عبدالرحيم گجراڻي
سينيئر رڪن
غمن ۾ مسڪرائي وٺ مري ويندين
لبن سان جام لائي وٺ مري ويندين
فقيرن ساڻ رکندين بغض ڇا ملندئي
مٺا محبت ونڊائي وٺ مري ويندين
هتي حورون ڏسي غلمان دل خوش ڪر
پريمي پيچ پائي وٺ مري ويندين
سدائين سونهن وارن سان سهيڙيل ره
چمي، ڀاڪر ڪمائي وٺ مري ويندين
اڙي توکان سوا ٻيو ڪير ڪونهي ڪو
اناالحق گيت ڳائي وٺ مري ويندين
لبن سان جام لائي وٺ مري ويندين
فقيرن ساڻ رکندين بغض ڇا ملندئي
مٺا محبت ونڊائي وٺ مري ويندين
هتي حورون ڏسي غلمان دل خوش ڪر
پريمي پيچ پائي وٺ مري ويندين
سدائين سونهن وارن سان سهيڙيل ره
چمي، ڀاڪر ڪمائي وٺ مري ويندين
اڙي توکان سوا ٻيو ڪير ڪونهي ڪو
اناالحق گيت ڳائي وٺ مري ويندين