• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪهڙيون عيدون ڪهڙا ميلا:اسحاق تونيو

ڪهڙيون عيدون ڪهڙا ميلا

وانگي ڪاٽن بک جا ويلا

سڀڪو سور پيو سانڍيون سانڍي

ڪوئي ماسا ڪوئي تولا



دين ڌرم جو دوکو ڏئي هو

روز اچن پيا ٽوليون ٽولا

شهر بحر تي قبضا ٿي ويا

ڦرجي ويا سڀ ٻنيون ٻيلا



ڀنگي بشني ليڊر چونڊي

چئون پيا مولائن جو مولا

پاڻ وڃائي ويٺا آهيون

سنڌو سمڊ ۽ سڀ وسيلا



سکڻيون ڀڀڪيون سکڻا نعرا

روز ٻڌون نئين واويلا

جي ڪرڻو ٿي اُٿ ڪر اسحاق

راهه ۽ رستي جي ڪا ڳولا
 
Back
Top