نثارناز
سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو السلام عليڪم جيئي سنڌ ، گُذريل هفتي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پاران تمغو امتياز حاصل ڪندڙ سنڌ جي ٻن فنڪارن طبلي نواز اُستاد نذير خان ۽ الغوزي نواز اڪبر خميسو خان کي پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ خدمت ڪرڻ عيوض خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ان سان هڪ شام ملهائي وئي، هي خوبصورت تقريب ريڊيو پاڪستان جي وشال اڱڻ تي ٿي، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پاران باقائده سنڌ سلامت جو نالو وٺي اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو ويو ۽ لائيو www.sindhsalamat.com جا هن خوبصورت تقريب جي فوٽي گرافي ڪرڻ تي ٿورا مڃيا ويا، ۽ اهي رمارڪس حيدرآباد ۽ ڀر پاسي جي علائقي جي ماڻهن ٻُڌا جيڪي اڃان تائين ريڊيو ٻُڌڻ جا شوقين آهن. جيئن ته مان ۽ اداعبدالغفور سمون هن تقريب ۾ مهمان جي حيثيت سان پڻ شريڪ ٿياسين ان ڪري هن تقريب جو اکين ڏٺو احوال تصويري صورت ۾ اسان ٻنهي جي مشترڪا پيش ڪش آهي.
پيش آهن ان تقريب جون تصويرون









