• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

“لٿل کل واپس ڪريو“ “لياقت ابڙو“

او مــلان او مــفــتي ڪــا فـــتوا ڏيــو ؛
خدا مونکي اضحيٰ کان آجو ڪيو ،

ڪُـٺا ها امــيرن ڪيــئي.جانور ،
مگر کل منهنجي کي لاٿو ويو .

اوهــــان کـــي فـــڪر آهِ فــردوس جـــو ،
مگر مونکي ماني ۽ پاڻي، اجهو ڏيو .

اوهان جي ڪُهو ٿا جيڪي جانور ،
انـــهــــن ۾ آ ڪـــثــرت دنـــبـــا ۽ ٻـــڪر ،

اوهان جو سڄو بار کڻندا اهي ؟
خــدارا انهــيءَ تــي ذرا سوچــيو !

جــو مســڪــين ، لاچـــار ، مفـــلــس ٿيو ،
خدا جنهن کي اضحيٰ کان آجو ڪيو.

انهن لاءَ ڀي ڪا ســواري ڏســيـــو ،
يا تن جي لٿل کل واپس ڪريو .!
 
واه جو وقتائتو راڳ ڳايو اٿئي .مون کي ته محسوس ٿي رهيو آهي ته ، ڄڻ خلق خدا الله جي رضامندي حاصل ڪرڻ بدران نمود ۽ نمائش ۽ پنهنجي پاڙي وارن تي رعب ويهارڻ جي لاءِ دهل ۽ شرنايون وڄرائي قرباني ڪرڻ جا عادي ٿي ويا آهن . ٻهراڙيءَ ۾ لکين انسان اهڙا به رهن ٿا ،جن کي قربانيءَ جو گوشت ته ٺهيو پڙ پاوا ۽ اوجهري به نصيب نه ٿي ٿئي .اسان جي قوت خريد ايتري ڪاٿي جو قرباني۽ لاءِ ايترا مهانگا جانور خريد ڪري سگهون .
 
جيڪڏهن شاعري سمجهجهي ته شاعري جي ٽنگون ٽوڙيون ويون آهن ، اکري مهري جهڙا قافه هڪٻئي سان ملائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ، باقي رهيو مسئلو اضحي جي قرباني جو اهو هڪ ديني شعار آهي ، جنهن سان نه صرف ملڪي معيشت مستحڪم ٿئي ته بلڪه ڪئين ويلفيئر ادارن ۽ لامحدود غريبن کي فائدو پهچي ٿو ، اسين عجيب قوم آهيون جنهن کي صرف بي جا تنقيد ڪرڻ اچي ٿي . باقي دين ۾ ڪنهن به غربب تي قرباني فرض نه ڪئي بلڪه انهن جي مدد ڪرڻ جو حڪم ڪيو ويو آهي ۽ جيڪڏهن پاڻ قرباني ڪرڻ جي همت ناهي ته ٻين جي قربانين کي نمود و نمائش جو نالو ڏيڻ به هڪ منفي سوچ آهي .
 
Back
Top