29 اپريل 2000 جي اها اڀاڳي رات جنهن سکر جهڙو جاني جدا ڪيو

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ ايم ملوڪ درس طرفان آندل موضوعَ ‏5 آڪٽوبر 2014۔

  1. ايم ملوڪ درس

    ايم ملوڪ درس
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    41
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم اوتڻ
    ماڳ:
    اڇڙو ٿر ويجهو کپرو شهر
    زندگي جي تاريخ ۾ ڪي ڪي ڏينهن ڪي ڪي واقعا ڪي ڪي معرڪا قومن جي تاريخ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪنديون آهن انهن ڏينهن انهن واقعن ۽ معرڪن سان قومن جي تاريخ قومن جي قسمت قومن جي آزادي آزاد انسانيت جي جيئڻ جا اهجاڻ نظر ايندا آهن هن سنڌ ڌرتي جي خطي تي سنڌ جا اهي عظيم kسورما دودا دلير مٿير ۽ سورهيه انسان ٿي گزريا آهن. جن ساه ڏنو ويساه نه ڏنو پنهنجي ڌرتي لوئي ۽ لڄن خاطر پنهنجي جان جو نظرانو ڏنو . اهڙن مانجهي مرد مٿير انسانن مان شهيد ڊاڪٽر سکر الدين درس سنڌ ڌرتي جو فرزند ۽ ارڏو انسان قومي شعور ۽ درد رکندڙ سماج سڌارڪ ۽ مزاحمتي سوچ رکندڙ انسان هو. جنهنجي دل انساني خدمتن واري جذبي سان سرشار هئي، جنهن جو ذهن قومي شعور سان پرنور هو جنهن جا سگهارا هٿ سماجي براين جي خاتمي لاءِ مظبوط ۽ سماج سڌاري لاءِ هميشه لاءِ ڪوشش۾ رهيا. جنهن جي قلم جي مس فرسوده رواجن جي مخالفت ۽ مزاحمت ڪندي ڪا نه کٽي، جنهن جي تخليقن ۽ ڪالمن ۾ ڌرتي جي پيار ڌرتي جي وسيلن جو تحفضات جو درس آزادي جي امنگ اتساه ملي پيو ، هن جي شخصيت هڪ غير فطري سجاوٽ ۽ سندس هڪ جذبي ۾ هڪ انوکي ۽ اعلي قسم جي پنهنجائپ ۽ همدردي هئي هن وٽ ماڻهپي فضليت جي پرچار جو هڪ لافاني فڪر هو ،انسانيت جي چيڀاٽيجڻ ۽ مضلوميت جو بي وسي جو درد ڌرتي جي آجپي جي جستجو هئي هو ڪاردگئي ڏيکاريندڙ ڪنول ۽ فعل ۾ تضاد نه رکندڙ هڪ سچو باازم ۽ همٿ ڀريو هاڪاري شخص هو سندس مقصد حيات اونده وتي سماج م سندس کليل اکيون تيز توفان ۾ نه اوجهامندر ڏيا هيون ،جو ڪجه ڪيائين هميشه مظلوم جي مدد لاءِ حاضر ڏوکويل انسانن کي سهاري جي ڀاڪرن م ڀرڻ لاءِ کلرل رهيا ،جڏهن ڌرتي جي گولي تي مدي خارج ۽ دقيانوسي رسمون محڪوم ۽ مظلوم اعاوم جي نازڪ احساسن کي ڪچلن جو ڪردادار ادا ڪنديون آهن ،تڏهن انهي اندهيري جي انتلا ڌرتي ماتا پنهنجي شفقت ڀري گود مان ڪن اهڙن مانجهين جوڌن ماڻڪ موتي غازين کي جنم ڏيندي آهي.جيڪي صرت ع ساڃاه ۽ شعور جي ڇولين جي زماني جي گردش لاءِ مقابلو بنجي منظر عام تي ايندا آهن.انهن زنده دل سنڌ جي فخر ناز پٽن مان شهيد داڪٽر غازي سکر االدين جي محنتن جي تاريخ به هڪ الڳ حيثيتٿ رکي ٿي، ڇاڪان ته هن سنڌ جي عظيم سورهيه شهيد اعظم پير صبغته الله شاه ثاني سورهيه بادشاه جي نقش قدم تي هلندي پنهنجي ڌرتي پنهنجي لڄن پنهنجي عزتن پنهنجي غيرتن پنهنجي لوئي جي حفاضت ڪارڻ مضاهمتي جنگ جو جوڌو هو،هو وطن يا ڪفن آزادي يا موت جي اصولن جو پيروڪار هو هن قالم نگار جي لکڻين م هڪ هڪ اکر ۾ بغاوت جي بوه اچڻ لڳي هو هر ويلي ستايل ۽ گهايل هوندو هو هو ته اڳ ۾ ئي نگن ۽ لاموس ته مرڻ پسند ڪندو هو هن غريب پرور انسان اسپتالن م غريب مريصن کي خون ڏنو هو ،هن هڪ شفيَ استاد جي صورت ۾ تعليم عتا ڪئي هئي، هن هڪ ڀاءٌ جي صورت ۾ آٿٿ ڏني هئي، هن غيرت جي جوت جاڳائي هئي، بيغرتي وارا موت هن کي پسند ڪئين ن هو ،تنهنڪري هي مانجهي هر جماعت جو هڪ سر ڪرده باغي سپاهي سڏبو هو هن حر جماعت لاءِ پپنهنجي قلم ذريئي مظاهمت جو مورچو سنڀاليو هو هن غازي انسان کي ڪرائي جي قاتلن وجه وٺي مٿان حملو ڪري سنڌ جي دلير پٽ ۽ حر جماعت جي سرڪرده اڳواڻ کي مان شهادت جي جام تائين ونهنجهاري ڇڏيو هن شهادت انسان ته پري پر هن وشال ڌرتي کان ڇيکون ۽ رڙيون نڪري ويون ، ۽ شعور کي چچريو ويو عقل کي ڪچليو ويو تاريخ ۽ ڪلچر کي مسخ ڪيو ويو ادب کي ماريو ويو هن جي ڪالمن کي ساڙيو ويو ڏاهپ ۽ ڏان کي جهيڪ ڏنو ويو غازي سکر الدين جي شهادت حر جماعت تي هڪ وار هو هڪ سوچل سمجهيل سازش هئي ظالمن قاتلن ۽ رهزنن کان تاريخ ضرور پلاند ڪندي شهيد غازي سکر الدين درس جو بي ڏوه خون رائگان نه ويندو اڄ اسان تي فرض ٿئي ٿو ت شهيد غازي جي تعليمي سماجي قومي ساهتا کي ڪيتري ٿا اهميت ڏيون، سشهيد غازي سکر الدين درس عوري عرصي ۾ اڀريو روشن سج جيان نروار ٿيو پنهنجا روشن ڪرڻا چمڪائي تجلا ڏئي هن ڪاري رات اماس تي مات ڏئي هليو ويو ڇاڪاڻ ته هي سنڌ دودن هي سورهين جي آهي هن ڌرتي سدائين ساوڻي رت ۾ واري جي ڀٽ مان کنڀي ڦٽندي آهي ،تئين ڪا ناري جي ڪک مان ڪنهن غازي يا دودي کي جنم ڏيندي آهي پوءِ اهو دودو ڇا بخيل جي روپ ۾ سلطنت مغليات جي خلاف بغاوت ڪندڙ باغين کي اڄ ۽ رڃ ۾ اجهائن کان وٺي ماني گهڀي

    حڪومتي ڇڙتن جي پوري خبر ڏيڻ تائين هجي ، يا مظلومن جي حقن لاءِ وڙهندڙ روپلي ڪولهي جي روپ ۾هجي ، وقت جي ظالم لحمن جون صختيون صحبتون صحندڙ دودا ڪڏهن مخدوم بلاول جيان گهاني م پيرهيا وڄن ٿا ت ڪڏهن هيمو ڪالاني جيان بي موت ماريا وڃنن ٿا ،ن وڃن وهي م وڃن تي هيمو جا اباڻا سکر کي به شهر خمو شان سڏين ٿا .پر هي دودن جي ڌرتي وقت جي هر هلاڪو خلاف ڪونڪو دودو ٻيو نه ته صدقي طوو ڏئي ڇڏيندي آهي، هتي ڏاڌ ڏهڪاءِ جي ڏيه ۾ نه ڃاڻ ڪيترا بي ڪفن ۽ ڪهاڙين جا چچريل ۽ ڪلاشن جي گولين جي پرڻ ٿيل لاش به هر درمند انسان کان سول ڪن ٿا ،

    گجهيون ڳاڙهي واه مون لمندي ڏٺيون

    جيڪي مانجهي ماريا تن کي رڻ ۾ پئي رات

    پڪارون ۽ پرڀات ٻڌم ٻانهيارن جون

    مگر افسوس اهو آهي ت اسين اڃا غازي سکر الدين شهيد جي بي وقتي قتل ٿين تي اهو ڪجه ب ن ڪري سگهيا آهيون جيترو ڪجه شهيد اسان لاءِ ڪندو هو هي هيڏو سارو وڏو سانجهو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو