جو ئي آھيان، سو ئي آھيان!

'سچل سارو سچ' فورم ۾ عامر خان چاچڙ طرفان آندل موضوعَ ‏7 آڪٽوبر 2014۔

  1. عامر خان چاچڙ

    عامر خان چاچڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    220
    ورتل پسنديدگيون:
    540
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ماڳ:
    شهيد بينظير آباد (نوابشاه)

    [​IMG]

    جو ئي آھيان، سو ئي آھيان!ھندو مومن ناھيان مان!ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي، آءٌ جو ئي آھيان، سو ئي آھيان!ڪو مومن چوي ڪو ڪافر چوي، ڪو جاھل نالو ظاھر چويڪو ساحر چوي ڪو شاعر چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان!ڪو پنٿ چوي ڪو سنت چوي، ڪو باغ بھار بسنت چويڪو ميراثي ڪلونت چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان!ڪو ملان چوي ڪو قاضي چوي، ڪو مفتي چوي ڪو غازي چويڪو روزيدار نمازي چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان!ڪو رد چوي ڪو بد چوي، ڪو بيديني بيحد چويڪو مشرڪ ڀي ملحد چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان!ڪو صورت ۾ انسان چوي، ڪو شر ڀريو شيطان چويڪو بزرگ جو مستان چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان!ڪو سست چوي ڪوسرمست چوي، ڪو راه تي دين درست چويڪو عاشق روز الست چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان!ڪو زير زبر زنديق چوي، ڪو رھنما رفيق چويڪو غرقي منجھ عميق چوي، آءُ جو ي آھيان سو ئي آھيان!ڪو رنگ ڪو بي رنگ چوي، ڪو مستو مست ملنگ چويڪو ننگي ڪو بي ننگ چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان!ڪو حالي چوي ڪو قالي چوي، ڪو خاص الخاص خيالي چويڪو ازلي مست موالي چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان!ڪو شڪ چوي ناحق چوي، ڪو بات اھا برحق چويمونکي مرشد عبدالحق چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان!ڪو خاص چوي ڪا عام چوي، ڪو پختو چوي ڪو خام چويڪو ’سچو‘ سچو نام چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان!
    (سچل سرمست)



     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    388
    ورتل پسنديدگيون:
    875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    School Operator SEF
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    زبردست
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. مير ماجد نوناري

    مير ماجد نوناري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    19
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    203
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڪيلفورنيا.
    واه واه...واه جو مزو ڪرايو اٿو... مهرباني.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو