او مــلان او مــفــتي ڪــا فـــتوا ڏيــو ؛ خدا مونکي اضحيٰ کان آجو ڪيو ، ڪُـٺا ها امــيرن ڪيــئي.جانور ، مگر کل منهنجي کي لاٿو ويو . اوهــــان کـــي فـــڪر آهِ فــردوس جـــو ، مگر مونکي ماني ۽ پاڻي، اجهو ڏيو . اوهان جي ڪُهو ٿا جيڪي جانور ، انـــهــــن ۾ آ ڪـــثــرت دنـــبـــا ۽ ٻـــڪر ، اوهان جو سڄو بار کڻندا اهي ؟ خــدارا انهــيءَ تــي ذرا سوچــيو ! جــو مســڪــين ، لاچـــار ، مفـــلــس ٿيو ، خدا جنهن کي اضحيٰ کان آجو ڪيو. انهن لاءَ ڀي ڪا ســواري ڏســيـــو ، يا تن جي لٿل کل واپس ڪريو .!
واه جو وقتائتو راڳ ڳايو اٿئي .مون کي ته محسوس ٿي رهيو آهي ته ، ڄڻ خلق خدا الله جي رضامندي حاصل ڪرڻ بدران نمود ۽ نمائش ۽ پنهنجي پاڙي وارن تي رعب ويهارڻ جي لاءِ دهل ۽ شرنايون وڄرائي قرباني ڪرڻ جا عادي ٿي ويا آهن . ٻهراڙيءَ ۾ لکين انسان اهڙا به رهن ٿا ،جن کي قربانيءَ جو گوشت ته ٺهيو پڙ پاوا ۽ اوجهري به نصيب نه ٿي ٿئي .اسان جي قوت خريد ايتري ڪاٿي جو قرباني۽ لاءِ ايترا مهانگا جانور خريد ڪري سگهون .
جيڪڏهن شاعري سمجهجهي ته شاعري جي ٽنگون ٽوڙيون ويون آهن ، اکري مهري جهڙا قافه هڪٻئي سان ملائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ، باقي رهيو مسئلو اضحي جي قرباني جو اهو هڪ ديني شعار آهي ، جنهن سان نه صرف ملڪي معيشت مستحڪم ٿئي ته بلڪه ڪئين ويلفيئر ادارن ۽ لامحدود غريبن کي فائدو پهچي ٿو ، اسين عجيب قوم آهيون جنهن کي صرف بي جا تنقيد ڪرڻ اچي ٿي . باقي دين ۾ ڪنهن به غربب تي قرباني فرض نه ڪئي بلڪه انهن جي مدد ڪرڻ جو حڪم ڪيو ويو آهي ۽ جيڪڏهن پاڻ قرباني ڪرڻ جي همت ناهي ته ٻين جي قربانين کي نمود و نمائش جو نالو ڏيڻ به هڪ منفي سوچ آهي .