زندگي هڪ ڪالمي سرخي!

'مقالا' فورم ۾ چانڊوڪي طرفان آندل موضوعَ ‏13 مئي 2010۔

  1. چانڊوڪي

    چانڊوڪي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2010
    تحريرون:
    46
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    زندگي هڪ ڪالمي سرخي!


    عاجز سمون ( روزانه سنڌ جي ٿورن سان)

    ڪڏهن ڪڏهن زندگي کي اخبارن ۾ ڏسي سندس عام زندگي ۾ ڀيٽ ڪندو آهيان ۽ سوچيندو آهيان ته ڇا زندگي جي قيمت صرف هڪ ڪالمي سرخي آهي.

    اها زندگي جنهن جي باري ۾ چيو ويندو آهي ته اها املهه آهي ڪائنات آهي، روشني ۽ وجود جي زندهه هجڻ جي نشاني آهي پوءِ ايتري بي قيمتي ۽ بي دريافتي ڇو آهي. انهي جو قدر ڇو نه ٿي رهيو آهي؟

    جواب اهو آهي ته محبتون ۽ جذبا ختم ٿي چڪا آهن انهن جي جاءِ تي صرف حرص، حوس ۽ منافقتون جنم وٺي چڪيون آهن موت سستو ۽ عام ٿي پيو آهي ۽ ان جي ڪل قيمت هاڻي هڪ ڪالمي سرخي وڃي رهي آهي. انسانن جي ڪل متاع حيات هاڻي اخبارن جي چند سيٽن جو ڪل آهي. ڪڏهن ڪڏهن اخبار وارن تي ڪاوڙ ايندي اٿم جيڪي جوا جي اگھه کي پنج ڪالمي ۽ ڪنهن ماءُ جي آخري آس کي هڪ ڪالمي ۽ پري ساڳئين ٻئي پاسي ڌاڙيلن کي باڪس ۽ مک سرخيون ٺاهي پيش ڪندا آهن. ائين ڇو آهي؟ منهنجي خيال ۾ اسان جو معاشرو هاڻي ذهني طور تي يا ته انهي ڳالهه کي قبول ڪري چڪو آهي ته انفرادي فرد جو موت معاشري تي ڪوبه اثر ڪونه ٿو وجھي يا وري هو ان جي ڪابه حيثيت قبولڻ لاءِ تيار نه آهي. معاشري ۾ ان بي حسي رشتن ۾ منافقتن ۽ هڪ ٻئي کان پري ڌار واريون سوچون يا ته صرف ان ڪري وجود ۾ آيون آهن جو اسان مغربي تقليد ۾ ايترو ته اڳيان نڪري ويا آهيون، جو هاڻي اسان وٽ رشتن جي ڪابه اهيمت ناهي. ڪڏهن اسان وٽ رشتن ۽ پنهنجائپ جو مان هو. نياڻي ميڙ اسان وٽ ايتري ته اهميت رکندو هو جو اها نياڻي پنهنجن نياڻين کان وڌيڪ ڪري ڄاتي ويندي هئي جو خون ۽ پلاند به ان کي اهميت ڏيندي معاف ڪيا ويندا هئا. پر اڄ ويندڙ نياڻين کي عزت ڏيئڻ بجاءِ سندس سنڱ جي گھر ڪئي ويندي آهي. اڄ پوتي اوڍائڻ بدران اٽلو منافقتن جي پوتي لهرائڻ کي ترجيع ڏني وڃي ٿي. اڄ مقدس قرآن مٿي تي کڻي ويندڙ نياڻين کي دڙڪا ۽ ٿاٻا ڏيئي پيرين ۽ مٿي اگھاڙو ڪري ڪڍيو وڃي پيو. جنهن جو مثال روزاني جي اخبارن ۾ آيل خبرن مان ظاهر ٿي پيو آهي ته ڳوٺ حمزو ڀٽي جي معصوم نياڻين مٿي تي قرآن پاڪ رکي وڏيري ابراهيم ڪلهوڙي جي گھر ويون پر وڏيري انهن جي مٿي تي پوتيون اوڍائڻ بجاءِ جوش ۽ مڪروهه ذهن واري سوچ ۽ اصليت ڏيکاريندي انهن ابهم نياڻين کي ٿڏا هڻي گارگند ڪندي گھر مان لوڌي ڪڍي ڇڏيو، سنڌ جي هڪ عظيم روايت کي پڻ ٺڪرائي ڇڏيو.

    اڄ سمنڊ ساڳيو آهي پر شور ۽ سانت هر لهر جي موت کي ٻي لهر جي خبر نٿا وٺڻ ڏين. اڄ بي حسي ايتري ته وڌي چڪي آهي جو اعلانيه زندگي جي آڇ ڪندڙ به پنهنجي رت جي سجائي يا اجائي وڃڻ بابت غير يقيني صورتحال جو شڪار آهن. شهداد ڪوٽ جي به هڪ نوجوان عبدالجبار کوسي نوڪري نه ملڻ تي مفلسي کان تنگ اعلانيه زندگي ڏيئڻ جو فيصلو ڪيوهو ۽ پنهنجي املهه زندگي جنهن ۾ هن سان تعلق رکندڙ ماءُ، پيءُ، وني ۽ ڀينرن ڪئين خواب ڏٺا هوندا. جن جي تعبير محترمه بي نظير ڀٽو ڪرايو هو، ان خواب کي رات جو خواب سمجھي صبح ٿيئڻ تي اک کولي پرزا پرزا ڪرڻ لاءِ اُسريو هو پنهنجي وجود جي خاتمي لاءِ ۽ پنهنجي نجات لاءِ.

    پر ڇا سندس مسئلا حل ٿي ويا؟ اهڙا سڄي سنڌ ۾ تعليم يافته نوجوان اهڙن ساڳي مونجھارن واري زندگي پيا گذارين ڇا هو به اهڙي واٽ اختيار ڪن جنهن جي پويان هر ايندڙ پانڌيئڙي جو گناهه به سندن سر تي هجي. ڇا جو ظّاهري طور تي مشڪلن مان نڪري رهيا آهن ۽ قرباني کي قبول ڪندا منهنجي خيال ۾ ڪڏهن به نه!!!

    خودڪشي ڪندڙ ماڻهو پنهنجو پاڻ کي ان فيصلي تي مرڪوز ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجو پاڻ کي تمام ڏاهو محسوس ڪرڻ هلڪو ڦلڪو محسوس ڪندي به هڪ لذت محسوس ڪندو آهي منهنجي خيال ۾ خودڪشي ڏانهن مائل ماڻهو کي جيڪڏهن ان ذهني صليب مان صرف هڪ دفعو ڪڍيو وڃي ته شايد هو ٻيهر ان سوچ ڏانهن لاڙو نه ڪري. زندگي هزارين تڪليفن هوندي به ڏاڍي مٺي ۽ وڻندڙ ۽ موتيي جو گل آهي، سندس خوشبو ئي اسان کي اوهان کي سڀني کي اهڙن نوجوانن سان ويجھو ڪري ڇڏيو آهي.

    مان اهڙن ڪئين گمنام نوجوانن کي ائين مجبور ڪندڙ صرف ان ڏوهه جو ڏوهاري ڪوٺيندي نه صرف فرد جرم عائد ٿو ڪريان پر ان پيڙا جي آگاهي ڏيان ٿو جنهن مان هو هڪ ڏينهن ضرور گذرندا. ۽ اهو ڏينهن سندن حساب ڪتاب جو هوندو لفظ زندگي جي حاصلات جي سوچ ته ڏيئن ٿا پر پيٽ جي دوزخ لاءِ ڪارآمد ناهن. آئون اهڙن نوجوانن جي انت آڻڻ وارين هڪ ڪالمي سرخين کي ڏسي روئيندو آهيان. مان بزدل ناهيان پر جئين ته اڄ جا نوجوان صحافي پنهنجي صلاحتين سان ڏونگر جھڙين نام نهاد ملڪ دشمن وڏيرن ۽ مسڪينن کي لتاڙيندڙ جابر سرمائيدارن جي ڪرتوتن کي وائکو ڪندي انهن جي ڪارنامن کي اخبارن ۾ شهه سرخين ۽ باڪس ۾ شايع ڪرائيندا آهن ۽ جڏهن ڪنهن حادثي يا طبعي موت ذريعي ڪو صحافي مري ٿو ته انهي جي نيوز فقط هڪ ڪالمي سرخي ۾ شايع ٿئي ٿي. عام طرح اهو رڳو سنڌي صحافين سان ٿئي ٿو ۽ ٿي رهيو آهي ائين ڇو؟

    هاڻ ائين نه ٿيئڻ گھرجي سنڌي صحافين سان گڏ تمام انساني متاع ۽ بقا جي قيمت اسان کي وڌائڻي پوندي هاڻي هڪ ڪالمي سرخي اعلانيه خودۡڪشيون صحافين ۽ نوجوانن ۽ معاشري تي نفاقن جو شڪار ماڻهن کي اهميت اسان کي ڏيڻي پوندي هاڻي اسان کي ڪارو ڪاري پلاند ۽ قبيلائي جھيڙن جي منافقتن ۽ پنهنجن کي پنهنجي هٿن سان مارڻ لوڌڻ ۽ لٽڻ ڦرڻ جو رواج ختم ڪري پنهنجي اهميت اجاگر ڪرڻي پوندي نه ته ڪٿي ايندڙ وقت ۾ اسين ان هڪ ڪالمي خبر بدران شايد روزمرهه جي واقعن وانگر عام ٿي اها خبر واري اهميت به وڃائي ويهون.
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: زندگي هڪ ڪالمي سرخي!

