ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
استاد منظور علي خان صاحب
ٻاهر مون نه ڪيون ، گوشيء گڏيا نه سپرين
هن شهر اسان کي سنڌ جو مهان شاعر شيخ اياز صاحب پڻ ڏنو۔ ان کان علاوه هن شهر ۾ سنڌ جي عّظيم راڳي، استاد فنڪار استاد منظور علي خان صاحب جو جنم پڻ ٿيو، جنهن جو ذڪر اسان هيٺ ڪنداسين
استاد منظور علي خان صاحب ـــــ استاد منظور علي خان صاحب جا وڏا هندستان مان هجرت ڪري سنڌ جي شهر شڪارپور کي اچي وسايائون۔ استاد منظور علي خان صاحب اوڻيهه سو ڇويهه عيسوي ڌاري شڪاپور ۾ پيدا ٿيا، ۽ موسيقي جي تعليم پنهنجي والد جمال خان، ۽ پنهنجي سوٽ سينڌي خان ۽ بيبي خان وٽان حاصل ڪئي۔ استاد منظور علي خان سنڌ جو اهو فنڪار آهي، جنهن پنهنجو خوب نالو ڪمايو ۽ ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا، جن کي سنڌ جو هر سڃاڻ رکندڙ شخص سڃاڻي۔ سندس مشهور شاگردن جا نالا هي آهن، عابده پروين، استاد محمد يوسف، استاد وحيد علي خان، استاد گلزار علي خان، انور وسطڙو۔ استاد منظور علي خان صاحب جا شاه جا ڳايل ڪلام به پنهنجو مٽ پاڻ آهن، استاد شاه جو ڪلام اهڙي ريت ته ڳايو آهي جو ٻڌندڙ وجد ۾ اچيو وڃن۔سندس مشهور ڪلام جيڪي تمام گهڻا مشهور ٿيا اهي هي آهن ((((( ويندس يار مري تنهنجي درد فيراق ۾)))) ((((( ( آء ڪه ڄاڻان پنڌ ڪيچ جو ))))) (((( محبت لڏي وئي ملڪ مان ياراڻي يارن مان وئي۔ ))))) استاد منظور علي خان صاحب نائين سيپٽمبر اڻيهه سو اسي ۾ وفات ڪئي۔۔ سندس مزار ٽنڊو آدم ۾ موجود آهي۔
هت مان توهان لاء استاد منظور علي خان سان شيخ صاحب ۽ ممتاز مرزا جي ڪيل ڪچهري جون ڪجهه وڊيوز پيش ڪريان ٿو۔
http://www.youtube.com/watch?v=n8aTyOsgIB8&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=zOv2eMo2wFg&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=AB1ON6v7Uq4&feature=related