ھڪ سچو جھونو قومي ڪارڪن شھيد ڪامريڊ حسن سمون

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ امتياز سمون طرفان آندل موضوعَ ‏5 آڪٽوبر 2014۔

  1. امتياز سمون

    امتياز سمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2010
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    12
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    غيرسرڪاري نوڪري
    ماڳ:
    راڄونظاماڻي جهرڪ ضلعو ٺٽو
    [​IMG]
    20 سيپٽمبر2014 تي صبح جي وقت ناشتو ڪري رھيو ھوس ته ايس ٽي پي ضلع صدر غياث ميمڻ جي فون آئي ته ڪامريڊ حسن سمون کي شھيد ڪيو ويو آھي سچ پڇو يقين نه آيو پئي ور ور ڏئي پڇم ته سائين ڇا پيا چئو،،،،،،،،،،،،
    اھڙي ڪيفيت طاري ٿي وئي جو ڪنھن کي اطلاع ڏيان ڪنھن جو نمبر ملايا ڇا ايس ايم ايس ڪريان ڪجھ سمجھ ۾ نه پئي آيو ان وقت گھاري جي دوست ممتاز لاشاري جو فون به آيو جنھن سان پڻ صحيح نموني ڳالھائي نه سگ...ھيس بس ايترو ٻڌايم ته ھا ڪامريڊ قتل ٿي ويو آھي
    ڪامريڊ حسن سمون سان منھنجي پھرين ملاقات 1989 ۾ ٿي ڪامريڊ حسن سمون ھڪ نظرياتي سياسي علم فڪر رکندڙ سنڏ سان بي انتھا محبت ڪندڙ فرد ھو سندس ڪڇھڙي فون تي ھجي يا روبرو ھجي سندس موضوع صرف سنڌ سنڌ مٿا ڇانيل غلامي جا ڪڪر، انقلاب انقلابي تنظيم ھوندو ھو. انتھائي سادو سٻاجھو بي انتھا لفظن ٺيٺ سنڌي لفظن جو وٽس ذخيرو ھوندو. سندس جنم 1955 ۾ ٺٽي شھر جي ڀرسان برانچ موري ڳوٺ ۾ ٿيو 2 سالن جي عمر ۾ سندس والد وفات ڪري ويو پاڻ 5 ڪلاس گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول تاج محمد سومرو مان پاس ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ نه پڙھي سگھيو پر ڪڏھن ڪنھن به دوست اھو محسوس نه ڪيو ته ڪامريڊ حسن سمون ففط پنج ڪلاس پاس ھوندو ڇو ته ھو جڏھن به ڳالھائيندو ھو يا بحث ڪندو ھو يا ليڪچر ڏيندو ھو ته ھر ٻڌندڙ کي محسوس ٿيندو ھو سندس ٺيڪ ٺاڪ تعليم ھوندي سندس لکيل مضمون سندس ليڪچر ڪڏھن محسوس نه ڪرائيندو ھو ته سندس تعليم ايتري مختصر ھوندي. ڪامريد حسن سمون فلسفي کي ڪافي پڙھيو ھو سندس ھر بحث دليل سان ھوندو ھو سندس بحث ۾ ايترا پختا دليل ھوندا ھئا جو ڪير کيس مات نه ڏئي سگھندو ھو.
