محمد خان سيال
سينيئر رڪن
سنڌ جي وحدت جو سوال ۽ سنڌي قوم پرستن کي اپيل
محمد خان سيال / 02 آڪٽوبر 2014
ڪراچيءَ جو هڪ لساني ليڊر جيڪو هن وقت لنڊن ۾ ويٺل آهي سو سنڌ کي چار ٽُڪر ڪرڻ چاهي ٿو ـ ائين برابر آهي ته اسڪاٽ لينڊ پوليس کيس کڻي سوگھو ڪيو آهي تنهن ڪري بدحواسيءَ ۾ هن پنهنجو آخري پتو کڻي ڦٽو ڪيو آهي پر انهيءَ شرارت تي سنڌين جو ردعمل فطري ڳالهه آهي ـ ڪجھه دوستن جو چوڻ آهي ته اسان کي اهڙو سخت ردعمل نه ڏيکارڻ گھرجي جيڪا ڳالهه درست ڪانهي ـ اهو ته ائين ٿيو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪاوڙ ۾ ڀرجي اوهان جي گھر کي باهه ڏئي ساڙي ته اوهان ائين چوندئو ته هن ڪاوڙ ۽ مايوسيءَ ۾ ائين ڪيو آهي، سو اسان ڪو سخت رد عمل ڪونه ٿا ڏيکاريون ـ ٻين لفظن ۾ گھر سڙي رک ٿي وڃي ته ڀلي ٿئي پر اوهان صبر ڪيو ويٺا هجو ۽ سخت رد عمل نه ڏيکاريو ـ ائين سوچڻ غلط آهي ـ
اهڙن سنڌ شمنن کي منهن ٽوڙ جواب ملڻ گهرجي، دليلن جي حد تائين ـ مثال: هو مهاجر صوبو گھري ٿو ته اسان کي کين ٻڌائڻو پوندو ته دنيا ۾ ڪٿي به مهاجرن کي صوبو مليل ڪونهي ۽ مهاجرن جي اصل جاءِ ڪيمپون هونديون آهن ـ وري هو چوي ٿو ته دنيا ۾ وڏي آباديءَ وارا صوبا يا وري صوبن کانسواءِ ملڪ نه ٿيندا آهن ته اسان کي کيس ٻڌائڻو آهي ته برطانيا جي آبادي 6 ڪروڙ 30 لک آهي پر اتي ڪو به صوبو ڪونهي، بنگلاديش جي آبادي 17 ڪروڙ آهي پر اتي به ڪو صوبو ڪونهي ۽ سندن ڪرنسي پاڪستان کان به مضبوط آهي ـ ان کان علاوهه آمريڪي رياست ڪئليفورنيا جي آبادي چار ڪروڙ آهي پر اتي ڪنهن به الڳ رياست (صوبو) ٺاهڻ جو مطالبو ڪونه ڪيو آهي ـ اڃا به ڪيترا مثال ڏئي سگھجن ٿا ـ
وري چوي ٿو ته سنڌ اندر انتظامي يونٽ ٺاهيو ـ سنڌ ۾ اڳ ئي 6 ڊويزنون ۽ ٽيهارو کن ضلعا آهن، اهي سڀ انتظامي يونٽ ناهن ته ٻيو ڇا آهن؟ بنگلاديش ۾ به 8 يا 10ڊويزنون آهن ـ
سال 1972 وارو ٻوليءَ جو بل جيڪو سنڌ اسيمبليءَ پاس ڪيو تنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي اڪيلي ٻوليءَ طور مڃيو ويو آهي ۽ اهڙو قانون يعني ايڪٽ لکت ۾ به موجود آهي ـ مان اها ڳالهه چيلينج سان چوان ٿو پر اسان جي محترم سنڌي قومپرستن، پنهنجن سياسي طوطن يعني ڪارڪنن کي اها پٽي پڙهائي آهي جو وڃي ٿيا ست خير....هو ڪا ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ڪونهن ـ ٿورو بحث ڪريو ته گار گند ۾ شروع، فيس بوڪ تي به اهو ڪُوڙ ڪُٽيندا ته سنڌ کي ٻه لساني صوبو بڻايو ويو هو ـ
اها سنڌ دشمنيءَ جي انتها ناهي ته ٻيو ڇا آهي ته سنڌي قوم پرست شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دشمنيءَ ۾ سنڌ کي غلط طور ٻه لساني صوبو بڻايو ويٺا آهن جڏهن ته اهڙي ڳالهه لساني ليڊر به ڪانه ڪئي آهي جيڪو هونئن ته سنڌ کي چئن حصن ۾ ٽُڪر ڪرڻ چاهي ٿو ـ هن نازڪ موڙ تي سنڌي قوم پرستن جو فرض آهي ته 1972 واري بل جي ڪوڙي تشريح ختم ڪن ۽ پنهنجن سياسي طوطن (ڪارڪنن) کي به اهڙي هدايت ڪن ته فيس بوڪ جي پنهجي وال تان اهڙو مواد هٽائن ڇاڪاڻ ته سنڌ جي وحدت سڀ کان اُتم آهي ـ
ساڳي وقت سڀني سنڌين کي اپيل ڪجي ٿي ته هو يڪجهتيءَ ڏيکاريندي سنڌ اندر لساني فساد پکيڙڻ واري لساني ليڊر جي سازشن کي ناڪام بڻائين