪم جو ڪو خاص فائدو اسان جا عام سنڌي ڀائر نه وٺي سگهيا. پر ان هوندي به اها سنڌي ڪمپيوٽنگ جي بنياد هئي. ۽ انهيءَ کان پوءِ ڪجهه ٻيا پروگرام مارڪيٽ ۾ ايندا رهيا، پر اهي سمورا ڪاروباري ادارن يا فردن پاران ڪجهه خاص ادارن يا مقصدن لاءِ جوڙيا ويا، جيڪي ٻولي جي خدمت جي کاتي ۾ نٿا آڻي سگهون.
    جڏهن مائيڪروسافٽ جي هڪ اداري (يونيڪوڊ) پاران دنيا جي سمورين ٻولين لاءِ ڪمپيوٽر جي لينگويچ ۾ ڪوڊ سيٽ شامل ڪيو ويو ته خوش قسمتيءَ سان سنڌي ٻولي جي لاءِ به انهن هڪ عدد ڪوڊ سيٽ شامل ڪري ڇڏيو. ۽ انهيءَ طرح ونڊوز 2000 کان وٺي سنڌي ٻولي به يونيڪوڊ ۾ شامل ٿي وئي،
    پر ڳالهه صرف ڪوڊ شامل ڪرڻ جي ڪان هئي. ڳالهه هئي انهيءَ ٻولي کي استعمال ڪرڻ لاءِ هڪ عدد انٽرفيس، انسٽالر گهربل هو جيڪو هڪ ترتيب سان جوڙيل هجي، جنهن جي مدد سان ٽائيپ ڪندڙ کي سنڌي ٽائيپ ڪرڻ ۾ ڪا به دشواري نه اچي. اهو پروگرام به هن شخص جوڙي سنڌي قوم تي وري هڪ احسان ڪيو ته وري ٻئي پاسي پنهنجو قرض به لاٿو.
    سندس پاران سنڌي ٻوليءَ جو اهو پرگرام هيئر به توهان ٽائيپ ڪرڻ مهل استعمال ڪندا هوندا،
    هيئر شايد اسان جي سنڌي دوستن کي اهو علم ناهي ته سنڌي ٻوليءَ جي لکت اوهان دنيا ۾ ڪٿي به ويهي ڪري سگهو ٿا،
    سائين عبدالماجد هيئر ڪجهه ڏهاڙا پهريان سنڌي ڪميوٽنگ جا آخري ۽ نوان اپڊيٽ مهيا ڪيا آهن جن جي مطابق هيئر اسان دنيا جي ٽن مشهور آپريٽنگ سسٽمز، جهڙوڪ ونڊوز، ميڪونٽوش ۽ لنڪس ۾ سنڌي لکي پڙهي سگهون ٿا، ۽ انهيءَ کان سواءِ سنڌي نويس جي مدد سان ڪٿان به بغير ڪنهن سافٽويئر انسٽال ڪرڻ جي سنڌي لکي يا اي ميل وغيره ڪري سگهون ٿا،
    سندس جو صرف اهو ئي ڪم ناهي، سندس جي هڪ ٻئي اهم ڪم ڏانهن نظر ونڃي ٿي جيڪو آهي سنڌي ۾ قرآن شريف جو ترجمعو، شاهه جو رسالو، ۽ هيئر سچل جو ڪلام، اهو به ٽيڪسٽ بيسڊ معني ته توهان انهن ٽنهي ڪتابن منجهان ڪجهه به گوگل ۾ سرچ ڪري سگهو ٿا، انهيءَ سموري ڪم ۾ سائين ماجد صاحب اڪلو نه هو سندس جا ڪجهه ٻانهن ٻيلي به هيا، جن ۾ ٻه نالا اهم آهن هڪ سائين شاهنواز سومرو جيڪو سنڌي ڪمپيوٽنگ ۽ٻولي لاءِ ايترو ڪجهه ڪيو جو اسان سوچي به ڪون ٿا سگهون سدس جي هٿن سان شاهه جو رسالو، سچل جو ڪلام به ترتيب ٿيا ته وري قرآن شريف جو سمورو ترجمعو به اسان لاءِ آن لائين ٿيو،
    ثناالله منڱڻيجو جنهن 152 کان وڌيڪ سنڌي لکت جا بهترين فانٽ جوڙي اوهان جي لاءِ مهيا ڪيا ۽ ان کان علاوه ڪيترائي ٻيا اهڙا مخلص دوست جن ڪنهن به لالچ کان هٽي ڪري پنهنجي سر پاڻ محنت ڪري اسان جي سنڌي بوليءَ ۽ سنڌي قوم لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪردار ادا ڪيو، اسان ڪڏهن به انهن جا ٿورا ڪون ٿا لاهي سگهون،، پر ڳائي ضرور سگهون ٿا،،
    سنڌي ڪمپيوتنگ جي انهن دوستن کي ڪنهن کان به ڪجهه ڪون گهرجي هو ڪنهن خاموشيءَ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، ۽ پنهنجي ٻولي جي خدمت ۾ مصروف آهن، بهرحال هي سمورا ڪم اهي آهن جيڪي اسان جي انهن ادارن جا هيا جيڪي لکين رپين جي گورنمينٽ جي فنڊن کي راتون رات کائي ونڃڻ ۾ ته هوشيار آهن پر پريڪٽيڪل ڪم ڪرڻ ۾ شايد ٿورڙا پوئتي.