    ڪامريڊ حسن سمون جي سياست جي شروعات سنڌ دوست انقلابي پارٽي سان ٿي اڳتي ھلي وطن دوست انقلابي پارٽي کان پوءِ ڪامريڊ حسن سمون موجوده سنڌ ترقي پسند پارٽي جيڪا شروع ۾ جئي سنڌ ترقي پسند محاذ جي نالي سان جئي سنڌ جو گروپ ھوندي ھئي ان ۾ شامل ٿيو ، ڊاڪٽرقادر مگسي جي جيل واري وقت دوران ڪامريڊ حسن سمون جئي سنڌ ترقي پسند محاذ جي جو مرڪزي نائب صدر ھو، جڏھن ان وقت ڊاڪٽر دودو مھير ي جيل ۾ ويو ته ڪامريڊ حسن سمون ان جو قائم مقام صدر رھيو، جنھن کان پوءِ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي حثيت ۾ اچن کان پوءِ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جو ميمبر، مرڪزي جوائينٽ سيڪريٽري پڻ رھيو. ڪامريڊحسن سمون علي حسن چانڊيو سان گڏ سنڌ ترقي پسند پارٽي کان جدا ٿيڻ کان پوءِ سنڌ نيشنل موومينٽ ٺاھي جنھن جو پاڻ مرڪزي جنرل سيڪريٽري رھيو اڳتي ھلي قومي عوامي تحريڪ ۾ شموليت اختيار ڪيائين پر سندس چوڻ مطابق کيس قومي عوامي تحريڪ ۾ وڏا اختلاف نظر آيا سندن نظرياتي لائين سان اختلاف رکندي وري واپس ٻيھر سنڌ ترقي پسند پارٽي ۾ شامل ٿيو جتي پاڻ آخري وقت تائين مرڪزي سينٽرل ڪميٽي جو ميمبر ۽ مرڪزي نظرياتي شعبي جو سربراه رھيو.
    سندس لکڻ پڙھڻ سان تمام گھڻي دل ھئي ، سندس مختلف اخبارن رسالن ۾ مضمون پڻ شايع ٿيا. ڪيترو وقت سنڌ ترقي پسند پارٽي جو ترجمان رسالو انقلابي واٽ پڻ سندس نگراني ۾ نڪرندو رھيو، ڪامريڊ حسن سمون جا ھن وقت ڪيترائي ڇيپيل اڻ ڇپيل مضمون موجود آھن جيڪي سمورا فڪري بحث جديد سائنسي بنيادن ۽ دليلن سان بحث ۾ شامل آھن. [​IMG]
    ڪامريڊ حسن سمون جتي سياسي فڪر نظرياتي قومي ڪارڪن ھو دوستن مٿان پنھنجو سڀ ڪجھ قربان ڪرڻ جي لاءِ تيار ھوندو ھو. ھي سدائين ھر ماڻھو کي منھن تي سڇ ڇئي ڏيندو ھو. ڪنھن غريب ھٺين ڪلاس جي ماڻھو ظلم بربريت ڪڏھن برداشت نه ڪندو ڪھڙو به جاگيردار وڏيرو طاقتو ڪامورو ھجي پر ان کي سچ منھن تي چئي ڏيندو ھو سندس ظلم بربريت خلاف سراپا احتجاج بنجي مظلوم جو ساٿاري ٿيندو ھو. اھوئي سبب ھو جو کيس ھر ترقي پسند سوچ رکندڙ ماڻھو عزت احترام سان ڏسندو ھو جڏھن سال اڳ مقامي وڏيري مٿس ڪلاشنڪوف جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو ته ٺٽي ڪورٽ جي 46 وڪيلن سندس وڪالت نامي تي صحيحون ڪيون ته اسان ڪامريڊ جو ڪيس وڙھنداسين. مقامي وڏيرن جي اک ۾ ڪنڊو بڻيل ڪامريڊ حسن سمون کي نيٺ انھن رھزنن شھيد فاضل راھو جيان شھيد ڪرائي ڇڏيو ، ڪامريڊ حسن سمون جي شھادت سان نه صرف ايس ٽي پي پر سڄي سنڌ ھڪ سچي جھوني قومي ڪارڪن سان محروم ٿي وئي آھي ڪامريڊ حسن سمون جسماني طور ته جدا ٿي ويو پر سندس ڏنل سياسي تعليم سان سندس وڏو انگ شاگردن جو موجود آھي اميد آھي ته اھي شاگرد سندس خوابن کي ضرور ساڀيان تائين پھچائيندا. جيڪو ھن ھڪ خوشحال آزاد باوقار سنڌ جو خواب ڏٺو ھو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو