• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ناتو

bewas ali hassan

سينيئر رڪن
ناتو نيهن جو ايئن نه ٽوڙيو
جيئري مونکان منهن نه موڙيو
ڪهري ذات خدا جي آهي
من ۾ ڏس تون ليئو پائي
ڪارو ڪن تون ڪڍي اڇلائي
خنجر دل ۾ ايئن نه ڪوڙيو
قدم قدم تي ڪات کڻي ٿا
مارن هت مشتاق هڻي ٿا
جيڪي من کي وڃن وڻي ٿا
تن ڏکڙن سان مونکي جوڙيو
پيار امن جو ديس اسانجو
اتي به ڪاروويس اسان جو
پنهنجن ۾ پرديس اسان جو
ڪيڏو به مون آ پاڻ پتوڙيو
سچ هت نقصان ڪري ٿو
جيڪو ڳالهائي اهو مري ٿو
سر ڏيئي هو ڀونگو ڀري ٿو
سر وڃي ٿو ڌڙ کان ٽوڙيو
چڍڙ بيوس لکڻ ڇڏي وڃ
نت چون ٿا هتان لڏي وڃ
جلدي هي شهر چڏي وڃ
ڇڏن ٿا دل کي سي اوکوڙيو
 
Back
Top