ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پاران تمغو امتياز حاصل ڪندڙ سنڌ جي فنڪارن کي خراج تحسين پيش

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏14 مئي 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو السلام عليڪم جيئي سنڌ ، گُذريل هفتي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پاران تمغو امتياز حاصل ڪندڙ سنڌ جي ٻن فنڪارن طبلي نواز اُستاد نذير خان ۽ الغوزي نواز اڪبر خميسو خان کي پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ خدمت ڪرڻ عيوض خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ان سان هڪ شام ملهائي وئي، هي خوبصورت تقريب ريڊيو پاڪستان جي وشال اڱڻ تي ٿي، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پاران باقائده سنڌ سلامت جو نالو وٺي اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو ويو ۽ لائيو www.sindhsalamat.com جا هن خوبصورت تقريب جي فوٽي گرافي ڪرڻ تي ٿورا مڃيا ويا، ۽ اهي رمارڪس حيدرآباد ۽ ڀر پاسي جي علائقي جي ماڻهن ٻُڌا جيڪي اڃان تائين ريڊيو ٻُڌڻ جا شوقين آهن. جيئن ته مان ۽ اداعبدالغفور سمون هن تقريب ۾ مهمان جي حيثيت سان پڻ شريڪ ٿياسين ان ڪري هن تقريب جو اکين ڏٺو احوال تصويري صورت ۾ اسان ٻنهي جي مشترڪا پيش ڪش آهي.
    پيش آهن ان تقريب جون تصويرون​


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پاران تمغو امتياز حاصل ڪندڙ سنڌ جي فنڪارن کي خراج تحسين

    ڪجهه تصويرون ٻيون به آهن​


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  3. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    جواب: ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پاران تمغو امتياز حاصل ڪندڙ سنڌ جي فنڪارن کي خراج تحسين

    استاد سائين!ٰ
    ريڊيو پاڪستان جا اهڙا ڪم ڏسي، اسان کي به ريڊيو وارا اُهي ڏينهن ياد اچي ويا. جڏهن پاڻ ريڊيو پاڪستان خيرپور جي اسٽوڊيو نمبر 4 کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ وقت گذارياسين. اهي ڏينهن جيڪو صبح جو 6 بجه ٽرانسميشن آپريٽ ڪرڻ جي لاءِ لقمان کان خيرپور ويندا هئاسين. بس سائين لڳي ٿو اسان جي زندگي به انڊين فلم سلم ڊاگ ڪروڙپتيءَ جهڙي آهي. جنهن ۾ هر هڪ ڏينهن سان ڪا نه ڪا ماضيءَ جي ياد جڙيل آهي. ريڊيو پاڪستان خيرپور کي 2 جون 2007 ۾ ڪمپيوٽرائيز ڪيو ويو هو ۽ الله جي فضل سان اهو ڪم مون سائين مختيار ملڪ جي نظرداريءَ هيٺ ڪيو هو، ڪمپيوٽر اسٽوڊيو جو افتتاح سائين جاويد شاه جيلانيءَ ڪيو هو.

    بس سا.ئين اهي ڏينهن ياد ڪري جيءُ جُهڙي ٿو پوي.
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پاران تمغو امتياز حاصل ڪندڙ سنڌ جي فنڪارن کي خراج تحسين

    شڪر آهي ته اسين هاڻ پنهنجن فنڪارن کي جيئري جاڳندي ئي خراج تحسين پيش ڪرڻ جهڙا ڪم ڪري رهيا آهيون ۔۔۔ جنهن سان ٻين نون اڀرندڙ فنڪارن کي پڻ اتساهه ملندو ۽ هو به فني دنيا ۾ اڳتي ايندا ۔۔۔

    ٿورائتا آهيون ادي نثار ناز جا، جو هو اهڙيون محفلون سنڌ سلامت جي دوستن سان ونڊ ڪندو رهي ٿو ۽ سنڌ سلامت کي ميڊيا جي اڱڻ تي روشناس ڪندو رهي ٿو ۔۔۔
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پاران تمغو امتياز حاصل ڪندڙ سنڌ جي فنڪارن کي خراج تحسين

    سائين ڳالهه دل کي وڻي ۽ مان به سائين نثار ابڙي وارا الفاظ ورجائيندس ته اهيو شڪر آ جو هاڻي ريڊيو وارا فنڪارن جو جيئري قدر ڪن ٿا، ادا اڄ کان تقريبن ٻارنهن ، تيرهن سال پهرين مان ريڊيو تمام گهڻو ٻڌندو هئس، ۽ ريڊيو جي پروگرامن ۾ خط لکي حصو پڻ وٺندو هئس، خاص ڪري دادو ۾ ريڊيو خيرپور تمام گهڻو ٻڌو ويندو هو، جنهن ۾ دادو جي هڪ ننڍڙي شهر ڦلجي جو مشهور ڊاڪٽر قربان علي جهتيال صاحب تمام گهڻو حصو وٺندو هو،۽ پوءڊاڪٽر صاحب هڪ رسالو ريڊيو پبلڪيشن پڻ ڪڍيو هو، جنهن جو مان به نمائندو هئس، ۽ مون کي توهان جي اهيا پوسٽنگ ڏسي اهي ڏينهن ياد اچي ويا، ڇا ته ڏينهن هئا، پنهنجو صرف نالو ريڊيو تي ٻڌي ۽ خوشيء ۾ نه ماپندا هئاسين.
    سائين اڪبر خميسو خان اسان جي سنڌ جو مشهور الغوزه نواز مڃيو ويندو آهي، سندس والد خميسو خان پڻ هڪ وڏو الغوزي نواز هو هت مان خميسو خان ۽ سندس پٽ اڪبر خميسو خان جون ڪجهه وڊيوز پڻ لڳايان ٿو اميد ته پسند اينديون.
    مطلب ته سائين توهان جي پوسٽنگ پسند آئي. واه واه ڇا ڳالهه ڪجي.

