محمد خان سيال
سينيئر رڪن
ذات پات جي بنياد تي پاڻ کي پڏائڻ تباهيءَ جي نشاني آهي ـ قران شريف ۾ به لکيل آهي ته ذاتيون ۽ قبيلا سڃاڻپ لاءِ ٺاهيا ويا آهن ـ بهرحال، انهن تي فخر ڪرڻ ۽ ٻين کي گھٽ سمجھڻ سنڌ لاءِ ڪينسر وانگيان آهي ـ مون انهيءَ مسئلي ته اڳ به گھڻو لکيو آهي پر انهيءَ ناسُور کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪنهن وڏي تحريڪ جي ضرورت آهي ـ دوستن کي اپيل ڪجي ٿي ته ذات پات جي بنياد تي ٺهندڙ تنظيمن ۾ شريڪ نه ٿين ۽ جيڪي انهن جا اڳ ئي ميمبر آهن، سي انهن کان لاتعلقي ڏيکارين ـ