    بابا چانڊوڪي زندگي هڪ ڪالمي سُرخي کان سواءِ به ڪجهه آهي، جنهن جو ذڪر ادا عاجز سمون هن ڪالم ۾‌ ڪري چُڪو آهي، زندگي اُملهه آهي ته ڇو آهي ۽ زندگي چند سڪن تي وڪامي ٿي ته ڇوٿي وڪامي انهن سوالن جا جواب اسان جيڪر پنهنجي پنهنجي اندر ۾ جهاتيون پايون ته هر سوال جو جواب آرام سان ڏئي سگهجي ٿو، زندگي جنت نما بڻبي ته اسان جي ڪري ۽ زندگي جهنم بڻي ته اسان جي ئي ڪري، ٻي دنيا جي ڪا ٻي مخلوق اهو سڀ ناهي ڪندي پر اسان جيڪي خود کي اشرف المخلوقات جا لقب ڏيندا آهيون، وحشي درندن جيان پنهنجي زندگي، پنهنجي ئي ٺوڪرن ۾ آڻي بقول ادا عاجز سمون جي ته زندگيءَ کي هڪ ڪالمي سُرخي بنائي ڇڏيندا آهيون۔ هتي ڪئين اهڙا ماڻهون آهن جيڪي هن حيات واري نظام کي خوبصورت کان خوبصورت بنائڻ جا جتن ڪري رهيا آهن ۽‌هتي ئي ڪئين اهڙا به شيطان جا پوڄاري آهن جيڪي هن الله سائين جي ڏنل خوبصورت تحفي زندگيءَ کي دهشتي گردن جي حوالي ڪري جيون جي ميٺ ۽‌ محبت سان کڙي ڪيل نظام جي بنيادن کي کوکلو ڪري هنڀوڇيون هڻي رهيا آهن۔ جيڪڏهن اسان چاهيون ته زندگي کي ڪومل احساسن جو نالو ڏئي محبتون ۽ پيار عام ڪري سگهون ٿا ۽ اسان ئي جيڪڏهن چاهيون ته زندگي کي ٽوهه جيان ڪڙي، ٿوهر جيان ڪنڍي دار بنائي نفرتن ۽ دشمنين جي پوکي بنائي سگهون ٿا۔ بهرحال زندگي هڪ اهڙا جوا آهي، جنهن ۾‌ 99 فيصد جيت ئي جيت آهي پر صرف هڪ في صد زندگي هار ثابت ٿيندي آهي ۽ اها هڪ في صد هار اهڙي ته خطرناڪ ثابت ٿيندي آهي جو 99 في صد جيت جي مليا ميٽ ڪري ڇڏيندي آهي۔ بهرحال چانڊوڪي توهان ادا عاجز جو هي ڪالم هتي ونڊ ڪري صحيح معنا ۾ توهان چنڊ جي چانڊوڪي ٿيڻ جو ثبوت ڏنو آهي ۔ الله سائين چانڊوڪي بابا جو حامي۽ ناصر
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,887
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: زندگي هڪ ڪالمي سرخي!

    عاجز سمي صاحب جو هي ليک اکيون کوليندڙ آهي ۽ معاشري جي عڪاسي ڪندڙ آهي، جيئن ڪجهه ڏينهن پهريان منهنجي ڌرم پتني محترمه نسيم حيدري هي نظم ونڊ ڪيو هو، جنهن ۾ پڻ اڄ جي معاشري جي عڪسبندي ٿيل آهي؛

    ڌرتي امن جي

    بيواه ٿيون عورتون، يتيم ٿيا ٻار
    ڌرتي امن جي
    ڪاهي آيا ديس تي، ڪاريهر هزار
    ڌرتي امن جي
    نالي جهاد جي الله اڪبر، سسي ڌڙ کان ڌار
    ڌرتي امن جي
    بم ڦاٽو ٿيو روڄ راڙو، وچ بازار
    ڌرتي امن جي
    عبادتگاهون بڻيون مقتل گاهون، مسجد ٿيا مسمار
    ڌرتي امن جي
    وحشت ڇانيل، خوفزده سارو سنسار
    ڌرتي امن جي
    مذهب جي نانوَ تي، آهي سارو تڪرار
    ڌرتي امن جي
    نه خود شناسي، نه خدا شناسي، هر ماڻهون آ بيڪار،
    ڌرتي امن جي
    زندگي فسانو، هر ماڻهون آ ڪهاڻيءَ ڪردار
    ڌرتي امن جي
    لڳي آ ڪجهه هوا اهڙي، ٿيو ماڻهون، ماڻهونءَ مان بيزار
    ڌرتي امن جي
    سچ جي ڳالهه ڪوئي ڪيئن ڪري، مٿان تيغ ترار،
    ڌرتي امن جي
    ماحول دونهاٽيل، هر انسان آ ذهني بيمار،
    ڌرتي امن جي
    ”نسيم“ هر پاسي، انسانيت آ اشڪبار
    ڌرتي امن جي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو