• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇااليڪٽرانڪ سينسز2014جي ڪري ڪوٽا سسٽم تعليمي۽گورنمنٽ نوڪرين لاءِ ساڳيو ڊوميسائل سسٽم برقرار رهي

Sindhi Media

سينيئر رڪن
توهان ڇا ٿا ڀانيو ته اليڪٽرانڪ سينسز 2014 جي ڪري ڪوٽا سسٽم تعليمي ۽ گورنمنٽ نوڪرين لاءِ ساڳيو ڊوميسائل سسٽم تي برقرار رهي
10393157_10204303803896048_7593447726276308349_n.jpg

هاڻ جيئن ته سينسز 2014 ۽ ووٽنگ ڪرڻ اليڪٽرانڪ مشينن ذريعي ٿي رهيو آهي. ۽ هر فرد رجسٽر ٿيندو ۽ رپيٽ شناختي ڪارڊ ۽ ڊوميسائل کان به بچڻ گهُرجي. ته توهان ڇا ٿا ڀانيو ته اليڪٽرانڪ سينسز 2014 جي ڪري ڪوٽا سسٽم تعليمي ۽ گورنمنٽ نوڪرين لاءِ ساڳيو ڊوميسائل سسٽم تي برقرار رهي يا هاڻ ٻولي (مدرٽنگ + اڪليت سيٽون جُدا) لاءِ ٿئي جو ڊوميسائل سسٽم تي به سراسر نقصان ۽ تعليم ۽ نوڪرين کان محرومي به سنڌي ۽ بلوچي ٻولي ڳالهائڻ وارن کي ٿي رهيو آهي ان ڪري جو ٻين صوبن جون جيڪي قومون سنڌ ۾ عارضي يا دائمي وسيل آهن اُنهن يا جيڪا ٻين صوبن جي رهائشي بيوروڪريسي ۽ اسٽيبلشمنٽ سنڌ ۾ مقرر آهي اُها سنڌ ۽ بلوچستان جي شهر ۽ ڳوٺن جا ڊوميسائل هٿ ڪري ڪوٽا تحت مليل داخلائون ۽ نوڪريون حاصل ڪري سنڌي ۽ بلوچن کي محروم ڪري رهيون آهن. ته جيڪي ٻوليون (مدٽنگ) پاڪستان ۾ رهن ٿيون ۽ جيڪي 18 ڪروڙ آباديءَ ۾ آهن تن جي مدرٽنگ ڊيٽا بيس تي ۽ پرسنٽيج بيس تي ئي هاڻ ڪوٽا سسٽم جُڙڻ گهُرجي ته اُهي صوبا جيڪي ڊبل ڊوميسائل ۽ ڊبل فائدا وٺي رهيا آهن سي سنڌ ۽ بلوچستان ماڻهن لاءِ مليل معمولي ڪوٽا به هڙپ نه ڪري سگهن. ۽ جيترا به ٻين صوبن جا ماڻهون سنڌ يا بلوچستان ۾ رهائش پذير ٿيل آهن اُنهن تي ريزيڊنشيل ٽيڪس لاڳو ڪيو وڃي جيڪي ٻئي صوبي جو سهولتون يا زمينون وسائي ويٺا آهن.
 
Back
Top