    http://www.youtube.com/watch?v=SC4kHttObwE&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=LB8T-r0_SrU
    http://www.youtube.com/watch?v=DOKp5DIQ3l8
    http://www.youtube.com/watch?v=KFMhXRNUUJU&feature=channel
    http://www.youtube.com/watch?v=qcURJmVDL-8&feature=related
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پاران تمغو امتياز حاصل ڪندڙ سنڌ جي فنڪارن کي خراج تحسين

    ڀائو رنجيت منهنجا سائين سنڌي ٽوپي وارا، ريڊيو پاڪستان ڀلي اسان کڻي وساري ڇڏيوآهي پر سنڌ جا ڪافي ماڻهو ريڊيو تمام گهڻي شوق سان ٻُڌندا آهن، هن تصويرن ۾ اڪبر خميسو کان علاوه طبلي نواز نذير جو فرزند ريڊيو پاڪستان جا ٻه اهم ترين سنڌي آفيسر ادا نصير مرزا ۽ سائين عنايت بلوچ نمايان آهن
    لک لائق جو توهان هن پوسٽ جو مشاهدو ڪري پنهنجا ڪامينٽس ڏنا
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پاران تمغو امتياز حاصل ڪندڙ سنڌ جي فنڪارن کي خراج تحسين

    ادا نثار ابڙا ڪافي ڏينهن کان پو ڪو خالص ادبي پروگرام مونکي ڏسڻ‌ لا مليو اهو اهو ئي پروگرام هو، هن پروگرام جا شاندار وڊيو پڻ ڀريا هُئاسين جيڪي توهان سڀني دوستن سان ونڊ ڪريان ها سنڌ سلامت جي اسٽوڊيو تان پر منهنجي معمولي غلطي جي ڪري اهي ڊيليٽ ٿي ويا، ادا رشيد سمون جي مهربانين سان اهي ڊيٽا رڪوري واري پروگرام تحت وري حاصل به ڪياسين پر ڪرپٽ حالت ۾ مليا دوست اهي وڊيو افسوس پنهنجي رڪارڊ طور به نه رکي سگهيس۔ مٺا آئون پڻ توهان سڀني دوستن جو ٿورائتو آهيان جو مون ۽ ادا عبدالغفور سمون جي هنن مسڪين غريباڻي ڪاوشن تي تمام بهترين نموني پنهنجا رايا ڏيندا آهيو۔
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پاران تمغو امتياز حاصل ڪندڙ سنڌ جي فنڪارن کي خراج تحسين

    پيارا ممتاز وگهيا توهان جي مهرباني جو توهان کي منهنجي هي موڪليل پوسٽ تمام گهڻي وڻي، ادا ممتاز ان سلسلي ۾ توهان جا وڊيو پڻ تعريف جي لائق آهن جس لهڻو۔ ريڊيو پاڪستان واريون ڪجهه تصويرون اڃان رهيون آهن سي توهان سان گڏ سنڌ سلامت جي سڀني دوستن کي ارپيان ٿو
    [​IMG]
    معروف شاعر ۽ ريڊيو پاڪستان جو سينئر ترين اينڪر محترم پروانو ڀٽي طبلي نواز استاد نذير ۽ الغوزي نواز اڪبر خميسو کي خراج تحسين پيش ڪري رهيو آهي۔​


    [​IMG]
    ريڊيو ۽ ٽي وي جا ٻه معروف اينڪر هڪڙو آهي ادا محمود مغل ۽ ٻي اينڪر جو نالو وسري ويو اٿم​


    [​IMG]

    مُسڪرائيندڙ چهرن وارا ماڻهو هرڪنهن کي وڻندا آهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي هن تقريب جا خوبصورت شريڪ ٿيندڙ

    [​IMG]

    [​IMG]
    سائين منهنجا ڳالهه وري به مُسڪرائيندڙ چهرن تي اچي بيٺي

    [​IMG]
    هڪڙي ماڊل فنڪاره جنهن ملڪه ترنم نورجهان واري فلم هيررانجها واري گيت سُڻ ونجلي دي مٺڙي تان وي ، مين تان هو هو گئي قربان تي بهترين ٽيبلو ڪيو، اهو ٽيبلو وارو وڊيو معمولي غلطي جي ڪري مونکان ڊيليٽ ٿي چُڪو آهي نه ته اهو ڏسي يقينن سنڌ سلامت جا سمورا ساٿي انتهائي خوش ٿين ها​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو