محمد خان سيال
سينيئر رڪن
شهيد غزالا بتول صديقيءَ جو ڪجھه دوستن مختلف پوسٽنگس ۾ ذڪر ڪيو آهي ـ شهيد غزالا مون سان گڏ پبلڪ افيئرز ڊپارٽمنٽ، پي آءِ اي هيڊآفيس، ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪيو آهي ـ شهادت کان هڪ ٻه ڏينهن اڳ منهنجي سندس آفيس ۾ اٽڪل ٽي ڪلاڪ ملاقات ٿي پر هن انهيءَ جلوس جنهن جو اڳواڻ اياز لطيف پليجو هو (قومي عوامي تحريڪ جو سربراهه) تنهن ۾ شريڪ ٿيڻ جو مون سان ذڪر ڪونه ڪيو ـ هوءَ گھڻو وقت مون کي پنهنجون گھرو ڳالهيون ٻڌائيندي رهي، پنهنجي شاديءَ کان وٺي پنهنجي نوجوان پُٽ جي فضول خرچيءَ تائين ـ جيڪڏهن هو مون سان انهيءَ جلوس ۾ شريڪ ٿيڻ جو ذڪر ڪري ها ته مان پڪ سان کيس ائين ڪرڻ کان جھليان ها، شايد اهو ئي سبب هو جو هن مون سان ذڪر ڪونه ڪيو ـ
بهرحال، منهنجي مخالفت ڪرڻ جا ٻه ـ ٽي سبب هجن ها ـ هڪ ته هو پي آءِ اي (بچاءَ واري وزارت) جي آفيسرياڻي هئي جنهن ڪري کيس ڪنهن جلوس ۾ قانوني طور وڃڻ نه کپندو هو ـ سندس شهادت کانپوءِ ميڊيا ۾ جلوس جي شرڪت جون خبرون اچڻ سبب معاوضي ملڻ ۾ ڪجھه مسئلو ٿيو تنهن ڪري اها سمجھاڻي ڏيڻي پئي هئي ته هو لياري وڃي رهي ۽ ٻن ڌرين جي جھيڙي دوران ڇڏائڻ لاءِ بيٺي ته کيس گولي لڳي ـ
ٻي ڳالهه ته انهيءَ جلوس ۾ بندش پيل پيپلز امن ڪاميٽي (اصل بلوچ گينگ وار) جا تڪراري نمائندا اڳواٽ اعلان ڪري شامل ڪيا ويا هئا سو هنگامو ته هر صورت ۾ ٿيڻو هو ڇاڪاڻ ته اهو جلوس نازڪ صورتحال واري علائقي کان لنگھڻو هو ـ
ٽيون ته سال 1972 ۾ ٻوليءَ جي هنگامن دوران ساڳي علائقي ۾ سنڌين جي جلوس تي سروٽا ۽ پٿر اڇلايا ويا هئا ـ اهو علائقو سنڌين لاءِ جلوس ڪڍڻ واسطي مناسب نه هو ـ
جيڪڏهن ڪو مون کان صلاح وٺي ها ته مان کيس سڌي ريت پريس ڪلب تي گڏجاڻي ڪرڻ جي صلاح ڏيان ها ۽ انهيءَ تڪراري علائقي مان جلوس جي لنگھڻ جي هرگز صلاح نه ڏيان ها ـ
سچ پڇو ته پنهنجي آخري ملاقات دوران مون ادي غزالا بتول صديقيءَ جي منهن تي پهريون ڀيرو غيرمعمولي رونق ڏٺي ۽ ائين لڳي رهيو هو ته سندس چهرو نور وچان چمڪي رهيو هجي جنهن تي مان پاڻ به حيران هئس پر انهيءَ موضوع تي ساڻس ڳالهائڻ مناسب ڪونه سمجھيم ـ