محمد خان سيال
سينيئر رڪن
قربانيءَ جي مخالفن کان هڪ سوال
اسان جا ڪجھه فيشني سنڌي نوجوان دوست، جانورن جي قربانيءَ خلاف ڪيترن ڏينهن کان فيس بوڪ تي پوسٽنگس ڪري رهيا آهن ـ مان هت انهيءَ بحث ۾ پوڻ بدران، اهڙن نوجوانن کان سکڻو هڪ سوال پڇان ٿو ته هو عيد جي موقعي تي جانورن جي قربانيءَ جي ته مخالفت ڪن ٿا پر ڇا عام زندگيءَ ۾ هو جانورن جو گوشت جھڙوڪ ٻڪري، ڳئون، ڪڪڙ وغيره ڪونه واپرائيندا آهن؟ اميد ته هو سچائيءَ سان انهيءَ سوال جو جواب ڏيندا ۽ گوشت ڪتب آڻڻ جي صورت ۾، اهو به ٻڌائيندا ته ڇا هو ائين ڪري جانورن تي ٿيندڙ ظلم جي همت افزائي نه ٿا ڪن؟