• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

قربانيءَ جي مخالفن کان هڪ سوال

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
قربانيءَ جي مخالفن کان هڪ سوال
اسان جا ڪجھه فيشني سنڌي نوجوان دوست، جانورن جي قربانيءَ خلاف ڪيترن ڏينهن کان فيس بوڪ تي پوسٽنگس ڪري رهيا آهن ـ مان هت انهيءَ بحث ۾ پوڻ بدران، اهڙن نوجوانن کان سکڻو هڪ سوال پڇان ٿو ته هو عيد جي موقعي تي جانورن جي قربانيءَ جي ته مخالفت ڪن ٿا پر ڇا عام زندگيءَ ۾ هو جانورن جو گوشت جھڙوڪ ٻڪري، ڳئون، ڪڪڙ وغيره ڪونه واپرائيندا آهن؟ اميد ته هو سچائيءَ سان انهيءَ سوال جو جواب ڏيندا ۽ گوشت ڪتب آڻڻ جي صورت ۾، اهو به ٻڌائيندا ته ڇا هو ائين ڪري جانورن تي ٿيندڙ ظلم جي همت افزائي نه ٿا ڪن؟
 
رڳو گوشت نه پر چمڙو وغيره به استعمال ڪن ٿا، جانورن جي سڱن، کل ۽ ڏندن وغيره مان تيار ٿيل شو پيس وغيره استعمال ڪن ٿا..
پر ان ڳالهه کي هو مڃيندا ڪونه ڇو ته هو پنهنجي گپ ۾ پاڻ ئي ترڪن پيا..
ڳالهه اها آهي ته اسان جا اهي دوست مذهب فوبيا ۾ مبتلا ٿي ويا آهن،
اهي پنهنجي مٿان ڪنهن قسم جي اهڙي پابندي نه ٿا لاڳو ڪرڻ چاهين جڏهن ته حقيقت ۾ مذهب نالو ئي اهڙي پابندين جو آهي جنهن سان ماڻهو مهذب ٿي سگهي ٿو...
 
Back
Top