    روزاني عوامي آواز 7 مئي 2010
    عزيز منڱريو
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,876
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌي ٻولي، ڪمپيوٽنگ، سچائي ۽ محبت

    بيشڪ ادا عزيز، اسين انهن سڀني هيروز جن سنڌي ٻوليءَ کي ان قابل ڪيو ته اڄ اسين دنيا جي ٻين ٻولين سان ڪلهي ۾ ڪلهو ملائي هلي رهيا آهيون۔ جا نه فقط ٿورائتا آهيون ، بلڪ سندن عظمت آڏو جهڪيل آهيون ۔۔۔ ۽ اميد ٿا ڪريون ته اڃان به اسانجا اهي دوست جي ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ موجود آهن، پنهنجو پاڻ ملهائيندا رهندا ۽ جدت کي پنهنجي ٻوليءَ جو حصو ڪندا رهندا ۔۔۔ ان سان گڏ اوهان جا به ٿورائتا آهيون، جو پاڻ ملهائيندا رهوٿا ۔

    باقي سنڌ جي ادارن جي ڳالهه نه ڪريو، جي اهي ادارا فعال هجن ها ته اسين اهي روئڻ ڇو روئون ها ۔۔۔ مٿو ڇو پٽيون ها ۔۔۔ اهڙي بڇڙي حالت ۾ ڇو هجون ها ۔۔۔ بس آءُ ته لطيف جي هن بيت ۾ ايمان رکانٿو ۔۔۔
    ٻاهر ٻولي هنج جي، اندر ڪارو ڪانءُ،
    اهڙو ٺلهو ٿانءُ، ڀنڃي ڇونه ڀورا ڪجي۔
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,556
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌي ٻولي، ڪمپيوٽنگ، سچائي ۽ محبت

    ادا عبدالعزيز۔۔۔ بيشڪ سائين ماجد ڀرڳڙي جو هي اڪيلي شروع ڪيل سفر سنڌي ٻوليءَ جي جديد دنيا ۾ بقا جو سبب بڻيو آهي۔۔ سندن هيترين ڪاوشن بعد سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪم ڪندڙ قومي ادارن جي ڪردار تي حيرت وٺيو ٿي وڃي ته انهن سنڌ جي هن محسن کي ڇو نه ڪنهن بهترين اعزاز سان نوازيو يا ڇو نه هن جي پٺڀرائي ڪئي۔۔۔
     
  4. عبدالعزيز منڱريو

    عبدالعزيز منڱريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    80
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    Computer Programmer
    ماڳ:
    Hail, Kingdom of Saudi Arab
    جواب: سنڌي ٻولي، ڪمپيوٽنگ، سچائي ۽ محبت

    سائين توهان جي وڏي مهرباني جو توهان همٿايو ٿا، توهان جا لک لائق جو توهان به ٻولي جي ڪم کي اڳتي وڌايو ويٺا آهيو، آئون به ڪوشش‌ڪندو رهندو آهيان، جيترو وس پڃندو آهي ڪم ڪندا آهيو اڳتي نتيجو توهان جي آڏو آهي،
    مهربانيون وري به
     
  5. وحيد سمون

    وحيد سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 مئي 2009
    تحريرون:
    249
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿو
    ماڳ:
    دادو
    جواب: سنڌي ٻولي، ڪمپيوٽنگ، سچائي ۽ محبت

    سائين ماجد ڀرڳڙي کي سلام آ سائين
     
  6. jamot

    jamot
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2009
    تحريرون:
    135
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سنڌي ٻولي، ڪمپيوٽنگ، سچائي ۽ محبت

    تمام بهترين لکيو آهي ادا عزيز توهان۔۔۔۔ ماشاء الله۔۔۔
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,486
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌي ٻولي، ڪمپيوٽنگ، سچائي ۽ محبت

    ڀرڳڙي صاحب جن سان گڏ آءُ سنڌ جي هڪ لڪل هستي ۽ سپوت سائين رشيد سمون جن کي به سلام پيش ڪندس ۽ سائين رشيد صاحب جن جي شخصيت کي پڻ مان ۽ ايوارڊ ڏيڻ جي حمايت ڪندس
    شايد سائين سمون صاحب جون ڪاوشون ان حوالي ڪمپيوٽنگ جي حوالي سان ڪنهن کي نظر نه ٿيون اچن
    پر مان سائين کي سچي دل سان سليوٽ ڪيان ٿو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو