منصور سرور
سينيئر رڪن

حيدرآباد ضلعي ۾ 48 ڪلاڪن دوران زهريلو شراب پيئڻ سبب فوتين جو تعداد 26 تائين پهچي ويو. زهريلي شراب پيئڻ سبب لطيف آباد ۾ ٻه ڄڻا فهيم ۽ رنگيلو ڪولهي فوت ٿي ويا. جڏهن ته بچاءَ بند ڀرسان پالاري ڳوٺ ۾ رامو ڪولهي ۽ نثار شاهه فوت ٿي ويا. جڏهن ته حسين آباد واسي فيصل پڻ فوت ٿيو، حيدرآباد جي لطيف آباد ۾ رات دير سان وڌيڪ 5 ڄڻا ڪچو شراب پيئڻ سبب فوت ٿي ويا، جن ۾ پوليس اهلڪار عبدالله غوري، ناصر، آفتاب، ٽيڪم داس ۽ اويس شامل آهن. جڏهن ته لطيف آباد ۾ رات دير سان غلام محمد زهريلو ـشراب پيئڻ سبب فوت ٿي ويو، جڏهن ته پٻڻ ٿاڻي جي حد ۾ عيدن ۽ مڪيش زهريلي شراب سبب پنهنجي حياتي وڃائي، حيدرآباد پوليس 160 ڄڻن کي شراب وڪرو ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي. هوڏانهن ٽنڊوڄام ۾ پڻ ڪچي شراب سبب 3 ڄڻا فوت ٿي ويا. حيدرآباد شهر ۾ 48 ڪلاڪن اندر فوتين جو تعداد 13 ۽ تعلقي ٻهراڙي حيدرآباد ۾ فوتين جو انگ 9 تائين پهچي ويو آهي. زهريلي شراب جي خاتمي لاءِ اڃا تائين ڪو به ڪنٽرول نه ٿي سگهيو آهي. حيدرآباد ضلعي جي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين زهريلي شراب پيئڻ سبب ماڻهن جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ پوليس طرفان اڳواٽ اپاءُ نه وٺڻ تي پوليس مٿان تنقيد ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته شراب جي بٺين ۽ اڏن کي مڪمل طور ختم ڪيو وڃي. حيدرآباد پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته شراب ۽ منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪندي 50 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ 15 شراب جي بٺين کي ختم ڪيو ويو آهي. حيدرآباد ضلعي ۾ زهريلي شراب پيئڻ سبب ماڻهن فوت ٿيڻ تي خوف ۽ حراس به پکڙجي ويو آهي. ڪالهه حيدرآباد ۾ زهريلي شراب پيئڻ سبب وڌيڪ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا. تعلقي لطيف آباد نمبر 4 جي بچاءَ بند ويجهو ڳوٺ محراب پالاري ۾ زهريلو شراب پيئڻ سبب رامو ڪولهي ۽ نثار شاهه فوت ٿي ويا. جڏهن ته حيدرآباد جي هاشمي ڪالوني ۾ به زهريلو شراب پيئڻ سبب فهيم ۽ رنگيلو ڪولهي فوت ٿي ويا. جڏهن ته حسين آباد واري علائقي ۾ زهريلو شراب پيئڻ سبب فيصل فوت ٿي ويو. فوتين جا لاش گهرن ۾ پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو سندن گهرن جون عورتون ۽ ٻار شراب وڪرو ڪندڙن کي پٽون ۽ پاراتا ڏيندي اڀ ڏياريندڙ رڙيون ڪندا رهيا. حسين آباد ۾ فوت ٿيل فيصل جي گهر ڀاتين جو چوڻ آهي ته فيصل گهرن ۾ رنگ ڪرڻ وارو ڪم ڪندو هو. گذريل ڏينهن ڄامشورو ۾ رنگ ڪرڻ جي حوالي سان مزدوري ڪرڻ ويو هو ۽ منجهند جو 2 وڳي واپس گهر پهتو ته سندس طبيعت خراب ٿي وئي، جنهن کي ڀٽائي اسپتال ۽ سول اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو. ان کانپوءِ هو فوت ٿي ويو. هاشمي ڪالوني ۾ فوت ٿيل فهيم ۽ رنگيلو ڪولهي جي وارثن به مطالبو ڪيو آهي ته اسان جي فوت ٿيل ماڻهن جا ذميوار شراب وڪرو ڪندڙ آهن شراب وڪرو ڪندڙن کي پوليس کليل ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي جيڪي زهريلو ٺرو وڪرو ڪري پئسا ڪمائين ٿا ۽ پوليس ٺرو وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران منٿليون وصول ڪري ٿي حيدرآباد ضلعي جي سياسي سماجي اڳواڻن سميت شهرين زهريلي شراب پيئڻ سبب فوت ٿيل ماڻهن جي ذميوار شراب وڪرو ڪندڙن ۽ پوليس کي قرار ڏنو آهي. حيدرآباد ضلعي شهرين ۾ ان معاملي تي ڪاوڙ واري لهر پکڙيل آهي دڪاندارن توڙي بازارن ۾ موجود ماڻحن وٽ اها ئي راءِ موجود آهي نه جيڪڏهن حيدرآباد ضلعي جو هر پوليس ٿاڻو ايمانداريءَ سان پنهنجي حدن ۾ شراب وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪن ها ته اهڙي قسم جي صورتحال سامهون نه اچي ها. شهرين سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته جن به پوليس ٿاڻن جي حد ۾ منشيات ۽ شراب وڪرو ٿئي ٿو تنهن ايس ايڇ او خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻئي طرف ٽنڊوڄام ويجهو ديهه ڪنر ۾ وڌيڪ ٽي ڄڻا زهريلي شراب واپرائڻ سبب فوت ٿي ويا آهن. ديهه ڪنر جي ڳوٺ دريا خان ناهيون جو رهواسي 35 ساله عديل ناهيون، 30 ساله اسلم ولد خادم ناهيون ۽ ڪوٽ اعجاز ناهيون جو رهواسي 23 ساله پريم ولد رنگيلو ڪولهي فوت ٿي ويا آهن. گذريل ڏينهن زهريلو شراب واپرائڻ جي نتيجي ۾ عديل ۽ اسلم ناهيون جي حالت خراب ٿي ويئي. جنهن بعد ٻنهي کي سول اسپتال حيدرآباد نيو ويو. جتي صبح جو ٻئي ڄڻا فوت ٿي ويا. جڏهن ته پريم ڪولهي اسپتال پهچڻ کان پهرين ئي فوت ٿي ويو. ڳوٺ دريا خان ناهيون ۾ هڪٻئي پٺيان ٻه لاش پهچڻ تي ڳوٺ ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ سوڳ ۾ ڳوٺ جي بازار بند ٿي ويئي. ڳوٺ دريا خان ناهيون ۾ زهريلي شراب واپرائڻ سبب فوت ٿيندڙن جو تعداد ٽي ٿي ويو آهي. دريا خان ناهيون ۾ فوت ٿيندڙ اسلم ناهيون ۽ عديل ناهيون جا هڪ ئي وقت جنازا کنيا ويا ۽ ٻنهي نوجوانن جي گڏيل جنازي نماز ادا ڪئي ويئي. هڪٻئي مٿان ٽن فوتگين سبب ڳوٺ ۾ سوڳ واري لهر ڇانيل هئي، زهريلي شراب وگهي لاڳيتو فوتگين باوجود پوليس زهريلي شراب جو ڪاروبار ڪندڙن خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪرڻ ۾ ناڪام ويئي آهي. پوليس صرف ڪجهه ننڍي پيماني تي شراب وڪرو ڪندڙن کي گرفتار ڪري خانه پوري ڪئي آهي. جڏهن ته زهريلو ڪيميڪل سپلاءِ ڪندڙ موت جي سوداگرن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي ويئي آهي. حيدرآباد پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته 50 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جيڪي شراب وڪرو ڪرڻ ۽ بٺيون هلائڻ جا ذميوار آهن. 15 شراب جي بٺين کي ختم ڪرايو آهي ۽ ضلعي ۾ آپريشن جاري آهي. حيدرآباد جي لطيف آباد ٽنڊوڄام، هوسڙي ٿاڻن جي پوليس ڇاپا هڻي شراب ۽ منشيات وڪرو ڪندڙن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. حيدرآباد پوليس بچاءُ بند ويجهو زهريلو شراب پيئڻ سبب نوجوان جي فوت ٿيڻ واري واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. حيدرآباد شهر ۽ ٿاڻي ڦليلي جي عملي ٻڪرا منڊي ويجهو جاويد ملڪ کي گرفتار ڪري 160 ليٽر شراب هٿ ڪيو آهي. ٽنڊويوسف پوليس محمد مگسي تلاءُ وجهو ڇاپو هڻي سردار ۽ عبدالغفور قريشيءَ کي گرفتار ڪري سندن نشاندهي تي ٽنڊو قيصر ڀرسان هلندڙ شراب جي بٺي تي ڇاپو هڻي 85 بوتلون هٿ ڪري ورتيون ۽ بٺيءَ کي ختم ڪرائي ڇڏيو راهوڪي پوليس ڪارروائي ڪندي ڳوٺ خان محمد مغل ۽ مرزا باغ ۽ چينل موريءَ وٽ شراب جون بٺيون ختم ڪرائيندي غلام محمد ناريجو کي گرفتار ڪندي 200 ليٽر شراب به هٿ ڪيو آهي. ٽنڊوڄام پوليس تلسي ڪولهي ۽ سيري پوليس درگاهه بودلو فقير ويجهو ڇاپو هڻي قادر بخش کي گرفتار ڪري 15 ليٽر شراب به هٿ ڪري ورتو آهي. حيدرآباد جي سي آءِ اي پوليس ضلعي ۾ مختلف هنڌن تي ڇاپو هڻي وڪيو ملاح کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ 90 بوتلون شراب جون هٿ ڪيون آهن. ايس ايس پي حيدرآباد پير فريد جان سرهندي سمورن پوليس ٿاڻڻ جي ايس ايڇ اوز کي سختيءَ سان حڪم ڏنو آهي ته شراب منشيات وڪرو ڪندڙن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ شراب جي بٺين ۽ اڏن کي ختم ڪيو وڃي. حيدرآباد جي ايس پي هيڊڪوارٽر حيدر رضا ۽ ايس پي سٽي عمر طفيل دعويٰ ڪئي آهي ته حيدرآباد ضلعي ۾ شڙاب جي بٺين ۽ منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي 50 ڄڻن کي گرفتاري ڪري ورتو آهي ۽ 15 شراب جي بٺين کي ختم ڪرايو ويو آهي ۽ وڏي مقدار ۾ ڪچو شراب هٿ ڪيو ويو آهي حيدرآباد پوليس حيدرآباد ضلعي ۾ ڪچو شراب کڻي ايندڙن کي گرفتار ڪرڻ ۽ شراب جي سپلاءِ روڪڻ لاءِ حيدرآباد ضلعي جي حدن ۾ ايندڙ سمورن روڊن تي پوليس کي چوڪس رهڻ جو هدايتون ڏنيون ويون آهن. ايس ايس پي ٽنڊوالهيار جاويد بلوچ جي نگراني ۾ پوليس اٽالن ضلعي ٽنڊوالهيار جي مختلف ٿاڻن ۾ زهريلو ڪچو شراب وڪڻندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري 29 ڄڻن کي گرفتار ڪري وٽائن سوين ليٽر ڪچو شراب هٿ ڪيو آهي، پوليس موجب پيارو لنڊ ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ رمضان ملاح ڪرشن، شبير عباسي، گڊو مستوئي کي گرفتار ڪري وٽان 160 ليٽر ڪچو شراب هٿ، سلطان آباد ٿاڻي جي حد ۾ لاهوري موڙ تي ڇاپو هڻي جوابدار حاڪم سميجو، وزير ڀيل، راڻو ڪولهي، راجهو ڪولهي کي گرفتار ڪري وٽائن 350 ليٽر شراب هٿ، عمر ساند ٿاڻي جي حد ۾ ڀيمون ڀيل ۽ ڪرشن ڀيل کي گرفتار ڪري وٽائنس 20 ليٽر شراب هٿ، بڪيرا شريف ٿاڻي جي حد ۾ لنڪ روڊ ڪوڙو دائيداڻا ۾ ڇاپو هڻي اعجاز خاصخيلي، مومن ڪولهي، سلطان مري، غلام مصطفيٰ مري کي گرفتار ڪري وٽائن 80 ليٽر شراب هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي.