• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جي سياست جا رخ

دوستن کي وري به عرض گذارش ته ....سنڌ جي اشوز کي مد نظر رکي سياست ڪرڻ جو وقت آ نه ڪي شخصيتن جي اڀار کي ڏسڻو آ .....
سنڌ ،سنڌي ماڻهو ،سنڌي ٻولي سنڌ جا وسيلا هي آ سنڌ لاءِ چيلينجز جن کي ذهن ۾ هر سنڌي کي رکڻو آ پو اهو ڪو وڏو سياستدان آ يا عام ماڻهو ...
بي جا ڪنهن به سنڌ جي شخصيت جي تنقيد نه ڪريو ...اهو ڏسو ته ان ڪو سنڌ لاءِ چڱو ڪم ڪيو آ ته سر اکين تي جي نه ته ان کي اڪسايو ته هو سنڌ لاءِ سوچي ،سنڌ سان دوکو نه ڪري...جي ڪندو ته ان کي سنڌي عوام پاڻ ئي ڌڪاري ڇڏيندو ...
ڪله جي ڪنهن سبب سنڌ لاءِ ڪو نقصان ڏيندڙ سوچ ۾ رهيو ته ان کي اهڙي موٽ ملي ...پر جي ساڳيو وري سنڌ لاءِ حٻالوطني جي جذبي ۾ قومي اسيمبلي جي فلور تان سنڌ جي ڳاله ڪري ٿو غير سنڌي کي للڪاري ٿو ته هي سنڌ لاءِ وقت جي ضرورت آهي ۽ سنڌي ماڻهو ان کي عزت آبرو مان شان ڏي ٿو ...اسان جو محور جڏهن سنڌ ڌرتي سنڌي ماڻهو ،سنڌ جا وسيلا ،۽ سنڌي ٻولي رهندي ته هوند ڪو به اختلاف نه رهندو ۽ مستقبل جي جنبش ڏيندڙ جرڪاڪائيندڙ ولولو جوش پيدا ٿيندو جيڪو سنئون سڌو سنڌ جي راه نجات آ.......
 
Back
Top