سنڌ وارا اٿو جي جيار اٿو

'سنڌي شاعري' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏5 آڪٽوبر 2014۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    ڪافي

    سنڌ وارا اٿو جيءَ جيارا اٿو
    منهنجا پيارا اٿو پريت وارا اٿو

    هو نڌورو ٿيو، آهي، نيت پليت
    دوکو سنڌ سان ڪري، دشمنن واري ريت
    هاڻي موت ڏيون، هن کي مارا ،اٿو
    سنڌ وارا اٿو جيءَ جيارا اٿو.....

    راه رلجي ويو آهي ڀلجي ويو
    هن جو هاڻي هتي سج ڍلجي ويو
    هن قدورت ڪئي ،سوچي سارا اٿو
    سنڌ وارا اٿو نينهن وارا اٿو......

    مان وارو هي ملڪ سنڌ صدين کان آ
    جنهن جي ٻولي مٺي ٻين سڀن کان آ
    دودا دوله اٿو سڀ دلارا اٿو...
    سنڌ وارا اٿو نينهن وارا اٿو....
    منهنجا پيارا اٿو پريت وارا اٿو....
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو